ننڍن ملازمن کان سواءِ سرڪاري محڪمن جو نظام هلي نٿو سگهي !

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ سرڪاري پر ننڍي ملازم کي ڪنهن اهم مقدمي ۾ گواهيءَ لاءِ ڪورٽ سڳوريءَ پاران سڏيو پئي ويو پر هو مُشرف وانگر ڪو نه ڪو بهانو ٺاهي حاضريءَ کان جان ڇڏائيندو هو.
    گهڻي دفعا ڪورٽ سڳوريءَ سمن ڪڍيا بل آخر مجبور ٿي هڪ ڏينهن ڪورٽ ۾ حاضر ٿي ويو ۽ جج کي درخواست ڪئي ته کيس گواهي وٺي جلد فارغ ڪيو وڃي ۽ ڪورٽ کي جتائڻ لڳو
    گواه : جج صاحب ! توهانکي خبر آهي ته سرڪاري محڪمن ۾ اسان جهڙن ننڍن ملازمن جون ڪيترون ذمي داريون هونديون آهن... ۽ اسان ڪيترا مصروف هوندا آهيون !
    جج : اوه ! (طنز سان) ته تون هن ڪورٽ سڳوريءَ کي اهو سمجهائڻ چاهين ٿو ته ! توهان جهڙن ننڍن ملازمن کان سواءِ سرڪاري محڪمن جو نظام هلي نٿو سگهي !
    گواه : سر ! هلي ته سگهي ٿو ! پر مان چاهيان ٿو ته اها خبر محڪمن جي آفيسرن کي نه هُئڻ گهرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو