فائرفاڪس جو 29 ورجن .. جهڙوڪ گوگل ڪروم

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    فائرفاڪس جا يوزر پنهنجي برائوزر کي ڪروم جي ڀيٽ ۾ ڪافي پسند ڪندا آهن.. خاص طور اسان وارو دوست عبدالحفيظ لغاري ... بس ڪروم ته هو سنڌ سلامت ريڊ ڪري ئي استعمال ڪندو آهي...
    خير ادا حفيظ سميت سمورن فائرفاڪس چاهيندڙن لاءِ خبر ته فائرفاڪس وارن پنهنجو نئون ورجن 29 لانچ ڪري ڇڏيو آهي... ۽ ان انٽرفيس ۾ ڪافي تبديليون آنديون آهن.. خوشگوار حيرت ته فائرفاڪس جي نئين ورجن جو ڏيکار گوگل ڪروم جهڙو آهي.. جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انٽرنيٽ يوزرس جو گهڻو تعداد ڪروم کي چاهي ٿو...
    فائرفاڪس پنهنجي برائوزرس ۾ استعمال ڪندڙن کي پنهنجي سهولت مطابق ڏيکاء جي ڪسٽيمائيزيشن جو پڻ اهتمام ڪيو آهي.. ان کان علاوه نئين ورجن ۾ سنڪرونائيزيشن جي فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو...
    وڌيڪ تفصيل ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ فائرفاڪس جي وائيس پريزيڊينٽ جي تعارفي وڊيو پيش آهي...



    فائر فاڪس جو نئون ورجن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    مون وڏي جوش مان پڙهيو ته اوهان سنڌ سلامت ريڊ جو جهُڳاڙ ڪري ورتو!
    ڏيک سان پنهنجي گهٽ پئي.
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مون کي فائرفاڪس پسند ئي ناهي،
    ڪروم بهترين آ.
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪروم ڏسڻ ۾ صفا هلڪا محسوس ٿيندو آهي مطلب اکين کي وڻندو آهي، ان جا فيچر به ڀلا آهن، هر ويبسائٽ ان تي سٺي نموني کلي وڃي ٿي. فائرفاڪس جو هي ورجن مون ٻه ڏينهن اڳ هڪ پي ٽي سي ايل يوزر جي ڪمپيوٽر تي ڏٺو .، ڏسڻ ۾ ۽ استعمال ڪرڻ ۾ وڻيو... مطلب ته ٽيڪنالاجي جا وڏا وڏا ديوَ گوگل جي هر سسٽم کي فالو ڪن ٿا
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار منهنجو ته ڪروم سان عشق آهي. سڀني کان سولو، هلڪو ۽ يوزر فرينڊلي لڳندو اٿم ... بس فيسبوڪ تي سنڌي پڙهڻ جي ڏکيائيء ماري وڌو آ .... نه ته سر لڳي پنهنجو گوگل ڪروم سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو