• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امپريس مارڪيٽ، صدر ڪراچي، سنڌ

زاھد حيدر ملاح

سينيئر رڪن
امپريس مارڪيٽ، ڪراچي
2w67vad.jpg
االيگزينڊر ايف بيلي جي مطابق امپريس مارڪيٽ جيڪا ھڪ خوبصورت ۽ شاندار عمارت آھي، اھا ھڪ مشھور ميونسپل انجينئر مسٽر جيمز اسٽريچن ڊيزائن ڪئي ھئي۔ جيڪا گوٿڪ طرز تي تعمير ٿيل آھي۔ ان عمارت جو ڪم مسٽر جيمز جي زيرِ نگراني ۾ مڪمل ٿيو ھو.
b5sm88.jpg

امپريس مارڪيٽ جي پيڙھ جو پٿر ان وقت جي بمبئي جي گَورنر سر جيمز فروگسن 10 نومبر 1884ع ۾ رکيو ھو، ۽ ان ئي ڏينهن تي ان ” سر وليم ميري ويدر“ جي ياد ۾ تعمير ٿيندڙ ٽاور جي بنياد رکڻ جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي ھئي۔ ڏوڪڙن جي کوٽ جي ڪري ڪجھ وقت ڪم سُست رفتاريءَ سان پئي ھليو ھو ,امپريس مارڪيٽ 120000 رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿي۔
r9ipg7.jpg

ھن عمارت کي ملڪه برطانيه جي سلور جوبلي جي موقعي تي ان جي ياد ۾ موجوده نالي سان منسوب ڪيو ويو، بعد ۾ ان وقت جي ڪمشنر مسٽر پريچرڊ افتتاحي پروگرام ۾ تقرير ڪندي چيو ھو
zvbu2o.jpg

" ته پوري بمبئي پريذيڊينسي ۾ صرف بمبئي جي ڪرافورڊ مارڪيٽ، ڪراچيءَ جي امپريس مارڪيٽ جي مقابلي جي آھي وري به ڪراچيءَ جي مارڪيٽ جو ٽاور جيڪو 140 فٽ بلند آھي ۽ ڪرافورڊ مارڪيٽ جي ٽاور کان 12 فٽ وڌيڪ اوچو آھي۔ ٽاور ۾ ھڪ وڏو گهڙيال لڳل آھي، جنهن ۾ 4 ڊائل آھن"۔

281wryv.jpg

.
2gy1xrn.jpg

سينٽ ايندريو چرچ جي ٽاور جي اوچائي 135 فُٽ آھي۔
vpx8uc.jpg

ڪراچيءَ جو بلند ترين ٽاور گريزن چرچ جو ٽاور آف ٽرينٽي آھي،
2hegfo9.jpg

جنهن جي اوچائي 150 فُٽ آھي۔
s16p9i.jpg

عمارت جي اندر 46 فٽ ويڪر جون 4 گيلريون آھن۔
281wryv.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top