(ڏهرڪي ويب ٽيڪنلوجي رپورٽ) جيڪڏهن توهان ٽيلي نار جا ڪسٽمر آهيو ۽ پنهنجي موبائيل فون تي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جو شوق رکو ٿا ته پنهنجي بيلنس جي فڪر ڪيو. ڇوجو خبر ملي آهي ته ٽيلي نار 3جي سروس جيڪا بظاهر فري آهي حقيقت ۾ توهان جا هزارين رپيا چيٻاٺي سگهي ٿي. ٽيلي نار جي ڪسٽمر شڪايت ڪئي آهي ته فري 3جي سروس انن جا ڏسندي ڏسندي هزارين رپيا کائي وئي ان مسئلي جو وڌيڪ شڪار پوسٽ پيڊ جا ڪسٽمر ٿيا جنهن جي سڪيورٽي جي رقم هزارن ۾ هوئي. افسوسناڪ مسئلو سامهون اچڻ تي ٽيلي نار به ڪسٽمر کي گمائي ڇڏيو ۽ چيو ته 3جي جي سروس هر جاءِ تي موجود ڪون آهي. جيڪڏهن توهان 3جي ۽ 2جي گڏ چونڊ ڪئي آهي ته اهيا توهان جي غلطي آهي توهان کي گهرجي ته صرف 3جي نيٽورڪ کي چونڊ ڪيو. جيڪڏهن توهان انٽرنيٽ استعمال ڪندي 2جي کان 3جي ڏانهن هليا وڃو ته انٽرنيٽ تيزي سان هلندو ۽ چاچز توهان کي 2جي جا ادا ڪرڻا پوندا هڪ ايم بي 18 رپيا آهي. هاڻ ڏسڻو آهي ته اڳتي ٽيلي نار ان مسئلي کي ڪئين ڏسي ٿو. جيڪڏهن توهان 3جي جي استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته نيٽ ورڪ صرف 3جي کي چونڊ ڪيو. ان واقعي کان بعد ٽلي نار جي ياري ته به سوال اٿاريو ويو آهي سچي ياري جيب په ڀهاري