غلطي ڪنهن کان به ٿئي سگهي ٿي.

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2014۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا سليمان وساڻ جن فيس بوڪ تي هڪ عمده آکاڻي ونڍ ڪئي. اسان هنن جي اجازت کان بغير . معافي سان فيس بوڪ تان اها ڪهاڻي ڪاپي ڪري هت ونڍ ڪري رهيا آهيون.


    ””””Muhammad Suleman Wassan
    Yesterday at 9:35am · Karachi ·

    هُن کي پنهنجي فلائيٽ تي پهچڻ جي تمام جلدي هئي، شهر جي ٽريفڪ کي نظر ۾ رکندي هو فلائيٽ جي ٽائيم کان 2 ڪلاڪ اڳ ۾ گهران نڪري آئي. تڪڙ ۾ نڪرڻ جي ڪري هو پنهنجي لاءِ ناشتو به تيار نه ڪري سگهي هئي.
    ايئرپورٽ لائونچ ۾ پهچندي هُن سک جو ساهه کنيو. فلائيٽ ۾ اڃان منو ڪلاڪ کن وقت بچيل هو. وقت پورو ڪرڻ لاءِ هو لائونچ ۾ اچي سيٽ تي ويٺي پر کيس بک محسوس ٿي، کيس ياد آيو ته هن صبح هڪ بسڪٽن جو رول به پنهنجي ننڍڙي پرس ۾ رکيو آهي، پر ان سان گڏ ٻيو به ڪجهه هجڻ گهرجي، ان ڪري هن ايئرپورٽ جي ٽَڪ شاپ تان جوس پڻ خريد ڪيو. واپس اچي هو سيٽ تي ويٺي ۽ رستي تي ورتل اخبار پڙهڻ شروع ڪيائين.
    هُن بسڪٽ کائڻ لاءِ هٿ وڌايو پر کيس حيرت ٿي جڏهن ڀرسان واري سيٽ تي ويٺل شخص به ٽيبل تي پيل بسڪٽن جي رول مان هڪ بسڪٽ کڻي کاڌو. کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي.
    دل ۾ سوچڻ لڳي، وڏو واهيات شخص آهي، منهنجي بسڪٽ کڻڻ کان اڳ ۾ مون کان پڇي به نه ٿو، خير هڪ بسڪٽ جو خير آهي، اهو سوچي هن ٻيو بسڪٽ کنيو پر کيس وڌيڪ حيرت ٿي ۽ ڪاوڙ جو پارو به وڌي ويو جڏهن ان شخص ٻيو بسڪٽ کنيو.
    اخبار هاڻي سندس اڳيان سرسري طور هئي، هاڻي کيس ان شخص تي ايتري ڪاوڙ هئي، وس پڄيس ته ان شخص جي وارن کان پٽي کيس پڇي ته توکي نڪ نالي ڪا شئي آهي؟ صفا بي نڪو آهين..
    هاڻي رول ۾ آخري بسڪٽ وڃي بچيو، کيس تجسس ٿي پيو ته هاڻي اهو آخري بسڪٽ به ته ڪاٿي اهو شخص کائي نه وٺي... اڃان هو ان ئي سوچ ۾ هئي ته ان شخص ان آخري بسڪٽ کي به کنيو، پر وري ان بسڪٽ جو اڌ حصو ڪري اتي رکيو..
    کيس ان ۾ پنهنجي بي عزتي محسوس ٿي ۽ ان شخص کي اهو محسوس ڪرائڻ لاءِ ته اهو عمل کيس خراب لڳو آهي، هُو پنهنجو منهن گهنجائي زور سان پنهنجي سينڊل کي زمين تي کڙڪائي اُٿي. سندس ورتل جوس جيئن جو تيئن سندس هٿ ۾ هو...
    الا! دنيا ۾ ڪهڙا ته بي حيا ماڻهو موجود آهن، جو ٻين جي شيئن کي کائيندي دير نه ٿا ڪن، سو به بنا پڇڻ جي، ايئن ئي پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندي هاڻي هو جهاز ۾ ويهي چڪي هئي،
    جڏهن سندس ڪاوڙ ڪجهه جهڪي ٿي ته پنهنجي سامان کي سنڀالڻ لڳي، ٽڪيٽ ڏسڻ لاءِ جڏهن هن پنهجي پرس کي کوليو ته سندس اکيون ڦاٽل رهجي ويون..
    سندس بسڪيٽ جو رول سندس پرس ۾ ئي پيل هو، ”مطلب ! مان جنهن شخص تي ايتري ڪاوڙ پئي ڪيان، اصل ۾ ان جي ئي بسڪيٽن تي هٿ صاف ڪري آيس.. “ اهو ڏسڻ سان هو ڏاڍي پڇتائڻ لڳي، دل چويس پئي جيڪڏهن زمين جاءِ ڏيئي ته اندر هلي وڃان... نه نه هي ته جهاز آهي، زمين ڪٿان آئي.. “ اهو سوچي سوچي هاڻ هو بس پاڻ تي ئي ڪاوڙ ڪرڻ لڳي... کيس اندازو هو ته هو ڪجهه دير پهرين جيڪو ڪجهه اُن شخص لاءِ سوچي رهئي هئي هاڻي هُو ئي سندس باري ۾ اهو ڪجهه سوچيندو هوندو.

    هي ته هئي هڪ ننڍڙي ڪهاڻي جيڪا زندگيءَ ۾ هر ڪنهن سان پيش اچي ٿي، تڪڙ تڪڙ ۾ بنا ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي اسان ٻين تي ڪاوڙ ڪرڻ لڳون ٿا، سمجهون ٿا ته شايد هو اسان جو حق کائي ويٺا آهن، اسان سان صحيح نه ٿا پيش اچن، پر ڇا اسان پاڻ تي غور ڪيو آهي ته اسان ڇا پيا ڪيون، ڪاٿي غلطي اسان کان ته نه پئي ٿئي.
    (اسد حسيني)
    مست
    سنڌسلامت ڊاٽ ڪام““““

    [​IMG]
    محترم ڀاتي هن اڱڻ جا! ڪهاڻي پوسٽ ڪرڻ کانپوء اسان کي خبر پئي تي هي آکاڻي ادا مست 21 فيبروري 2014 تي اڳم ئي هن اڱڻ جي ڪينئوس تي قرب سان چٽي آهي. انهن کان معافي جا طلبگار آهيون، ڇو ته سائين غلطي ڪنهن کان به ٿئي سگهي ٿي ۽ هن دفعي اسان کان غلطي ٿئي ويئي آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 مئي 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ها ادا ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته غلطي ڪنهنکان به ٿي سگهي ٿي ، بي خبري ۾ انسان ڇا جو ڇا ڪري ويهندو آهي ، هوش سنڀالڻ تي صرف پڇتاءُ تي رهجي ويندو آهي!
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪهاڻي اهڙي آهي جو بار بار شيئرنگ تي دل ڪندي آهي .... تنهنڪري اهڙي شيئرنگ ڪندا رهون ٿا
     
  4. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪهاڻي بهترين آهي....
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    زبردست ڪهاڻي اهي سائين

    لاجواب ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو