دماغ جو دشمن ڪير؟

'صحت سرير جي' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2014۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    [​IMG]

    انسان طويل عرصي کان ڪڏهن بادام ۽ اخروٽ کائي، ڪڏهن ذهني آزمائش جون ورزشون ڪري ۽ ڪڏهن مختلف دوائون ۽ طريقن سان پنهنجي دماغي صلاحيت وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. پر ٻئي پاسي ڪو هوريان هوريان سندس دماغ کائي ٿو، هوريان هوريان جيئن ڪوئو شئيون کائي ٿو.

    اسانجو دماغ پنهنجا سمورا ڪم ۽ عمل پنهنجن خلين ذريعي جن کي نيوراڪ چئبو آهي، مڪمل ڪري ٿو، هڪ اندازي موجب انساني دماغ ۾ نيوران جو انگ اوترو آهي جيترو هن ڪائنات ۾ موجود سيارا ۽ ستارا يعني هڪ کرب کان وڌيڪ آهن.

    اسانجو دماغ هڪ ڪمپيوٽر چپ وانگر آهي جنهن ۾ ڪروڙين سرڪٽ آهن جيڪي بجلي سان ڪم ڪندا آهن. دماغ گهربل بجلي پاڻ پيدا ڪري ٿو. اسانجي دماغ ۾ موجود برقي قوت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اِها مقدار 10 کان 23 واٽ جو بلب روشن ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

    دماغ کي پنهنجا ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ گلوڪوز ۽ آڪسيجن گهرجي، انساني رت ٻئي شئيون ميسر ڪري ٿو. اسانجي رت جو 20 سيڪڙو وهڪرو دماغ ڏانهن وڃي ٿو. اسانجو بدن خوراڪ ذريعي گلوڪوز جي جيتري مقدار پيدا ڪري ٿو اسانجو ذهن هن مان 20 سيڪڙو مقدار خرچ ڪري ٿو ۽ اسانجا ڦڦڙ پنهنجي اندر جيتري آڪسيجن جذب ڪندا آهن اسانجو دماغ هن مان به 20 سيڪڙو حصو ڪتب آڻي ٿو.

    سڀ کان اهم سوال اِهو آهي ته اسانجو دماغ ڪير کائي رهيو آهي؟ سائنسدانن موجب اسانجي دماغ جي خلين کي ڪير ٻيو نه پر اسانجو ئي دماغ کائي رهيو آهي. غور طلب ڳالهه اِها آهي ته اسانجو ذهن پنهنجي بُک کانسواءِ سڀ ڪجهه برداشت ڪري ٿو. جيستائين اسانجي دماغ کي مختصر عرصي تائين خوراڪ نٿي ملي اوستائين اسانجو دماغ پنهنجا خليا کائڻ شروع ڪري ٿو.

    اسانجو معدو اسانکي بُک جو احساس ڏياري ٿو، پر دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته بُک معدي کي نه پر دماغ کي محسوس ٿيندي آهي. جڏهن گلوڪوز جي سطح گهٽجڻ لڳي ٿي ته ذهن معدي کي پيغام موڪلي ٿو، ۽ معدي جي حرڪت اسانکي بُک جو احساس ڏيارڻ شروع ڪري ٿي. انڪري ڪيترا ئي ڀيرا معدو ڀريل هجڻ باوجود اسانکي بُک جو احساس ٿيندو آهي ۽ ڪيترا ئي ڀيرا خالي پيٽ هجڻ باوجود بُک جو احساس ڪونه ٿيندو آهي.

    دماغ لاءِ گلوڪوز جي ساڳئي اهميت آهي جيڪا گاڏي لاءِ پيٽرول جي آهي. هن کان پهريان جو دماغ لاءِ ٻارڻ جي سوئي صفر تي پهچي، هو پنهنجا خليا کائي پنهنجي خوراڪ جي مقدار حاصل ڪري ٿو.

    فاڪس نيوز جي ويب سائٽ تي شايع ٿيل رپورٽ موجب نيويارڪ جي الرٽ آئن اسٽائن ڪاليج آف ميڊيسن جي سائنسدانن کي ڊائٽنگ تي ريسرچ ۾ خبر پئي ته نهايت بُک جي حالت ۾ ذهن جو هڪ مخصوص حصو ساڳيو ڪم ڪري ٿو جيڪو اسانجو بدن ڪري ٿو. اسانجو بدن خوراڪ نه ملڻ سبب پنهنجي چرٻي کائي خوراڪ جي مقدار حاصل ڪري ٿو. جنهن سان وزن گهٽ ۽ انسان ڏٻرو ٿئي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ هو ته دماغ ائين هرگز نٿو ڪري سگهي، پر ڪوئن تي سلسليوار تجربن سان ظاهر ٿيو ته گلوڪوز نه ملڻ تي ذهن جو هڪ حصو، جيڪو ننڊ، جسم جو درجه حرارت، بُک ۽ اڃ جهڙا مختلف ڪم ڪري ٿو. پنهنجا ئي خليا کائڻ شروع ڪري ٿو.

    ريسرچ ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رجت سنگهه جو چوڻ هو ته بُک جي سبب جي متعلق سائنسي ريسرچ جي نتيجن سان صحتمند زندگي گذارڻ ۽ پنهنجو وزن ڪنٽرول رکڻ ۾ مدد حاصل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پنهنجي خوراڪ ۾ اهڙو توازن قائم ڪرڻ سان، جنهن سان دماغ جي قوت جون ضرورتون حاصل ٿينديون رهڻ، بدن جي اضافي چرٻي ساڙي سگهجي ٿي.

    انڪري ڊائٽنگ ڪندڙ ماڻهن کي خبردار رهڻ گهرجي ته ڊائٽنگ توڙي بدن جي اضافي چرٻي کائي يا نه کائي، پر هنن جو دماغ کائي سگهي ٿي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    حضرت علي عليه السلام جو فرمانِ اطهر آهي اي انسان تنهنجون بيماريون تنهنجي ڪري ۽ انهن جو علاج به تنهنجي اندر موجود اهي پر تو کي ان جو شعور ڪونهي .
    اي انسان تون پاڻ کي ننڍڙو جيوڙو خيال ڪرين ٿو تنهنجي اندر عالمِ اڪبر سمايل آهي.
    بهترين ٽپ ادي
    وسلام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 مئي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    تحقيقي ليک... اسان جو دوست محترم ممتاز قريشي اڄ ڪلهه مصروف آهي.. نه ته ساڳئي موضوع تي وڌيڪ تفصيلي راءِ ضرور موڪلي ها..!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ساڳيو ليک ساڳئي عنوان سان ادا عباس ڪوريجو پاران 9 آڪٽوبر 2013 تي ونڊ ڪيو ويو هو.
    http://www.sindhsalamat.com/threads/32954/
    دماغ جو دشمن ڪير؟؟؟؟؟؟
    مون هن ليک ۾ ٻڌايل ڪجهه ڳالهين سان اختلاف ڪيو هو ۽ گڏوگڏ دماغ جي نارمل ۽ بک واري ڪيفيت ۾ عمل ۽ ردِعمل تي به تفصيلي روشني وڌي هئي.
    دلچسپي رکندڙ دوست مٿين لنڪ تان ڄاڻ وٺي سگهن ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بس سائين لڳي ٿو پاڻ کي به ڪي بادام اکروٽ کائڻا پوندا... جو اهڙو موضوع وساري ويٺس جنهن ۾ حوالي سان جواب به موڪليو هيم..

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 مئي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو