ڪامران اڪبر سومرو
سينيئر رڪن
”موت جو کوهه“
ڪامران اڪبر سومرو
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آ،
ماڻهو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ
موت سان مهاڏو اٽڪائي ٿو!
موت جي کوهه ۾ کلندي کلندي
لوڪ کي تماشو ڏيکاري ٿو!
پر هي ماڻهو، ماڻهن لاءِ
ڄڻ ڪو ئي رانديڪو آهي،
جيڪو چاٻيءَ تي گول ڦري ٿو،
چڪر هڻي ٿو!
احساسن کان خالي،
ڄڻ ته هن جي زندگي
رونشو آهي
تماشو آهي!
تاڙيون وڄنديون رهنديون
جيسين هن جو جيون
موت جي کوه ۾
ڦرندو رهندو!
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آ!
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آ!
ڪامران اڪبر سومرو
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آ،
ماڻهو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ
موت سان مهاڏو اٽڪائي ٿو!
موت جي کوهه ۾ کلندي کلندي
لوڪ کي تماشو ڏيکاري ٿو!
پر هي ماڻهو، ماڻهن لاءِ
ڄڻ ڪو ئي رانديڪو آهي،
جيڪو چاٻيءَ تي گول ڦري ٿو،
چڪر هڻي ٿو!
احساسن کان خالي،
ڄڻ ته هن جي زندگي
رونشو آهي
تماشو آهي!
تاڙيون وڄنديون رهنديون
جيسين هن جو جيون
موت جي کوه ۾
ڦرندو رهندو!
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آ!
ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آ!