مالڪ جنهن کي چوندا آهيون تنهن جا سڀئي ويس جنهن مونکي بخشيو ڏيهه ۾ پرڏيهه جنهن شئي تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو مونکي پيءُ جو نقش هن کي پنهنجو چوان ته ڪيترا ئي ڪاوڙجي ويندا آهن اسين قوم بدران رڍ آهيون. اندريان ٻاهريان رڍ. ناناڻن ڏاڏاڻن کان رڍ. سادي دريءَ ۾ جيڪو ڄائو سو رڍ. جيڪو ڦُٽندو سو رڍ. جيڪو ٿيو سو رڍ. اسين ڪڏهن به ڪنهن کي به ڪجهه نه چئون ٿا. ڪڏهن ڇيهو رسايون ٿا ته پنهنجن کي، ڪجهه ڪجهه وڳاڙيندا آهيون ته پنهنجن جو. دشمنن کان سسيون وڍائيندا آهيون، کلون لهرايون آهن. دشمنن اڳيان سسي نٿا کڻون. ڪڏهن دشمنن جي اکين ۾ اکيون وجهي ناهي ڏٺو. سدائين نظرون هيٺ جهڪائيندا آهيون. اسان سان هتي لکين ٿيون ذيادتيون اسانجون زبانون سدائين خاموش رهيون ڪڏهن ڪڏهن خيال اچي هو ته پنهنجي ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن کي ٻڌايون پر ٻُڌندڙن کي اسانجي ڪهاڻي کان ڇا حاصل ٿيندو. پر وري سوچيندا آهيون ته رڍ چال کان ماڻهون پري رهن، رڍن کان علاوه نه. پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ٻڌائڻ رڍ چال آهي. اسين وقت کان پوئتي ڇو رهون. اسان کان ڪڏهن به ڪو وڏو ڪم ڪونه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب اسانجي مرڻ کانپوءِ يا هن دنيا ۾ نه رهڻ کانپوءِ به اسانجو نالو زنده رهي. ٿي سگهي ٿو ته هن ڪهاڻي سبب ڌرتي تي اسانجو به نالو لکيو وڃي. ان ڪري اهو ڪشٽ ڪيو آهي ۽ توهانکي به ڪشت ڏنو آهي ته اسانجي ڪهاڻي اسانجي زباني ٻُڌندا. جٿي رهندا هئا سين هتان جي ڏاهن پنهنجي ٻارن کي سمجهايو. کائو، پيئو، محنت ڪريو ۽ جان ٺاهيو. ڇاڪاڻ ته سنسار ۾ هن ماڻهون کي مان سمان ڏنو وڃي ٿو جيڪو سڀ کان سگهارو هوندو آهي. توهان ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪجو جنهن سان توهانجي جان ۽ ساک متاثر ٿئي ۽ توهانجي سگهه ۽ جسم متاثر ٿئي. اسين رڍن مان ڪو به سياڻو ناهي ۽ جيڪڏهن ڪو هجي ها ته به رڍون سندس ڳالهه ڪونه ٻڌن ها. ڇاڪاڻ ته رڍن جو اصول آهي ته ڪڏهن به پنهنجي سياڻي جي ڳالهه نه مڃو. سندس هدايت تي عمل نه ڪريو. ته جيئن هو آڪڙجي ڪري توهانجو اڳواڻ نه بڻجي وڃي. رڍن جو ٽولو سدائين چاهي ٿو ته هنن مان ڪو به اڳواڻ نه بڻجي سگهي. سڀنيءَ جو منهن هيٺ هجي. سڀئي رڍون سدائين ڪنڍ جهڪائي هلن. سڀنيءَ جو ڌيان ڌرتي ڏانهن هجي. برادري جيڪڏهن انڌي کوهه ڏانهن منهن ڪرڻ ته سموريون رڍون انڌي کوهه ۾ وڃي ڪرن. انڌي کوهه ۾ ڪرڻ کان ڪو نه بچي ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي اها ڳالهه چوڻ جي قابل نه رهي ته منهنجي ڏاهپ توهان کان مٿانهين آهي يا منهنجي سوچ توهان کان افضل آهي ان ڪري آئون کوهه ۾ ڪرڻ کان بچي ويو آهيان. ان ڪري پاڙيسيري ڏاهن جي ڳالهه تي عمل ڪريو. اُهي پنهنجي ٻارن کي محنت ڪرڻ، ورزش ڪرڻ ۽ باڊي بلڊنگ ڪري جسم وڌائڻ جي هدايت ڪندا هئا. هنن کي ڏسي اسين به کائڻ پيئڻ شروع ڪيو، جان ٺاهڻ شروع ڪئي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اسانجا ڇيلا، سگهارا ۽ رڍون بڻجي ويا. منڍيون تي واڌارو گوشت چڙهي ويو، بلڪ سمورو جسم گوشت ۽ چرٻي سان ڀرجي ويو. پر نصيب جي راند ڏسو هيڏانهن رڍون ٿلهيون ٿيون ۽ هوڏانهن پاڙيسيرين جي گهر عيد اچي وئي. سمورا ٿلها نر عيد جي ڏينهن قربان ٿي ويا ۽ رڍن جو ٽولو ويران ٿي ويو. دل چيو پئي ته ڪنهن سٺي پاڙيسيري ماڻهون اڳيان رب جو نالو کڻي فرياد ڪريون. پر جنهن به سٺي ماڻهون جي در تي ويا سين، هو رب جي نالي تي رڍ کي پڪڙي هن جي کل لاهي رهيو هو. هن ڏکي عيد کانپوءِ بيزار ٿي ڪري رڍن جي ٽولي جهنگل ڏانهن رُخ ڪيو. جهنگل ۾ گاهه جي گهٽتائي ڪونه هئي، نه پاڻي جي کوٽ هئي. سايون جڙي بوٽيون ۽ رنگين خوشبودار گُل کائي، وهندڙ واهن جو ٿڌو مٺو پاڻي پيئندي رڍون جوان ٿي ويون. هتي عيد جي ڏائڻ ته ڪونه ايندي هئي جيڪا هڪ ئي دفعو سمورا نر چونڊي کڻي وڃي پر ڪڏهن ڪڏهن گدڙ يا بگهڙ ايندا هئا ۽ هڪ ٻه ڇيلا کڻي ويندا هئا. جهنگل جي کلي هوا جي تاثير هئي يا قدرتي پاڻي جي وهندڙ واهه جي ٿڌي پاڻي جي برڪت هئي جو رڍن جي ٽولي ۾ هڪ ڏاهو ڄائو. هن رڍن کي هڪ ٻي کان پري چرڻ کان جهليو ۽ هڪ هنڌ گڏجي ڪري رهڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ”ٽولو ٺاهي رهندا ڪريو، ٽولي ۾ برڪت آهي. سنسار ۾ جن به قومن ڪاميابي ماڻي اُهي ٽولو ٺاهي رهنديون هيون.“ اسين رڍن پنهنجي ڏاهي جي هدايت تي عمل ڪيو. جيڪي رڍون جبل تي چڙهي ويون هيون اُهي جبل کان لهي آيون. جيڪي واهه پار ويون هيون اُهي به موٽي آيون. ڪڻو ڪڻو ٿيل رڍون هڪ هنڌ گڏ ٿيون. پر اڳتي توهانکي ڇا ٻڌايان. توهانکي اها ڳالهه ٻڌائيندي مهل منهنجو هانو ڦاٽي رهيو آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ته جندڙي موڪلائي ويندي. شينهن ۽ بگهڙن اسانکي هڪڙي هنڌ گڏ ڏٺو ته هڪ ئي مهل حملو ڪيائون. ڌار ڌار هجون ها ته هڪ ٻه رڍون مرن ها. هڪڙي هنڌ ٽولو ٺاهي رهڻ سان سوين رڍن کي موت آئي. رڍن کي ٽولو ٺاهي رهڻ راس ڪونه آيو. بلڪ گڏجي رهڻ هنن لاءِ ڏکيائي جو ڪارڻ بڻجي ويو. اسان مان جن رڍن جي مٿي تي سڱ آهن اُهي چونديون آهن ته هاڻي مقابلو ڪئي بغير ڪونه مرندا سين. اڃان تائين اسان سان گهڻو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي. هاڻي منڍي ڪٽرائڻ ۽ کل لهرائڻ لاءِ دل نٿي چوي. اچو ته اسين گڏجي ڪري اهو واعدو ڪريون ته رڍن جي قوم تي صدين کان ٿيندڙ ظلم جو سلسلو ڪونه هلڻ ڏيندا سين. اسين وڌيڪ ظلم ۽ ستم برداشت ڪونه ڪندا سين. اڄڪلهه رڍن جي قوم سوچي رهي آهي. توهانکي خبر آهي ته اسين گاهه کائڻ لاءِ منڍي ڌرتي کان نه کڻندا آهيون. نه اها ڳالهه ناهي! اسين گهرائي سان سوچي رهيا آهيون ته اهڙو ڇا ڪجي، ڪهڙي ڪوشش ڪجي، ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته اسين لک لهرائڻ جي چڪر مان نڪري سگهون يا ڪڏهن ائين ٿي سگهي ٿو ته اسين به منڍي وڍندڙ ۽ کلون لاهيندڙ برادري ۾ شامل ٿي سگهون ٿا. اهو سوچندي رڍون ڌرتيءَ کان منڍي ڪونه کڻي سگهن ٿيون........... منڍي ڪونه کڻي سگهن ٿيون.........