• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن کان سُٺو ٿيندو آهي: تازي ريسرچ

شيرين

سينيئر رڪن

تازي ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن کان سُٺو ٿيندو آهي. هيلٿ سپلمنٽ انسٽيٽيوٽ ”بائيو گلين“ پاران ڪيل سروي سان معلوم ٿيو آهي ته اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن جي مقابلي ۾ سُٺو ٿيندو آهي.


هن ريسرچ ۾ 5 هزار ماڻهن کي شامل ڪيو ويو. تجرباتي رپورٽ سان واضح ٿيو ته اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن کان سُٺو هو، هن ڏينهن ماڻهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ آرام ڪيو، پنهنجو من پسند کاڌو کائڻ کي ترجيح ڏني. ماهرن هن ڏهاڙي کي ماڻهن جي رويي جي حساب سان بهترين ڏهاڙو قرار ڏنو آهي. سوري يونيورسٽي جي نفسياتي ماهر ڊاڪٽر وڪي سينئر چيو ته هي اهڙو ڏينهن آهي جڏهن اسين پنهنجي زندگي تي مڪمل طور اختيار حاصل ڪري سگهون ٿا پر اِهو رويو غير مستقل طور هڪ ڏينهن لاءِ ٿيندو آهي.
 
Back
Top