جنهن ڏينهن خالد دوڪان جي سامهون چار پنج چڪر ڏيندو هو ته آءُ سمجهي ويندو هيس ته ها لڳي ٿو خالد کي اڄ مذدوري ناهي ملي جڏهن ته هو بهترين رازو هو. نه فقط بهترين رازو بهترين انسان ايماندار معاشري جو فرد هو. سلام آهي ان جي شخصيت کي جيڪا بکي ته رهي سگهي پئي پر ڪنهن اڳيان ان لاءِ هٿ نه پئي ٽنگي ته ٿي سگهي ٿو ان جي هٿ کي خالي ورڻو پوي ۽ ان سان ان جي شخصيت کي نقصاان رسي يا ان جي شخصيت مجروح ٿئي. اها هقيقت آهي ته انسان جي غيرت ان جي مانع رهي آهي ته هو هي ظاهري جسم جي پرواه نه ڪندي پنهنجي ظاهري جسم تي رنج و الم سهي سگهي ٿو ايتري تائين جو ان تان هٿ ته کڻي سگهي ٿي پر پنهنجي هن وجود ۾ موجود تشخص کي تباه ٿيندو نه ٿو ڏسي سگهي. هن جسم جي زريعي سان انسان جي تشخص يا شخصيت اڀرندي آهي يا ڪرندي آهي. هي ظاهري جسم انسان جي انهن قدرن سان عزت وارو واقع هوندو اهي جي ان ۾ شرافت ، غيرت ، شجائت سخاوت، خودي، غير اڳيان نه جهڪڻ، پنهنجي انا وغيره سان ٺهندي آهي. شايد خالد ان راز کان بخوبي واقف هيو ليڪن اڄ جي وقت جي حڪمران کي شايد ڪو احساس ناهي ته اهو جذبو ڇا ٿيندو آهي.؟ تازو اوهان ڏٺو ڪنهن ملڪ جو وزيراعظم ان ڳالھ تان استعيفا ڏئي ٿو ته انجي ملڪ جي ٻيڙي سمنڊ ۾ بُڏي پئي جنهن سان ڪجھ جاني نقصان ٿيو تهشايد ان جو ضمير ان کي مجبور ڪيو ته تون ان لائق ناهين جو هن قوم تي حڪمراني ڪرين. شايد پنهنجو پاڻ کي ضمير جي عدالت ۾ پاڻ مجرم سمجهيو ان جي ضمير شايد اهو فيصلو ان جي خلاف ڏنو ۽ هن به العلان ان فيصلي تي عمل ڪيو استعيفا ڏني . خير اهو موضوع ئي ناهي . ته جڏهن خالد جڏهن دوڪان اڳيان ٻه چار چڪر ڏيندو هو ته بابا مونکي چوندو هو پُٽ ڏاڏل هي خالد چڪر پيو ٿو ڏئي لڳي ٿواڄ ويچاري کي مذدوري ناهي لڳي. هيئن ڪر هن کي جيڪو هي سامان کڻندو آهي ايترو سامان ٺاهي ڏي. آءُ ڏيڊ ڪلو اٽو، اڌ پاءِ کليل تيل، پاءِ کنڊ، ڪلو کير، ۽ ٻيو ڪو اهڙو سامان ڪڍي رکندو هيس ته بابا جنهن وقت دوڪان تي رش نه ڏسندو هو ته خالد کي سڏ ڪندو هو ، او ادا خالد هيڏانهن ته اچ شايد ان وقت مونکي اها سمجھ نه هئي پر اڄ سمجھ ۾ اچي ٿو ته ائين ڇو ٿيندو هو ته جنهن ڏينهن خالد پاڻ سامان وٺڻ ايندو هو ته کلندو ايندو هو پر جنهن ڏينهن مهيني ۾ ڪو هڪ ڀيرو هن کي ان ڪيفيت مان گذرڻوپوندو هو ته هن جو ڪنڌ جهيل هوندو هو بابا هن کي سامان به ڏيندو هو ۽ 100 روپيا روڪ به ڏيندو هو شروع شروع ۾ آءُ بڪ کڻندو هيس ته جيئن ان م لکي ڇڏيان ته بابا منع ڪندو هو ته نه پاڻهي ڏئي ويندو هو. پوءِاڳينڏينهن يا ڪئي ڀيرا ائين پڻ ٿيندو هو جوشاي ان کي مذدوري نه ملندي هئي ته وڌ ۾ وڌ ٻه ڏينهن هو دوڪان جي ماهون ايندو هو پر جي ٽئين ڏينهن ان کي مذدوري نه لندي هئي ته هو ٻاهر نه نڪرندو هو پوءِ وري بابا ان لاءِ اهو سامان گهر موڪليندو هو ڪئي ڀيرا مون ان جي اکين ۾ لڙڪ ڏٺا پوءِ اهي پيسا هو مهيني کن ۾ 20،30 روپيا ڪري واپس ڪري ويندو هو. اهڙا ٻيا به ڪئي ڪسٽمرز هوندا ها جن جو هي حال اڄ سمجھ ۾ اچي ٿو. مون اڪثر ڏٺو آهي ته شام جي وقت ريڙهي تي ايندڙ گاڏيون ان غريب جنهن سڄو ڏينهن ريڙهو هلايو اهي ان جي ريڙهي تي بيهي ان کان روپئي روپئي تي بحث ڪندا ان کي چوندا آهن ته 15 روپيا نه 10 روپيا ڪلو جي حساب سان هيترا ڪلو ڏي . ٿيندو اصل ڇا آهي جڏهن نه ريڙهي تي ڪو غريب بيٺو هوندو آهي ان جي اک هر ايندڙ گاڏي کي ان نگاه سان ڏسندي آهي ته اهو منهنجي ريڙهي تي ايندو پر اها گاڏي اسپيڊ سان گذري ويندي آهي جڏهن ڪا گاڏي اچي رڪندي به آهي ته ان جي حساب سان هو ريٽ ٻڌائيندو آهي ۽ ان جي دل ۾ اها ڳالھ هوندي آهي ته شايد هي ٻه روپيا وڌيڪ ڏئي ويندو پر گهڻي ڀاڱي ائين ناهي ٿيندو ته ان جي دل تي شايد ان بي حسي جو شروع شروع ۾ ڪو صدمو ٿيو هوندو پر وقت گذرڻ سان هو ان احساس کان به محروم ٿي ويو هوندو اڄ مذدورن جي عالمي ڏهاڙي تي دنيا ۾ عام موڪل ملهائي پئي وڃي محلن ۾ پيدا ٿيندڙ هن مذدور جا هڏ ڏوکي محلن ۾ ويهي مذدورن جي حمايت جو اعلان ڪندا رهندا. اڄ گذري ويندي صبح نئون سج چڙهندو پر ان مذدور سان ساڳيو حال هوندو. اڄ جيڪو مذدور مذدوري ڪري ٿو جي ان جي وقت جون ضروري ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين ته معاشرتي اها اوڻائي ڪئي جرمن کي جنم ڏئي ٿي پر ياد رهي ته هر هڪ شخص خالد ناهي، هوندو ڪئي اهڙا سفيد پوش هوندا پر جيڪي اهڙا نه هوندا ته سماج ۾ ٿيندو ڇا مجرمانه حالتون وڌي وينديون پوءِ وري قانون به انهن ماڻهن لاءِ هوندو جڏهن انسان احساسن جي پيڙاءُ جي چڪي ۾ پيسبو آهي ته پوءِ ان کي جذبات جيڪو رستو ڏيکاريندا آهن اهي ان رستي تي هلي پوندا آهن. ۽ گهڻي ڀاڱي اهو جرم جو رستو هوندو آهي. منهنجو اهو ايمان آهي ته جي مذدور سان انصاف ڪيو وڃي ته سماج مان90 فيصد جرم ختم ٿي سگهن ٿا. هي قوم فقط موڪل جو ڏينهن ملهائي رهي آهي نه ڪي مذدورن سان