• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چانهه پيئندڙن کي برا خواب نه ٿا اچن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
جاپاني ماهرن موجب چانهه پيئندڙن کي سمهڻ مهل برا خواب نه ٿا اچن. ني هون يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسڪ جي جاپاني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو ڏينهن ۾ هڪ يا ٻه ڀيرو چانهه پيئندا آهن هنن کي ننڊ ۾ برا خواب اچڻ جو خدشو 50 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي.


ريسرچ موجب چانهه ۾ موجود ڪيميڪل ذهن کي سڪون ۾ رکن ٿا ۽ ذهني دٻاءُ پڻ گهٽائين ٿا جنهن سان پرسڪون ننڊ اچي ٿي.


هڪ ٻئي ريسرچ ۾ هڪ ڊچ ماهر ٻڌايو ته 80 سيڪڙو عورتن کي برا خواب اچن ٿا. هن ريسرچ لاءِ هڪ هزار ڄڻن تي ريسرچ ڪئي ويئي.
 
برا خواب انهن انسانن کي وڌيڪ ايندا آهن جيڪي ڏينهن رات مختلف ڪم ڪارين جي ٽينشن ۾ يا ڪنهن به قسم جي ذهني پريشاني ۾ وقت گذاريندا هجن. چانهه يا اهڙا کاڌا يا عمل ( نماز پڙهڻ، قرآن پاڪ جي تلاوت يا ذڪر وغيره ڪرڻ) جن سان ذهن کي سڪون ملندو هجي انسان جي جسم تي تمام سُٺا اثر پيدا ڪندا آهن. انهي ڪري برن خواب جو چانهه پيئڻ سان گهٽجي وڃڻ عين ممڪن آهي.
 
چانهه ۾ جيستائين چار خوبيون نه آهن ته چانهه ۾ مزو نه هوندو آهي ، اها چانهه بي ذائقي اڻوڻندڙ هوندي آهي.
1. چانهه لبريز هجي،
2. چانهه لب دوز هجي،
3. چانهه لب سوز هجي،
4. ۽ هر هر ڊوز هجي ۽ روز روز هجي.
اهڙي چانهه پيئڻ کان پوءِ يقينن برا خواب نظر نه ايندا.
 
Back
Top