انسان شادي کان اڳ ٻن ٽنگن جو هوندو آهي، شادي کان پوءِ چئن ٽنگن جو ٿي ويندو آهي، ۽ اوهان کي خبر هوندي ته چار ٽنگون ڏاند کي هونديون آهن، مطلب ته شادي کان پوءِ اهو ماڻهون ڏاند ٿي ويندو آهي، ۽ ڏاند جي حالت زمين کيڙڻ وقت ڪهڙي هوندي آهي اِن کان به اوهان واقف هوندا جي ٿورو به پنهنجي رستي کان هٽيو ته ٺڪا سوٽي، ۽ جڏهن ان ڏاند کي ٿيندو ٻار ته ٿيندَس 6 ٽنگون، ۽ 6 ٽنگون ٿينديون آهِن مَکِ جون، مَکِ کي به اوهان ڪڏهن غور سان ڏسندوء ته هوءَ سدائين پئي مُنهن مٿو پِٽيندي آ۔ سو ان کان اڳ جو اوهان جي حالت به مَکِ جهڙي ٿئي، جيڪي به ڇڙا آهيو سي ڇڙا ئي رهو۔۔۔۔۔۔khil sahi
جواب: ڇڙها ڀلا آهيو مٺا صلاح ته چڱي آهي پر توهان ٻڌائيندي ٻڌائيندي ڏاڍي دير ڪري ڇڏي۔۔۔۔۔۔ خير متان ڪنهن ٻئي دوست جي ڪم اچي۔۔۔۔۔۔۔۔ هوئن پاڻ ۾ آهيون ۔۔۔ ”ڇا توهان هن صلاح تي عمل ڪيو آهي۔۔۔“ مشهور پهاڪي وانگر ته شادي ان لڏو وانگر آهي جيڪو کائي سوبه پڇتائي جو نه کائي سو به پڇتائي۔۔۔
جواب: ڇڙها ڀلا آهيو پر ادا سائين جي ٻار هڪ کان وڌي وڃي ڊزن تي پهچن تي حالت سئو پيريءَ جهڙي ٿيندي آهي ڇا ۔۔۔ جو جيڪو به سوراخ ڏسي ان ۾ وڃي لڪي ۔۔۔ hatt-pare hall chari
جواب: ڇڙها ڀلا آهيو ادا سائين، تمام سهڻي صلاح ڏني اٿئو، پر اسان جي لاءِ ته هاڻي " رڍون مڙئي ٻوٿ ڪاريون" shabash khil sahi ادا رشيد، توهان جي لاءِ نه ته ادي زاهد الجميلي جي لاءِ هي ڳالهه سون جهڙي آهي، asul matt
جواب: ڇڙها ڀلا آهيو ادا زاهد اوهين هي خبر ليٽ سان ڏني۔۔۔ اسان ته اوهان جي ٻڌايل ڇهن ٽنگن واري اسٽيج تي پهچي چڪا آهيون
جواب: ڇڙها ڀلا آهيو اياز جاني پُٽ زبردست توهان جي شادي وارو ڏينهن مطلب 30 اپريل ويجهي آهي پوءِ ڀت جي دعوت ڏيندي يا هوٽل تان 25 روپيا پاءُ واري ڪُڪڙ برياني کائي توهان کي ياد ڪري ڇڏيون۔۔۔ باقي منهنجي خيال ۾ توهان جي عمر وارنکي شادي ڪرڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