• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نصرپور جي بهترين شاعر ڍول گهراڻو جي شاعري گيت

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
گيت ڍول گھراڻو

سکيا رهن شل هي سنڌي سارا ، سکيا رهن شل هي سنڌي سارا

وسندا رهن شل سنڌو ڪنارا ڙي يار منهنجي سنڌ وارا .

سنڌ وارا ڙي منهنجا مارو پيارا

صدين کان ثقافت آهي جن جي نرالي

سوسي کيس گربي ڪاشي چٽسالي

نزاڪت ۾ جنهن جا سڀئي گل نيارا ڙي يار منهنجي سنڌ وارا

پيار محبت مٺڙي مهماني

امن پرستي تن جي نشاني

جانيون نگن تان ڪن نثارا ڙي يار منهنجي سنڌ وارا

هر دور ۾ جن کي ڏاڍم ڏهڪايو

ڏاڍن ڏهڪايو آ ڏاڍو ستايو

جاڳيا هي جُنگَ جيارا ڙي يار منهنجي سنڌ وارا

ڍول سنڌ ساري ستابي رهي

خوشين ۾ کلندي هر ناري رهي

ڇيريون پائي ڪن ڇمڪارا ڙي يار منهنجي سنڌ وارا




گيت ڍول گھراڻو

دلدار تو بنا هيءَ محفل سڄڻ سڃي آ

منهنجي ديد تو ڪئي آلي واپش سڄڻ وڃي آ

تنهنجي اچڻ سان ڪيئي کلنديون هنيون بهارون

ٽهڪن تي ٽهڪڙن جون ٽلنديون هنيون قطارون

مهڪي ٿي تو اچڻ سان سا راھ اڄ رڃي آ

توکي ڏسي هو پيئندو جو پريم جو پيالو

تنهن لئه ڪٽڻ ڏکيو ٿيو هي قرب جو ڪشالو

محبت جي مئي ڪشي جي هر آس ٿي اُڃي آ

ايڏي نه ڪر ڏاڌائي مغرور ڍول منهنجا

مان ئي خطائي آهيان ڪر معاف ٿورا تنهنجا

ڪاوڙ ڪڍي قلب مان ورُ عرض هي مڃي آ
 
ڍول گهراڻو نصرپور جو هڪ سٺو شاعر ۽ استاد آهي جنهن جي شاعري حاضر آهي ان تي دوست پنهنجا ويچار ونڊين
 
Back
Top