مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان ڪنهن کي پنهنجو فيملي ڊاڪٽر چوان!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تُنهنجو فيملي ڊاڪٽر ڪير آهي !
    مان يقين سان نٿو چئي سگهان !
    ڇا مطلب !.... حيرت آ توکي پنهنجي فيملي ڊاڪٽر جي نالي جي خبر ئي ڪانهين !
    ڪنهن زماني ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ ئي اسانجا فيملي ڊاڪٽر هُوندا هُئا ! اها مُهنجي ٻالڪپڻ جي ڳالهه آهي ! پر هيئنر مُهنجي ماءُ آءِ اسپيشلسٽ جي زير علاج آهي، مُهنجو پيءُ مشعوري لاءِ هڪ هارٽ اسپيشلسٽ ڏي ويندو رهندو آهي ! مُهنجي ڀيڻ اي. اين. ٽي اسپيشلسٽ کان پنهنجو علاج پئي ڪرائي ! مُهنجو ڀاءُ چيسٽ اسپيشلسٽ ڏي ويندو آهي ! مُهنجا ٻار چائلڊ اسپيشلسٽ جي زير علاج آهن ! مان بذات خود ! هڏين ۽ جوڙُن جي ماهر کان علاج پيو ڪرايان ! مُهنجي زال گائنالاجسٽ جي زير علاج رهي ٿي ! ان ڪري مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان ڪنهن کي پنهنجو فيملي ڊاڪٽر چوان!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو