• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪمپيوٽر مان Autorun ۽ Ravmon.exe وائرس کي ختم ڪرڻ

عبدالوهاب

سينيئر رڪن
ويچاري مولو جي Taskmanger واري مسئلي مان جند مس ڇٽي هئي ته مٿان وري ٻئي مسئلي منهن ڪڍيس، مسئلو ڪجهه هن ريت هو ته مولوءَ جي دوست هوشو هن جي ڪمپيوٽر ۾ Data Traveller لڳائي ڊيٽا ٽريولر لڳائڻ کان پوءِ هن ڊيٽا ٽريولر تي ڊبل ڪلڪ ڪري ان کي کوليو ۽ انهي مان ڪجهه فائل ڪاپي ڪري ڊيٽا ٽريولر ڪڍي ڪري هليو ويو.
پر ٿوري دير کان پوءِ ويچاري مولو جيئين ئي پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڊرائيو تي ڪلڪ ڪيو ته هن کي موئن جي دڙي جي زماني جي ٻولي پر هڪ عجيب قسم جي ٻولي مينيو بار ۾ ڏسڻ ۾ آئي ٻيو وري اهو ته ڪوئي ڊرائيو به نه کلي،
autorunravmonexe.jpg

مولو ويچارو اڳي پريشان وري هاڻي وڌيڪ پريشان ٿيو سو، پنهنجي دوستن گلو، ولو، ۽ هوتو کي فون ڪيائين، سڀئي يڪدم پهچي ويا، ٽنهي دوستن مان هوشيار هوتو چيو ته مان سمجهي ويس ته اهو ڇا چڪر آهي
ـ سنڌ ۾ رهندڙ ماروئڙن وٽ نه پر پوري دنيا ۾ ڪجهه وائرس پکڙيل آهن جن جا نالا هي آهن
• Virus.Win32.Agent.aw.a , Virus.Win32.AutoIt.a.a , Virus.Win32.AutoRun.abt.a , im.worm.win32.sohanad.bm.a , im.worm.win32.sohanad.t.a , Trojan.Win32.Agent.abt.a, Trojan-Downloader.Win32.AutoIt.aa.a , Trojan-Downloader.Win32.AutoIt.q.a, Trojan-PSW.Win32.OnLineGames.mgw.com.a, Trojan-PSW.Win32.OnLineGames.pno.a.com, Virus.Win32.AutoRun.ajn.com​
انهن جي پکڙڻ جو سبب ڊيٽا ٽريولر يا Pen Drive ، MP3 Players ۽ Ipod وغيره آهن،
انهي وائرسن کي ختم ڪرڻ جو هڪ آسان طريقو آهي،
1. سڀ کان پهريان توهان هتي ڪلڪ ڪري Smart Virus Remover ڊائونلوڊ ڪريو.
2. ان کان بعد ان کي Winrar جي ذريعي ايڪسٽريڪٽ ڪري ان جي سيٽ اپ هلايو.
3. سيٽ اپ هلائڻ کان بعد توهان جي ڊيسڪٽاپ ته هڪ Icon نظر ايندو
4.توهان Smart Virus Remover کي هلايو جيئن ئي توهان ان کي هلائيندا ته هيٺين ونڊو ظاهر ٿيندي.
autorunravmonexe2.jpg

5.هاڻي سڀ کان پهرين Delete autorun.inf files واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان جي سسٽم ۾ جيڪي به Autorun.inf فائيلون هونديون سي ختم ٿي وينديون.
6. ان کان بعد Restore Windows Default Setting واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪندا ته هيٺين ونڊو کلندي
autorunravmonexe3.jpg


Enable Task Manager کي چيڪ مارڪ ڏيڻ سان توهان جو ٽاسڪ مينيجر ڪم ڪرڻ شروع ڪندو
Enable Registry Editor کي چيڪ مارڪ ڏيڻ سان توهان جو Registry Editor فعال ٿي ويندو، يعني توهان رجسٽري ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ڪري سگهو ٿا.
Enable Command Prompt جي ذريعي توهان پنهنجي DOS سسٽم کي فعال ڪري سگهو ٿا
Enable Run جي ذريعي اگر توهان جو رن آپشن ڪم نه ڪري رهيو هوندو ته اهو فعال ٿي ويندو
Enable Folder Option هن سان توهان جو فولڊر آپشن فعال ٿي ويندو، ۽ توهان پنهنجي لکيل فائلن کي به ڏسي سگهندا
Restore All Folder Option Settings جي ذريعي توهان پنهنجي سڀني فولڊرن جي سيٽنگس کي Restore ڪري سگهو ٿا.
Disable Autoplay on All Drives جي ذريعي توهان سڀني ڊرائيون تا پنهنجو پاڻ مرادو هلڻ ختم ڪري سگهو ٿا
اگر توهان جي ڪنهن به فولڊر ۾ وائرس موجود آهي ته Remove Virus From a Folder تي ڪلڪ ڪري ان نڀاڳي وائرس کي ختم ڪري سگهو ٿا
چوندا آهن ته هجي نانگ ۽ زهر نه رکي، ٿي ئي نه ٿو سهگي ، اهڙي نموني اگر USB ڊرائيو هجي ۽ ان ۾ وائرس نه هجي ٿي ئي نه سگهي Remove Virus From USB تي ڪلڪ ڪري توهان پنهنجيUSB/Data Traveler/ Pen Drive / Ipod مان وائرس ختم ڪري سگهو ٿا.

هن چرڙئي موچاري کي اميد آهي ته هي ٽِپ منهنجي ماروئڙن کي ضرور پسند ايندي
 

ادا وهاب ادا هوتو ته asul matt ڏاڍو ڪو دماغ اٿس الاء ڇا کائيندو آهي پر ڇا به کائي suhnan saan ادا مان به ان کي آزمايان ٿو ڏسون ته ڪهڙا ٿو مٽ ڀڃي مهرباني ادا ادي هوتو ۽ ولو کي به مهنجا ڏاڍا سلام ڏجانء مهرباني shal judy hujeen
 
ادا علي، هوتو ويچارو ڪجهه به نه کائيندو آهي بس صبح جو ناشتي ۾ 8 ڊڳڙيون، 4 ڪپ چانهه جا، 5 عدد پراٺا، بس ادا هن جو اهو ئي ناشتو آهي، باقي توهان پاڻ سمجهو ٿا ته هن جو مانجهاندو ۽ رات وارو کاڌو ڪيئن هوندو۔
 
ادا علي، هوتو ويچارو ڪجهه به نه کائيندو آهي بس صبح جو ناشتي ۾ 8 ڊڳڙيون، 4 ڪپ چانهه جا، 5 عدد پراٺا، بس ادا هن جو اهو ئي ناشتو آهي، باقي توهان پاڻ سمجهو ٿا ته هن جو مانجهاندو ۽ رات وارو کاڌو ڪيئن هوندو۔

hall chariادا جي اها حالت اهي ته پوء ته دشمن جي در تي ٻڌڻ جهڙو آهي
khil sahikhil sahi
 
هاهاهاهاهاهاهاهاهاهاها، چئو ته توهان به ٺيڪ ٿا،

ادا مان چوان ته ٺيڪ ٿو پر اوهان ائين ڪندو ڪونه ڇوته هوتو ڀلي ئي مهانگو ٿو پلي پئي پر آهي ته اوهان جو پڳ مٽ يار نه ان جي جدائي ڪٿي ٿي اوهان کان برداشت ٿئي ۽ وري آهي به ڪم جو ماڻهون ڏڪئي وقت جڏهن به سڏ ڪرينس ته پيرين اگهاڙو اچي پهچندو هوندو سو ميرو سيرو پر آهي ته سوا سيرو نه
 
ادا وهاب ڏاڍو ڪم جو سافٽويئر شيئر ڪيو اٿوَ۔۔۔۔۔
اسان جا اڪثر ساٿي اهڙن ئي مسئلن ۾ منجهيل هوندا آهن۔۔۔
پر ادا اهو ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو وائرس ورتل ڪمپيوٽر هوندو آهي ته اهو اهڙن سافٽويئرن کي انسٽال ڪرڻ ئي ڪونه ڏيندو آهي۔۔۔۔
ڏسجي ته باقي سنگت سافٽويئر جي باري ۾ ڪهڙا خيال ٿي ٻڌائي۔۔۔۔
 
ادا وهاب ڏاڍو ڪم جو سافٽويئر شيئر ڪيو اٿوَ۔۔۔۔۔
اسان جا اڪثر ساٿي اهڙن ئي مسئلن ۾ منجهيل هوندا آهن۔۔۔
پر ادا اهو ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو وائرس ورتل ڪمپيوٽر هوندو آهي ته اهو اهڙن سافٽويئرن کي انسٽال ڪرڻ ئي ڪونه ڏيندو آهي۔۔۔۔
ڏسجي ته باقي سنگت سافٽويئر جي باري ۾ ڪهڙا خيال ٿي ٻڌائي۔۔۔۔

ادا رشيد مون استعمال ڪيو آهي تما م سٺو آهي خاص ڪر يو ايس بي لڳائڻ مهل ته تمام فايدي مند حي جي ان کي اسڪين ڪجي ان سان ته وائرس ڪا بچي سگهجي ٿو
 
مونکي يقين نه ٿو اچي ته منهنجي انڌڙي منڊڙي شيئرنگ کي ايتري محبت واري موٽ ملي آهي، توهان ڀائرن جي مهرباني جو هن موچاري جي لکيڻ کي پسند ڪيو۔ پنهنجي طرفان پوري پوري ڪوشش ڪري پنهنجي ماروئڙن سان ڪجهه نه ڪجهه شيئر ڪندو رهندس۔
رڳو توهان جي دعائن جي ضَرورت آهي۔
 
سائين منهنجا هي سافٽويئر ڊائون لوڊ نه ٿو ٿئي مهرباني ڪري ان کي ري چيڪ ڪندا

سائين رحيم بخش صاحب سلام عرض ڪيو سي

سائين معاف ڪجو هن ٿريڊ تي نظر دير سان پئي سائين هي وٺو لنڪ جيڪا ڪم ڪري پئي

http://www.ziddu.com/download/4580849/smart_vr.rar.html


sindhsalamatsaathsal

دعائن ۾ ياد shal judy hujeen
 
Back
Top