• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
10289887_756514637703704_4830028883198332454_n.jpg


ڳوٺ ۾ موڪلن جي دوران هڪ دفعي شهر ڏانهن وڃي رهيو هيس ته روڊ بلاڪ مليو... جانچ ڪرڻ سان خبر پئي ته ڀرسان موجود هڪ ڳوٺ مان 10 ڏينهن اڳ واپڊا عملدار ٽرانسفارمر ئي کڻي ويا هئا... ۽ ڳوٺاڻن جي جڏهن برداشت ختم ٿي ته احتجاجن روڊ بلاڪ ڪيو ويو...
گاڏي تان هيٺ لهي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيس ... احتجاج ڪندڙن مان ٻه معتبر ماڻهون واپڊا ۽ ضلعي عملدار سان احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا هيا..
هڪ موقعي تي واپڊا عملدار .. ضلعي عملدار کي ٻڌايو ته.. ”سائين سموري ڳوٺ ۾ رڳو ٻن ماڻهن وٽ بجلي جا ميٽر لڳل آهن... ۽ هن دفعي انهن به بل ناهي جمع ڪرايو...“
احتجاج ڪندڙ ڳوٺ جي معتبر ماڻهن مان هڪ جذباتي انداز سان جواب ڏنو... ”ته پوءِ سائين انهن ميٽر وارن جي بجلي ڪٽيو نه... اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو...!!“
 
بس سائين ........... قرآن به چوي ٿو ته الله ڪنهن قوم جي حالت تيستائين نه بدليندو جيستائين اها قوم پنهنجي حالت پاڻ نه بدلجندي............
 
Back
Top