آخرڪار وارد جي صارفين وارد کي مجبور ڪيو ته هو به نئي ٽيڪنلوجي ۾ قدم رکن وارد 4جي جو رهيل لائنس لاءِ پنهنجي درخواست پي ٽي اي کي ڏئي ڇڏي.
ادا اصل ۾ وارد وٽ 4 جي ايل ٽي اِي جا اسپيڪٽرم موجود آهن، جنهن جي ذريعي جو هو پاڻ ئي 4 جي ٽيڪنالاجي شروع ڪري سگهي ٿو، اها ٽيڪنالاجي شروع ڪرڻ لا ئي پي ٽي اي کي درخواست ڏني آهي، انهي تي ٻين ڪمپنين اعتراض ڪيو آهي ته ائين ڪرڻ سان وارد سڀني کان اڳ (ڪجهه مهينن اندر) ملڪ ۾ اها ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، جڏهن ته ٻين ڪمپنين کي پوري ملڪ لا هڪ سال جو عرصو لڳندو ۽ انهن ڪمپنين اربين رپين جي سيڙپ تي پڻ ناڪاري اثر پوندا.
وارد وٽ نيوٽرل لائسنس هو جنهن تحت هو پاڪستان ۾ ڪنهن وقت به 4جي يا 3جي سروس شروع ڪري سگهي ٿو، سندس 4جي نيٽورڪ به پوري ملڪ ۾ فقط ٻن مهينن ۾ شروع ٿي ويندو، جڏهن ته ان ڳالهه لاءِ زونگ کي پورو سال لڳي سگهي ٿو. اها ڳالهه زونگ لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي...