اسان وٽ پاڙي ۾ ڪُجهه مصالحيدرا پچندو هُجي ته بُکئي پيٽ تي بُک وڌڻ لڳندي آهي ۽ آچر واري ڏينهن گلين ۾ منجهند جو تيز مصالحيدرا برياني يا قورمن جي خوشبو ڄڻ ايپيٽائزر هُجي پر سنگاپور جي گهر ڌڻين کي اها ڳالهه سخت نا پسند آهي ته سندن ڪرائيدار مصالحيدار کاڌا پچائين جيڪي هو کائڻ ته پري پر انهن جي بوءِ به برداشت نه ٿا ڪن.. ايستائين جو هُنن چينين ۽ انڊيا وارن کي گهر ڪرائي تي ڏيڻ کان توبهه ڪئي آهي (شايد اسان جو وارو به اچي ها جيڪر گهڻا هُجون ها اُتي ته). هاڻي ته تُرڪي ۾ رهندي به ڊپ ٿو ٿئي متان ڪنهن مهل اسان ماني جي انتظار ۾ هُجون ۽ گهر ڌڻي اچي گهر خالي ڪرڻ جو نوٽس ڏي. انهي حوالي سان بي بي سي جي هڪ تفصيلي رپورٽ جيڪا پنهنجي عقل آڌار ترجمو ڪئي اٿم. اوهان اڳيان حاضر. نه چيني کپن نه وري انڊين! برطانيه مان اٺ سال گُذاري ايندڙ سري لنڪا ڄائو برطانوي سُنيل جڏهن سنگاپور پُهتو ته کيس هڪ مُشڪل پيش آئي. ”آئون انهن سڀني ماڻهن کي فون ڪري رهيو هئس جن کي ڪمرو ڪرائي تي ڏيڻو هو“ سُنيل جو چوڻ هوته ڳالهه ٻولهه ته شُروع ٿي پئي وئي جنهن جو سبب شايد منهنجو انگريزي لهجو چڱو هُجڻ ٿي پئي سگهيو پر جيئن گهر ڌڻين منهنجو نالو ٻُڌو ٿي ته سندن سڀاءُ بدلجي پئي ويو. ڪو چوي ”معاف ڪجو، اسان اهڙن ماڻهن کي هتي نه ٿا رهائڻ چاهيون“. يا ”نه! انڊين لاءِ ڪمرو خالي ناهي“. سُنيل پيشي جي لحاظ کان سول انجنيئر آهي ۽ کيس گهٽ ۾ گهٽ اهڙا چار مالڪِ مڪان جواب ڏيئي چُڪا آهن. سندس چوڻ آهي ته ”مون کين گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سري لنڪن انڊين ناهن هوندا، ۽ اهو به ته آئون گهڻو وقت ته گهر کان ٻاهر رهندس تنهنڪري اپارٽمينٽ ۾ ماني پچائڻ جو سوال ئي ناهي تڏهن به هُو ڪمرو ڏيڻ تي راضي نه ٿيا“. نيٺ بيزار ٿي مون انڊين گهر ڌڻين سان رابطا ڪيا جِن مان هڪ ته مون کي جلدي گهُرائي ڪمرو ڏيکاريو. اهو مسئلو رُڳو هڪ سُنيل سان ناهي. سنگاپور جي اخبارن ۾ اهڙا اشتهار ايندا آهن جن ۾ اهو صاف صاف لکيل هوندو آهي ته ”نو انڊين، نو (PRC). پي آر سيز يعني عوامي جمهوريه چين وارا يا اُهي جيڪي چين ۾ ئي رهن ٿا.“ اپريل مهيني جي تاريخ تي پراپرٽي گُرو نالي هڪ ويسب سائٽ تي اهڙن اشتهارن جو تعداد 160 هو جن ۾ انڊين يا اصلي چينين کي رهائش لاءِ ڪمرا يا فليٽ ڏيڻ کان مُعذرت ٿيل هئي. اهو اڃان وڌيڪ تڏهن ڏسڻ ۾ اچي ٿو جڏهن ”گم ٽري“ جهڙين ويب سائٽس تي ماڻهو اهڙا اشتهار پاڻ لڳائن ٿا. قانون ڇا ٿو چئي؟ سنگاپور جي آئين جي شق ۾ ته اهو واضع طور لکيل آهي ته قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن ۽ سڀني کي هڪ جهڙو تحفظ مليل آهي. انهيءَ کان پوءِ ايندڙ شق به اهڙين ئي ڳالهين بابت آهن، مطلب ته رنگ ۽ نسل، مذهب، تاريخ، جاگرافي، تهذيب ثقافت، ڌنڌوڌاڙي، زمين يا ملڪيت ۽ ملازمت وغيره جا حق، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙين شقن جو استعمال رُڳو حُڪومت جي خلاف ئي ڪري سگهجي ٿو. مطلب ته جيڪڏهن حُڪومت ڪنهن شخص يا ٽولي جي خلاف ڪُجھ ڪري ته قانون انهن جي مدد ڪندو. انڊين ۽ چائنا جي چينين جي باري ۾ اها راءِ آهي ته هو تِکي خوشبو وارا مصالحيدار کاڌو پچائن ٿا. توڙي جو اهڙا ڪي انگ اکر ملڻ محال آهن جن سان انهيءَ فرق بابت ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگهجي. آخر مسئلو ڇا آهي؟ انهيءَ جو جواب هڪ هندوستاني ماهر وٽ آهي. کيس اهو راز هڪ ايجنٽ ٻُڌايو ته ”انڊيا جا ماڻهو هميشه اهڙو کاڌو پچائن ٿا جن سان تيز بوءِ ٿيندي هُجي“. سُنيل جيان هِڪ ٻي انڊين سان به اها ساڳي ڪار ٿي. ساڻس ايجنٽ سُنيل جي ڀيٽ ۾ ڪُجھه بهتر رويو اختيار ڪندي چيو ته ”ڪُجهه مالڪِ مڪان جو رويو ٿوري مُشڪل پيدا ڪري سگهئي ٿو“. اهڙو ئي رويو مون کي به پلئه پيو جڏهن آئون فليٽ جي تلاش ۾ هئس ۽ منهنجي ايجنٽ کي هڪ اهڙي گهر ڌڻي جو فون آيو جنهن کي منهنجي چيني هُجڻ تي پريشاني هئي. هو ڪافي دير تائين منهنجي لاءِ پاڻ ۾ بحث ڪندا رهيا ۽ آئون اذيت ۾ اهو ٻُڌندو رهيس. جڏهن سندن ڳالهه ٻولهه پوري ٿي ته مون ايجنٽ کان پُڇيو ته ڇا کيس خبر ناهي ته آئون برطانوي آهيان؟. مون واري ايجنٽ چيو انهي سان ڪو فرق نه ٿو پوي. هو سمجهي ٿو ته تون آهين ته وري به چيني نه؟ ڀلي کڻي تو پاسپورٽ برطانيه جو حاصل ڪري ورتو آهي. انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز جي هڪ جهوني مُحقق جو چوڻ آهي ته لڏپلاڻ يا هجرت ڪرڻ وارن بابت ماڻهن پنهنجي پاران ڪُجهه انداز قائم ڪري راءِ جوڙي ورتا آهن جيڪي سالن کان هلندا اچن ٿا. ڪُجهه ماڻهن بابت سندن راءِ آهي ته هو گهرن جو خوب خيال رکن ٿا، ڪُجهه ماڻهن بابت وري اهو خيال آهي ته جڏهن هو وڃن ٿا ته گهرن ۾ اهڙي بوءِ ڇڏي وڃن ٿا جيڪا نڪرڻ جو نالو نه ٿي وٺي. جنهن سان کين لڳي ٿو ته سندن گهَرن جي قيمت ڪِري ٿي پئي. هڪ اسٽيٽ ايجنٽ ڪارلين جو انڊين ۽ چينين بابت چوڻ آهي ته ”انهن مان اڪثر هفتو هفتو گهرن جي صفائي ئي نه ٿا ڪن ۽ اهڙا کاڌا ٿا پچائن جن سان تيل مان دونهون ٿي نڪرندڙ ننڍڙا ذرڙا آسپاس وڃي ڄمي ٿا وڃن ۽ جڏهن انهن تي لٽ مٽي پئي ٿي ته اُها ڄمي ٿي وڃي. هو اهڙا مصالحه به استعمال ڪن ٿا جن جي بوءِ ٻين کي صفا پسند ناهي هوندي. انهن لاءِ هڪ راءِ اها به آهي ته هو بِنا ٻُڌاءِ ٻين ماڻهن کي پاڻ سان گڏ رهائڻ شُروع ڪن ٿا. جيڪو هڪ ثقافتي مسئلو به آهي. سنگاپوري چيني گهر ڌڻي ۽ انڊين ڪرائيدار وچ ۾ کاڌي جو معاملو ايئن طئي ٿيو ته انڊين صرف اُن ڏينهن ئي کاڌو پچائيندا جڏهن سندن گهر ڌڻي ۽ ٻي آڪهه پري ڪيڏانهن گهُمڻ ويل هوندا. سنگاپوري جي حُڪومت ڪنهن سان به اهڙي ٻيائي نه ٿي ڪري ۽ سنگاپوري چينين کي شڪايت آهي ته حُڪومت هتي جي چينين کان وڌيڪ انڊين کي ترجيح ٿي ڏي انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته حُڪومت ۽ عوام جي راءِ الڳ الڳ آهي. نسلي امتياز جو واضع اظهار تڏهن ٿيو جڏهن هڪ انڊين بس جي حادثي ۾ فوت ٿيو ۽ سوين انڊين ۽ ڏکڻ ايشيائي تششد تي لهي آيا. سماجي ميڊيا تي انهيءَ واقعي کان پوءِ نسلي تفاوت ۽ غير مُلڪين جي طاقت تي بحث ۽ مذمتن جو سلسلو هلي پيو ۽ نتيجو اهو نڪتو ته سنگاپوري چينين جي انڊينز جي باري ۾ راءِ وڌيڪ سختي وٺي وئي.
ضرور اهڙيون ڳالهيون پرديس تي ٻڌي متان پاڻ سان به ڪار ٿئي جو ڊپ ٿيندو هوندو ... پر بقول توهان جي ته ترڪي وارا پاڪستانين جي عزت ورهين کان ڪندا پيا اچن... (جنهن لاءِ موجوده حالتون مجبور ٿيو ڪن ته دعا گهرندو رهجي ته شل اها عزت قائم رهي).. ها البته پاڻ وٽ هتي سنڌ ۾ مشهور خانه بدوش باگڙين بابت اهو مشهور آ ته انهن مان نسل در نسل هر وقت ناپسنديده بوءِ ايندي آهي... گهڻا ان جو ڪارڻ باگڙين پاران ڳوهه جو شڪار ڪري کائڻ سمجهندا آهن... سو ادا بس پنهنجو ۽ پنهنجي پاڙي جو خيال رکندا ڪريو...
هل يار ..... مصلحن هيڏا مسئلا پيدا ڪيا آهن ... هتي ته سنڌ سلامت ريسٽورانٽ تي هٿ سان ٺاهيل مصالحن وارا تڪا ۽ ڪڙهائي کائي ٿڪيا آهيون پر پوء به پيا کائون.