• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خلقيو ڪونه خدا جيهو تو جهان ۾

سعيد سنڌي

سينيئر رڪن
ماه رجب جي مناسبت سان

ڪاڪئان قاصد آيو، راڻي پاس رمي
چڙه تون محمد مصطفى، دوست دم دمي
اڳيان خوف نه خطرو، نڪو غم غمي
ڪونهي ٻيو ڪرمي، جيهو تو جهان ۾

آئيو قاصد ڪاڪ جو، توڙان ئي تولا
چڙھ تون مير مينڌرا، پير پاڳوڙي پا
تو کي گهوٽ گهرائيو، جت نه ڪنهن جي جا
پاتشاھ پازي تنهنجا، اي هينئين سين لا
خلقيو ڪونه خدا، جيهو تو جهان ۾

آيو قاصد ڪاڪ جو، تنهن صحيح ڏنا سلام
پرين جا پرين کي، پهچايائين پيغام
ته دلبر داعو آهيان، ڄل جلد ڄام
سَندُالعاصَينَ شَفيعُ المُذنَبِينَ، اڪير لٿي عام
چڙھ ڄامن سندا ڄام، هل دوستان جي دائري

آئيو قاصد ڪاڪ جو، تنهن ڪهي ڪيو ڪلام
جيڪي گهرين سو ٿئي، دوست آن جي دامَ
آئون اداسي آهيان، جاني تو لئي جامَ
لالڻ آ لطيف چئي، ڄامن سندا ڄام
پرين ٻڌي پيام هلي آ حبيب تون

آئيو قاصد ڪاڪ جو، راڻي وٽ رات
ڏنئين پارانڀا پرين جا، لئين لطيفي لات
ته چڙه تون مير مينڌرا، هت تنهنجي تات
ڏني ڏاتر توکي ڏات، کٽيئي سوڀ سيد چوي
دعائن جو طلبگار: سعيد سنڌي
 
ماه رجب جي مناسبت سان

ڪاڪئان قاصد آيو، راڻي پاس رمي
چڙه تون محمد مصطفى، دوست دم دمي
اڳيان خوف نه خطرو، نڪو غم غمي
ڪونهي ٻيو ڪرمي، جيهو تو جهان ۾

آئيو قاصد ڪاڪ جو، توڙان ئي تولا
چڙھ تون مير مينڌرا، پير پاڳوڙي پا
تو کي گهوٽ گهرائيو، جت نه ڪنهن جي جا
پاتشاھ پازي تنهنجا، اي هينئين سين لا
خلقيو ڪونه خدا، جيهو تو جهان ۾

آيو قاصد ڪاڪ جو، تنهن صحيح ڏنا سلام
پرين جا پرين کي، پهچايائين پيغام
ته دلبر داعو آهيان، ڄل جلد ڄام
سَندُالعاصَينَ شَفيعُ المُذنَبِينَ، اڪير لٿي عام
چڙھ ڄامن سندا ڄام، هل دوستان جي دائري

آئيو قاصد ڪاڪ جو، تنهن ڪهي ڪيو ڪلام
جيڪي گهرين سو ٿئي، دوست آن جي دامَ
آئون اداسي آهيان، جاني تو لئي جامَ
لالڻ آ لطيف چئي، ڄامن سندا ڄام
پرين ٻڌي پيام هلي آ حبيب تون

آئيو قاصد ڪاڪ جو، راڻي وٽ رات
ڏنئين پارانڀا پرين جا، لئين لطيفي لات
ته چڙه تون مير مينڌرا، هت تنهنجي تات
ڏني ڏاتر توکي ڏات، کٽيئي سوڀ سيد چوي
دعائن جو طلبگار: سعيد سنڌي
عظِيم روحاني رمزون
 
Back
Top