ڪامران اڪبر سومرو
سينيئر رڪن
مزدور
ڪامران اڪبر سومرو
اي وقت جا حاڪم،
ڇا توکي خبر آ!؟
مزور ، هاري،
هي ڪڙمي جيڪي،
ڏينهن تتي جو،
محنت ڪن ٿا،
بار کڻن ٿا،
مٿن تي پنهنجي...
هر ٿا ڪاهن،
زمين کي جيڪي
بڻائن ٿا گلشن!
تن جي ڪري ئي،
آباد آهي
هيءَ شهنشاهي تنهنجي!
قيمتي تن جي
پگهر جا قطرا،
تنهنجي محل جي
هيرن، موتي، لعلن کان!
هنن جي همت،
هنن جو جذبو،
عظيم آهي!
عظيم آهي
جنون تن جو،
نه گهٽيو ڪڏهن آ!
هنن جو رتبو
عظيم تر آ!
عظيم تر آ!
اي وقت جا حاڪم،
ڇا توکي خبر آ!؟
ڪامران اڪبر سومرو
اي وقت جا حاڪم،
ڇا توکي خبر آ!؟
مزور ، هاري،
هي ڪڙمي جيڪي،
ڏينهن تتي جو،
محنت ڪن ٿا،
بار کڻن ٿا،
مٿن تي پنهنجي...
هر ٿا ڪاهن،
زمين کي جيڪي
بڻائن ٿا گلشن!
تن جي ڪري ئي،
آباد آهي
هيءَ شهنشاهي تنهنجي!
قيمتي تن جي
پگهر جا قطرا،
تنهنجي محل جي
هيرن، موتي، لعلن کان!
هنن جي همت،
هنن جو جذبو،
عظيم آهي!
عظيم آهي
جنون تن جو،
نه گهٽيو ڪڏهن آ!
هنن جو رتبو
عظيم تر آ!
عظيم تر آ!
اي وقت جا حاڪم،
ڇا توکي خبر آ!؟