گوگل جا 7 پراجيڪٽ، جيڪي دنيا تبديل ڪندا..

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2014۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    انٽرنيٽ تي پنهنجي سرچ انجن ذريعي متعارف ٿيندڙ ۽ هاڻي انٽرنيٽ تي حڪمراني ڪندڙ ”گوگل“ ڪجهه اهڙن پراجيڪٽس تي ڪم ڪندي رهندي آهي جن کي اسان توجهه جي قابل نه سمجهندا آهيون، پر انهن پراجيڪٽس جي اهمييت وڏي هوندي آهي. جيئن مثال طور گوگل پنهنجي سرچ ڪرڻ جي طريقي سان وڏي وڏي ڊيٽابيس جي ذخيري منجهان معلومات کي سيڪنڊن ۾ اسڪرين تي آڻي ڇڏيو، گوگل ايپس ذريعي اهڙو پليٽ فارم متعارف ڪرايو جتي موبائل ڊولپر پنهنجي تخليق کي رکي سگهن ٿا ساڳئي وقت تي موبائل جا يوزر اُتان اهي ايپس ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا..
    ان کان بعد گوگل گلاسز جهڙا پراجيڪٽ.....
    پر يقيني طور تي گوگل جي ليبارٽريز ۾ هينئر تياريءَ هيٺ 7 اهڙا منفرد پراجيڪٽ آهن جيڪي انٽرنيٽ ته ڇا پر حقيقي دنيا کي به تبديل ڪندا.

    1) گوگل اسمارٽ گلاس (Google Smart Glass)

    [​IMG]

    گوگل جي هن پراجيڪٽ جي تفصيل انٽرنيٽ تي عام ٿي چڪي آهي ۽ آمريڪا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي هي چشما آزمائشي بنياد تي ڏنا ويا آهن ۽ هن سال ئي فروخت ڪيا ويندا.
    هي گلاس سمارٽ فون جي سموريون خاصيتون رکن ٿا. جيئن مختلف ايپس انسٽال ڪرڻ، وڊيو ريڪارڊنگ، وائيس ريڪارڊنگ، تصوير ڪڍڻ ۽ جي پي ايس ۽ بليوٽوٿ.
    وائي فائي جي مدد سان هن چشمي کي انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ ڪري اوهان ڊيٽا انٽرنيٽ تي منتقل ڪري سگهو ٿا. ٽيڪنالاجي سان سجايل هي چشمو انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ سميت مختلف فنڪشنز اوهان لاءِ اکين آڏو دستياب ڪندو جن کي اوهان پنبڻين (پلڪن) جي حرڪت سان ڪنٽرول ڪري سگهندا.

    2) بنا ڊرائيور جي هلندڙ ڪار (Google Driver less car)
    [​IMG]

    گوگل بنا ڊرائيور جي هلندڙ ڪارن جي ڪامياب آزمائش ڪري ڇڏي آهي، جلدي ان سلسلي ۾ ڪمرشل طور تي وڪري جو آغاز ٿي ويندو، جنهن سان ٽريفڪ حادثن ۾ موت جي شرح گهٽ ٿيندي.

    3) اُڏندڙ موٽرسائيڪلون (Flying Bikes)
    [​IMG]

    هوا ۾ اُڏندڙ موٽرسائيڪلون جيڪي پنهنجا مخصوص فضائي ٽريڪس پڻ رکنديون. گوگل جي سي اي او ليري پيج اهڙو خيال پيش ڪيو آهي ۽ اُن سان ماڻهن ۾ سائيڪلنگ جو شوق وڌندو. گوگل نه صرف ان تي ڪم ڪري رهي آهي پر اهو پراجيڪٽ ماڻهن جي سوچ کان وڌيڪ اهم ثابت ٿيندو..


    4) اسمارٽ ڪانٽيڪٽ لينس (Smart Contact Lens)
    [​IMG]
    جيڪي ماڻهو گوگل گلاس کي پسند نه ٿا ڪن، انهن لاءِ گوگل سمارٽ ڪانٽيڪٽ لينس تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ان سان جسم ۾ مختلف مادن جي مقدار جي معلومات جي ڄاڻ به وٺي سگهبي، جيئن گلوڪوز ۽ شگر وغيره.. ٻيا به گهڻا ئي فيچر ان سان لاڳاپيل هوندا جيڪي اڃان گوگل واضح نه ڪيا آهن.


    5) گوگل لُون پراجيڪٽ، ڦوڪڻا (Internet Baloons)[​IMG]
    دنيا ۾ اهڙيون جڳهه جتي انٽرنيٽ جو حصول ممڪن ناهي، انهن مشڪل جڳهن تي به انٽرنيٽ جي رسائيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ گوگل اهڙن ڦوڪڻن جو تصور پيش ڪيو آهي جيڪي انٽرنيٽ جو هڪ نظام يا لڙي ٺاهيندا.

    6) ماڊيولر اسمارٽ فون (Moduler Smart Phones)
    [​IMG]
    گوگل جو هي پراجيڪٽ توهان کي پنهنجي موبائل پاڻ تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. توهان جي پسند جو فيچر يا حصو هڪ ٽڪڙي جي صورت ۾ دستياب هوندو، جن کي ٻين ٽڪڙن سان جوڙي (Assemble) ڪري اوهان پنهنجو موبائل تيار ڪندا.

    7) گيگابائٽ انٽرنيٽ اسپيڊ (Gigabyte InterNet Speed)

    [​IMG]

    گوگل جو موقف آهي ته دنيا ۾ انٽرنيٽ کان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ رفتار گيگابائٽس ۾ هجي، يعني گهٽ ۾ گهٽ ذريعو آپٽيڪل فائبر ئي استعمال ٿئي. ان سلسلي ۾ گوگل ڪم ڪري رهي آهي هن پراجيڪٽ جي تفصيل منظرِ عام تي نه آئي آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 مئي 2014
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    گوگل جا سڀ پروجيڪٽ بهترين آهن.
    انهن نين جو انتظار رهندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هل چري... ڇا اسان وقت کان اڳ 22 صدي ۾ داخل ٿينداسين...:):)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ها سائين سچ ٿا چئو،اسان زنده هونداسين الاء نه
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار ان جو انتظار آهي .... گوگل هونئن به اسان کي مفت ۾ کاري خراب ڪيو آهي. ڏسون ته پئسن واري نيٽ ڪڏهن ٿا آڻين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    بهترين سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533



     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    ادا مست بهترين ڄاڻ آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هن جي انٽرنيٽ اسپيڊ 100ايم بي سيڪنڊ آهي ۽ اپلوڊنگ اسپيڊ جي به ايتري آ.
    پر هڪ سورس جي مطابق هن جي اسپيڊ 800 ايم بي پر سيڪنڊ کان وڌيڪ آهي.
    وڌيڪ لا آفيشل ويب سائيٽ تي چيڪ ڪريو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو