ادا .حڪيم صاحبان کي گذارش ٿي ڪجي ته وڏي کنگھ جو علاج ۽ احتياطي تدبيرون فورم تي شيئر ڪن ،ته سائين جن جا وڏا قرب. سنڌ سلامت ساٿ سلامت
رات جو روز هڪ چمچ ماکي ، 2 روزانه 7 داڻا انجير ، 3 سنڍ جو ڪاڙهو ٻٽي دفعا ڏينهن ۾ پيئو سگريٽ ، نسوار ، ۽ هر قسم جي نشي کان پرهيز ، تريل ۽ سڻڀي شين کان پاسو ڪريو ، اميد ته ڪجھ ڏينهن ۾ شفا ملي ويندي ممتاز قريشي صاحب جن کي عرض ته مشورو ڏين
سائين عبدالغني کي عرض ٿو ڪجي ته سائينجن جيڪو نسخو تجويز ڪيو آهي اهو منهنجي سمجھ مطابق وڏي ماڻھولا آهي.ننڍڙي ٻار لا نسخي جو مقدار تجويز ڪندا .ڇاڪاڻ جو اڄڪلھ گرمي عروج تي آهي.سائين جيڪي شيون تجويز ڪيون آهن سي ڪنهن حد تائين تمام گرم آهن.