• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇرڪائيندڙ خبر۔۔۔ سگريٽ پيئندڙ متوجو ٿين۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!۔۔۔۔
توهان کي خبر آهي ته اسلام ۽ مسلمانن سان مؓغرب جا ماڻهو ڪيڏيون نه بيهوده حرڪتون ڪندا رهندا آهن۔۔۔۔ تازي خبر جيڪا مون کي جيو جي ويب سائيٽ تان پئي ۔۔ ان منهنجا لڱ ڪانڊاري ڇڏيا آهن۔۔۔ ڇو ته خبر ئي اهڙي آهي۔۔
دوستو اوهان جيڪو سگريٽ پيو ٿا ان جي بناوٽ ۾ ڪنهن حد تائين سوَر يعني خنزير جي رت جو عنصر شامل آهي... هي خبر مون 2 ڏينهن اڳ جيو جي ويب سائيٽ تي خبرن ۾ پڙهي... پر روزانه خبرن جي تبديل ٿيڻ جي ڪري اڄ انهيءَ خبر جو عڪس مون کي نه ملي سگهيو....
جيو وارن اها خبر هڪ آسٽريلوي پروفيسر جي ريسرچ رزلٽ مان شامل ڪئي آهي... وڌيڪ تفصيل توهان کي گوگل ۾ cigaratte filters pig جي نالي سان سرچ ۡڪرڻ تي ملي ويندي....
دوستن کي گذارش آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ وڌ کان وڌ تفصيل حاصل ڪري اسان سان ونڊ ڪن.. ۽ صحيح ڳالهه کي معاشري ۾ پنهنجي دوستن ۽ سڃاڻپ وارن تائين پهچاين....
 
جواب: ڇرڪائيندڙ خبر۔۔۔ سگريٽ پيئندڙ متوجو ٿين۔۔

جي ادا ميرجت، مون وٽ به اهڙي قسم جي هڪڙي ميل آئي هئي جنهن ۾ اهو انڪشاف ٿيل هو ته سگريٽن جي فلٽر ۾ سوئر جي چرٻي استعمال ڪئي پئي وڃي ۔۔۔ يورپ وارا پنهنجن ملڪن ۾ سگريٽ جي استعمال کي گهٽائن پيا ۽ سموري سپلاءِ عرب ۽ مسلمان ملڪن کي ڪن پيا ۔۔۔
 
جواب: ڇرڪائيندڙ خبر۔۔۔ سگريٽ پيئندڙ متوجو ٿين۔۔

ادا دوستن کي گذارش آهي ته ان ڳالهه کي پنهنجي سڃاڻپ وارن ماڻهن ۾ عام ڪن۔۔۔
 
Back
Top