• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مرد عورتن کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.. سروي برطانيا

شيرين

سينيئر رڪن
برطانيا ۾ ٿيل سروي موجب عورتن جي مقابلي ۾ مرد نه رڳو وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن بلڪ مردن کي ڪوڙ ڳالهائيندي مهل ندامت جو احساب ڪونه ٿيندو آهي. اِهو سروي لنڊن جي سائنس ميوزيم ڪيو ويو جنهن ۾ 300 ماڻهن شامل آهن.


سروي موجب ريسرچ ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيو آهي ته هڪ عام برطانوي مرد روزانو 3 ڀيرا ڪوڙ ڳالهائيندو آهي يعني سال ۾ هڪ هزار ٻانوي ڀيرا ڪوڙ ڳالهائيندو آهي.


مردن جي مقابلي ۾ برطانوي عورتون روزانو ٻه ڀيرا ڪوڙ ڳالهائي ايمانداري جو اظهار ڪنديون آهن. هڪ عورت سال ۾ 128 ڀيرا ڪوڙ ڳالهائيندي آهي. سروي موجب وڌيڪ ماڻهون پنهنجي ماءُ سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن جن ۾ 25 سيڪڙو مرد ۽ 20 سيڪڙو عورتون شامل آهن.


ماءُ جي مقابلي ۾ صرف 10 سيڪڙو ماڻهون پنهنجي جيون ساٿي سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. 82 عورتن کي ڪوڙ ڳالهائڻ کانپوءِ ندامت جو احساس ٿيندو آهي جڏهن ته مردن ۾ اِهو تناسب 70 سيڪڙو ٿيندو آهي.


ان سروي سان اِها ڳالهه واضح ٿي آهي ته 44 سيڪڙو ماڻهون اهڙو ڪوڙ قبول ڪندا آهن جنهن سان ٻين کي نقصان نه ٿيندو هجي. 52 سيڪڙو برطانوي مرد سمجهدا آهن ته عورتون گهٽ ڪوڙ ڳالهائينديون آهن پر مردن کان بهترين انداز ۾ ڪوڙ ڳالهائينديون آهن.


ماهرن موجب ڪوڙ ڳالهائڻ انساني فطرت جو اهڙو عمل آهي جنهن کان بچي سگهجي ٿو پر معاشرتي تعلقن ۾ ان جي اهميت آهي.
 
Back
Top