• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مڇي وڌيڪ کائڻ سان فالج جو خطرو گهٽ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو دورو پوڻ جو خطرو هنن ماڻهن کان گهٽ آهي جيڪي مڇي نه کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن. اِها ڳالهه سويڊن جي ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي ماهرن سوزانه لارسن، نڪولا ۽ سني جي سائنسي اخبار ”اسٽروڪ“ ۾ ڇپيل تازي رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي آهي.


ماهرن جو چوڻ آهي ته مڇي ۾ موجود اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ سان بلڊ پريشر ۽ ڪولسٽرول تي سُٺو اثر پوي ٿو جنهن سان فالج جو خطرو پڻ گهٽجي ٿو. اِهو نتيجو آمريڪا، يورپ، جاپان ۽ چين ۾ جاري 15 ريسرچز جو آهي. هنن مان هر ريسرچ ۾ ماڻهن کان پڇيو ويو ته اُهي هفتي ۾ ڪيترا ڀيرا مڇي کائيندا آهن بعد ۾ 4 کان 30 سالن ۾ اِهو ڏٺو ويو ته هنن مان ڪيترن ماڻهن کي فاليج جو اٽيڪ ٿيو.


آمريڪا جي هاورڊ اسڪول ۾ وچڙندڙ بيمارين جي ماهر دار يوز مظفرئين چيو ”منهنجو خيال آهي ته مڇي ۾ ڪل اوميگا ٿري سان گڏ اضافي غذائي خاصيتون موجود آهن جنهن سان فاليج جو خطرو گهٽجي ٿو.“


مظفرئين چيو ته مڇي ۾ موجود وٽامن ڊي، سلينيم سان گڏ مختلف پروٽينز سان فالج کان بچاءُ ٿيندو آهي. هن چيو ته انهيءَ ڳالهه جا ثبوت مليا آهن ته هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مڇي کائڻ صحت لاءِ فائديمند آهي.


ريسرچ جا انگ اکر 30 کان 103 سالن جي عمر جي 4 لک ماڻهن کان گڏ ڪيا ويا آهن. هر هفتي ٻه ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو خطرو 6 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو.


هر ريسرچ ۾ ڪثرت سان مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فاليج جو خطرو هنن ماڻهن کان 12 سيڪڙو گهٽ آهي جيڪي تمام گهٽ مڇي کائيندا آهن. مظفرئين جي ريسرچ سان خبر پئي آهي ته تريل مڇي يا فش سينڊوچ کائيندڙ ماڻهن کي فالج ۾ فائدو نه ٿيو پر سندس موجب حالي ريسرچ سان اِهو ثابت ٿيو آهي ته بنا تريل مڇي کائڻ سان فالج جو خطرو گهٽجي ٿو.


سندس چوڻ هو ته فالج جو خطرو گهٽائڻ لاءِ صحتمند خوراڪ کائڻ، وڌيڪ ايڪسرسائز ڪرڻ سان گڏ روٽين چيڪ اپ ڪرائڻ جو شعور بيدار ڪرڻ هنن ماڻهن لاءِ به فائديمند آهي جيڪي مڇي هرگز نه کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن.
 
Back
Top