يڪجهتي خاطر ڏينهن ملهائي رهي آهي. اوهان اڪثر ماڻهن کان پڇو اڄ مذدورن سان يڪجهتي جو ڏينهن ڇو ملهايو پيو وڃي اوهان کي تمام ٿورڙا ماڻهون هوندا جيڪي ٻُڌائيندا ته اصل حقيقت ڇا آهي . آءُ سوچيندو آهيان ته هتان جي بيحس حڪمران توڙي صاحبِ حيثيت طبقي کي ننڊ ڪيئن ايندي آهي جتي انسان بکايل سمهندو هجي جتي پيءَ جي آمدني ايتري نه هجي ته هو پنهنجي اولاد کي نه پڙهائي سگهي جتان جو استاد توڙي ڊاڪٽر توڙي پوليس توڙي واپڊا بلڪه منجملا ادارا مذدور کي پَٽِيندا هُجن سرڪاري استاد ان جي اولاد کي تعليم نه ڏئي ، سرڪاري اسپتال ان کي علاج نه ڏئي سڄو ڏينهن مذدوري ڪندڙ کي رات جو بجلي نه هجڻ ڪري اولاد جي مٿان پکو جهليندي گذري. ان سماج ۾ جي اهو غريب و مذدور طبقو ڪا چوري ڪري ڪو ڌاڙو هڻي ته ان لاءِ هر هڪ ماڻهون ان کي چور ، ڌاڙيل ، لوفر ، الاءِ الاءِ ڪهڙن ڪهڙن نالن سان ته نوازي پر جيڪو ان جا حقوق کايو ويٺو هجي ان کي صاحب ، ڀوتار ، وڏيرو، خان سردار چوي ان معاشري کي اڃان ڪهڙين ڪهڙين مصيبتن مان گذرڻو پوندو ڪا خبر ناهي. آءُ اهو نه ٿو چوان ته ان کي اميري جا پوشاڪ پهرايو پر ايترو ته ضرور ڪيو وڃي جتي هو پنهنجي تشخص جي سالميت سان جي سگهي جتي هو پنهنجي اولاد کي تعليم ڏئي سگهي جتي هو راتج جو ڪا سُکي ننڊ سمهي سهي اوهان معاشري ۾ ان جا اهي حقوق بهال ڪريوآءُ يقين سان چونا ٿو 85 فيصد ملاوت ڪندڙ ملاوٽ ڇڏي ويندو جڏهن اهو ڪم گهٽجي ويندو ته اوهان جي سماج مان بيماريو 70 فيصد گحتجي وينديون. اراباب اختيار کي ايترو ضرور سوچڻ گهرجي ته هن سماج ۾ بيماريون جيڪي روزانه نئين انداز ۾ ڪر کنيون بيٺيون آهن ان جي پٺيان هن سماج ۾ ٿيندڙ نا انصافين جي ڪري ته ناهن يقينن الله جي طرفنا بيماريون ناهن هونديون ان جي طرفان ته شفا آهي پوءِ اڄ اسان جي سماج ۾ معذوري جي شرح دنيا جي ڪيترن ملڪن کان وڌيل آهي اڄ مسلز ڊسٽراڦي جي شرح اسان جي سماج ۾ وڌندي پئي وڃي ، عورتن ۾ پيادئش دوارن آپريشن جي شرح خطرناڪ هد تائين وڃي پهتي آهي جي انهن بيمارين جو پيرو کڻدا سين ته اهي سڀ جون سڀ بيماريون غريب مذدور ساان ظلم وستم جي ڪري نظر اينديو انشاءِ الله ان حوالي سان ڪُجھ لکندا سين. بس ايترو ضرور چوندس اسان اهي مسافر آهيون جنهن جو ڪافلو لُٽجي چڪو آهي پر ڪافلي وارن کي ڪا خبر ناهي بقول اقبال واءِ ناڪامي متاءِ ڪاروان جاتا رها اور ڪاروان ڪه دل سي احساسِ زيان جاتا رها. وسلام