پيپلز پارٽي جا 44 سال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2014۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    30 نومبر تي پاڪستان جي هڪ مشهور سياسي جماعت پيپلز پارٽي پنهنجو 44 هون يوم تاسيس ملهايو ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلسا پڻ منعقد ڪيا ويا پر انهيءَ موقعي تي پارٽي جو چيئرپرسن بلاول ڀٽو ۽ شريڪ چيئرپرسن ۽ صدر آصف علي زرداري ڪنهن به جلسي ۾ نظر ڪونه آيا.


    وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني خيبرپختونخواه ۽ شام جو سنڌ جي شهر سکر ۾ پارٽي جي جلسن ۾ شرڪت ڪئي. پيپلز پارٽي گذريل 44 سالن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ترقي تنزل جو منهن ڏٺو آهي جن مان 30 سال تائين پ پ حزب اختلاف جو ڪردار نڀايو آهي.


    ذوالفقار علي ڀٽو ”اسلام اسانجو مذهب، سوشلزم اسانجي معيشت، جمهوريت اسانجي سياست، طاقت جي بنياد عوام، واري منشور سان 30 نومبر 1968 تي لاهور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي، اٽو لٽو ۽ اُجهو جو نعرو هنيو هو.


    سندس حڪومت ۾ پاڪستان جو آئين ٺاهيو ويو، ائٽمي پروگرام شروع ٿيو، اسٽيل ملز ۽ هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪس جهڙيون صنعتون قائم ٿيون، پورهيت جي حقن لاءِ قانون سازي سوڌو ڪيترا ئي ترقياتي ڪم پڻ ٿيا. ان کان علاوه سندس حڪومت ۾ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ٿيو، نيپ جي حڪومتن جو خاتمو آندو ويو، مفتي محمود خان ۽ خان عبدالولي خان سميت ڀٽو جي ڪيترن ئي مخالفن کي جيل اُماڻيو ويو. انهن ڪاررواين جي ڪري ڀٽو هڪ تڪراري هستي پڻ بڻجي ويو. پر اڄ به سندس دشمن مڃيندا آهن ته ذوالفقار علي ڀٽو 5 سالن دوران جيترا ڪم ڪيا سندس حڪومت کانپوءِ فوجي يا سياسي اڳواڻ 10 سالن تائين اوترا ڪم ڪونه ڪري سگهيا. اوهانکي اِها ڳالهه ٻڌائڻ لازمي آهي ته 1977 ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد جيتري عرصي تائين فوجي حڪمران اقتدار تي قابض رهيا اوتري عرصي تائين سياسي جماعتن کي اقتدار نصيب ڪونه ٿي سگهيو.


    ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي بعد سندس ڌيءُ بينظير ڀٽو سياسي ميدان ۾ قدم رکيو ۽ ضياء الحق جي مارشل لا واري عرصي دوران سندس پيءُ جا ڪيترا ئي ويجها دوست کيس اڪيلو ڇڏي ويا جن ۾ غلام مصطفي جتوئي، ممتاز ڀٽو، غلام مصطفي کر، ڊاڪٽر مبشر حسن، ڊاڪٽر غلام حسين، عبدالحفيظ پيرزادو وغيرو شامل آهن.


    پر هوائي جهاز واري حادثي ۾ ضياء الحق جي موت بعد رياستي سرپرستي ۾ اسلامي جمهوري اتحاد ٺاهي سندس رستو روڪڻ واريون ڪوششون بُري طرح ناڪام ٿيون ۽ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ۽ بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم بڻجي وئي. پر سندس حڪومت کي مُدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو. 1993 واري اليڪشن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس جماعت وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ۽ بينظير ڀٽو ٻيون ڀيرو وزير اعظم چونڊجي وئي. 27 ڊسمبر 2007 تي شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ لياقت باغ واري جلسي کانپوءِ هڪ خودڪش حملي ۾ قتل ڪيو ويو.


    اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جي ليڊر شپ سندس مڙس آصف علي زرداري کي ملي وئي ۽ فيبروري 2008 جي چونڊن بعد اقتدار سنڀاليو ته ڪيترا ئي ماڻهو ڪاوڙجي پيا. پهريان مخدوم امين فهيم خوش نه هو پر بعد ۾ کيس وزارت ڏني وئي. ميان رضا رباني کي سينيٽ جي چيئرمين جي سيٽ ڪونه ملي سگهي تنهنڪري سائين ڪاوڙيل هئا پر آئين ۾ ترميم پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪاميٽي جي سربراهي سوڌو اهم ذميواريون نڀائيندو رهيو. ججن جي بحالي واري سوال تي اعتزاز احسن پارٽي جي قيادت کان پري ٿي ويو پر بعد ۾ حڪومت ۽ عدليا ۾ پُل جو ڪردار پڻ ادا ڪيائين.


    پر بينظير ڀٽو جي سياسي سيڪيٽري ناهيد خان ۽ سندس مڙس صفدر عباسي پيپلز پارٽي جي نئين صدر جو شڪار بڻجي ويا. هاڻي ٻئي ذال مڙس صدر آصف علي زرداري جا مخالف آهن. اهڙي حالتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ جي متعلق چوٻول ٿي رهيا آهن.


    ناهيد خان ۽ صفدر عباسي جي ناراضگي جي متعلق سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ آهي ته اِهو سياسي نه بلڪ جائيداد وارو مامرو آهي. سندس موجب ناهيد خان کي اُها جائيداد بينظير ڀٽو جي ٻارن حوالي ڪرڻي پوندي جيڪا سندس وٽ آهي.


    جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي جو تعلق آهي ته انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اُها گورننس، مهانگائي، ڪرپشن، غربت ۽ بيروزگاري جهڙا مسئلا ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي. پر پيپلز پارٽي جو چوڻ آهي ته اُها ضمني چوندن ۾ اُهي سيٽون کٽي رهي آهي جيڪي بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ ٿيندڙ اليڪشن ۾ کٽي نه سگهي هئي. خورشيد شاهه جا ”سڀ ماڻهو رب کان به خوش نه هوندا آهن.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو