مون جواب ڏنو تون شهرت جي بلندين ۾ آهين ، منهنجي دل دماغ ۾ آهين، منهنجي جان ۾ ،منهنجي روح ۾ ، منهنجي سوچن ۾ منهنجي ساه ۾ منهنجي سرير ۾ آهين۔ ، منهنجي تحريرن ۾، منهنجي خوابن ۾ منهنجي خيالن ۾ منهنجي پوري وجود ۾ آهين۔ هن مسڪرايو ۽ وري پڇيو ته مان ڪٿي نه آهيان مون اهيو ٻڌي ڪجهه دير لاء سوچ ۾ رهي ڪري ۽ پوء هٿ مٿي ڪري هن کي چيم ته تون منهنجي هن قسمت جي لڪيرن ۾ ناهين۔
جواب: هڪ ڏينهن محترم دوست، اڄ اوهان ڪيترن ڏانهن کانپوءِ ڪا پنهنجي ڪاوش ۽ اندر جو اڌمو پيش ڪيو آهي ۔۔۔ هي سوال ۽ هي جواب ۔۔۔ فلسفيانه انداز جو سوال آهي ۽ ساڳي ئي طرز جو جواب ۔۔۔ shabash پر ادا جڏهن هو (محبوب) رڳن ۾ نسن ۾ تن ۾ من ۾ هجي ته پوءِ قسمت جو عمل دخل ختم ٿي وڃي ٿو۔۔۔ ڇاڪاڻ ته جڏهن محبوب اوهانجي پنهنجي جان ٿي پوي ٿو ته پوءِ انجو فراق يا وصال ٻئي برابر هوندا آهن ۔۔۔ محبوب ڳولهي ڏس من ۾ الا، من ۾ الا هو تن ۾ الا ۔۔۔ محبوب ڳولهي ڏس من ۾ الا ۔۔۔ ڪــــــــــي ويجهــــا ئي ڏور، ڪـــــي ڏور به ويجهــــــا سپــــرين، ڪـــــــــي چڙهــــــــن نــــــه چت تي، ڪي وســــــرن نه مـــــور، جيئن مينهن ڪنڍيائي ڪور، تيئن دوست وارڪو دل سين۔