آس ٿيندي راس خادم گھراڻو جڏهن پکي پنهنجي آکيرن کي ڇڏي چوڳي جي تلاش ۾ نڪرندا آهن ان وقت علي ۽ ولي پنهنجي بوٽ پالش جو سامان کڻي اچي روڊ جي ڪناري وٽ هڪ ڦٽل ٻوري وڇائي ان تي سامان رکي ويهندا آهن . هر ويندڙ ماڻهو جي اڳيان اها سدا هڻندا هڻندا آهن ته اسان کان پنهنجا بوٽ پالش ڪرايو . جڏهن هيءُ روڊ ڪناري وٽ پنهنجو پورهيو ڪندا آهن ان وقت هنن جھڙا گلن جھڙا ٻارڙا اسڪول جي يونيفارم پائي کلندا ٽلندا اسڪول جي طرف ويندا آهن هيءُ ٻئي حسرت ڀرين نگاهن سان انهن اسڪول ويندڙ ٻارن کي ڏسندا رهندا آهن ان وقت هنن جي دل ۾ به اها آس هوندي ته اسان جي هٿن ۾ پالش برش جي بدران قلم ڪتاب هجن اسان به هنن ٻارن وانگر اسڪول ويندا هجون پر غربت سبب هنن جي آس نراس هوندي آهي . اتان ڪ استاد به پنهنجي ٻارن سان گڏ گذرندو آهي ان سان گڏ ان جي نياڻي ۽ پٽ هوندا آهن اهي ٻار هنن ٻارن کي حسرت ۽ چاھ سان ڏسندا ويندا آهن شايد انهن جي دل ۾ اهو جذبو جاڳندو هوندو ته هي ٻار به اسان وانگر اسڪول وڃن علم جي زيور سان سينگارجن پر هنن جي ڪهڙي مجبوري هئي جيڪا هنن کي هن ڪم تي مجبور ڪيو هو ٻار هنن کي ڏسندا هئا . سوچن ۾ پئجي ويندا هئا . هڪ ڏينهن استاد پنهنجي ٻارن سان گذري رهيو هو ته هيءُ ٻئي ڀائر روئي رهيا اکين مان وهندڙ لڙڪ هنن جي معصوم چهري تي نيسرا ٺاهي رهيا هئا . جڏهن هنن ٻارن کي روئندو ڏسي استاد جي نياڻي پنهنجي پيءُ کي ڇيو ته بابا هيءُ روز اسان کي غور سان ڏسندا هئا اڄ هيءُ ڇو رهي رهيا هئا انهن سان ڇا ٿيو بابا انهن معصومن کان پڇو ته اهي ڇو ٿا روئن انهن کي ڪهڙو ڏک رسيو آهي استاد پنهنجي ٻارن کي چيو ته توهان اسڪول وڃو آئون هنن کان پڇان ٿو استاد جڏهن هنن ٻارن جي ويجھو آيو ته ٻارن روئندي سلام ڪيو ٻارن کان جڏهن روئڻ جو سبب پڇيو ته ٻارن چيو سائين اسان غريب آهيون منهنجو پيءُ مزور آهي اسان به هنن ٻارن وانگر اسڪول پڙهڻ ڄاهيون ٿا پر غربت سبب پڙهي نٿا سگھون استاد چيو ته توهان روئڻ ڇڏيو آئون توهان جي بابا سان ڳالهه ٻولھه ڪندس . شام جو استاد ٻارن جي پيءُ سان مليو جنهن کي چيو ته توهان جا ٻار پڙهڻ چاهين ٿا توهان انهن کي ڇو نٿا پڙهايو . انهن کي اسڪول موڪليو اسڪول ۾ ڪتاب مفت ملن ٿا . جنهن تي هنچيو ته سڪول ۾ واقعي ڪتاب مفت ۾ ملن ٿا پر ٻارن جا بوٽ ڪپڙا ڪاپيون پينون ڪٿان اينديون اسين جيڪو آڻيون ٿا اهو چاڙهيون ٿا . استاد وري به هنن جي پيءُ کي چيو ٻارن جي مستقبل جي باري ۾ سوچيو انهن جي ارمانن ۽ آسن کي نراس ٿيڻ نه ڏيو استاد گھر آيو سوچن ۾ پئجي ويو هن جي نياڻي پنهنجي بابا کان پڇيو بابا ڇا ڳالهه آهي پيءُ انهن ٻارن جي ڳالهه ڪئي جنهن تي هن جي ڏيءَ چيو ته بابا توهان انهن جي پڙهائي جو خرچ ڀريو اهو صدقو آهي ان جو اجر خدا ڏيندو توهان اسان وانگرانهن کي به پنهنجا ٻار سمجھو اهي معصوم اسان جي ديس جو سرمايو آهن جيڪڏهن هر هڪ ماڻهو پنهنجي ٻارن سان گڏ هڪ غريب ٻار جي پڙهائي جو خرڄ کڻي ت اسان جي ديس جو ڪوبه غريب ٻار اسڪول کان پري نه هوندو نه انهن جي هٿن بوٽ پالش جو سامان هوندو نه چڻن جا ٿالهه هوندا نهن انهن جي هٿن هوٽلن جا ڪوپ يا گاڏيون صاف ڪرڻ جا ڪپڙا هوندا . استاد پنهنجي ڏيءَ جون ڳالهيون ٻڏي هن ۾ نهاري پنهنجي ڏيءَ تي ناز ڪرڻ لڳو ۽ چيائين ته ڏيءَ اهي به مون کي توهان وانگر پيارا آهن انهن جي پڙهائي جو خرچ آئون ڀريندس ائين ڪرڻ سان شايد ٻيو به ڪو ٻئي ڪنهن غريب جي ٻار کي پڙهائي . ٻئي ڏينهن موڪل جو ڏينهن هو استاد روڊ تي اچي انهن ٻارن جي هٿن مان بوٽ پالش جا سامان وٺي انهن کي بازار مان ڪپڙا ڪتاب بوٽ وغيره وٺي ڏنا . هنن جي پيءُ کي چيائين ته هاڻ هنن ٻارن جي پڙهائي خرچي جو خرچ مون تي هنن کي سڀاڻي آئون پاڻ اسڪول وٺي وڃي داخل ڪرائيندس هنن ٻارن جي خرچ جو توهان ڪوبه اونو نه ڪريو ٻئي ڏينهن استاد جڏهن ٻارن کي اسڪول جي يونيفارم ۾ ڪلهن تي ٿيلهو وٺي اسڪول وڃي رهيو هو ته هنن ٻارن جي چهري تي اداسي نه پر هڪ خوشي هئي هن جي پيءُ جي لبن تي مرڪ هئي ته هاڻي منهنجي ٻارن جون آسون پوريون ٿينديون منهنجا ۽ هنن جا خواب ساڀيان ٿيندا .اهي هڪ ڏينهن وڏي مان مرتبي تي پهچندا . اچو ته پاڻ سڀ گڏجي ملڪ مان ڪاپي ڪلچر ۽جو خاتمو ڪريون ۽ هر هڪ هڪ غريب ٻار کي اسڪول ۾ پڙهائڻ جي ذميواري کڻون جيئن اسان جو ديس جو هر ٻار تعليم جي زيور سان سينگاريل هجي جهالت جو بت هميشه جي لاءِ ڪري ختم ٿي وڃي