ڇا ٻئي کي ڪوڙو چوڻ وارا پاڻ ئي ڪوڙا هوندا آهن

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ شخص ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو ۽ ڪافي شهرت حاصل ڪيائين. هڪ ڏينهن هڪ بدصورت پوڙهي عورت کيس ڪنهن شادي جي تقريب ۾ ملي جنهن کي عورتن ٻُڌايو ته شهر جو مشهور ڪوڙو به هتي آيل آهي. هو اڇي ان ڪوڙي شخص سان ملي ۽ پُچڻ لڳيس
    پوڙهي : ابا ! الله ڀلو ڪنئي ! هتي هال ۾ ته سڀئي تُهنجو چرچو پيا ڪن ته تون ڪاپاڙي ڪوڙو آهين !
    شخص : (ادب سان) اي قابل احترام حسين عورت ! حيرت آ توهان به دُنيا وارن جو عجيب وغريب ڳالهيون پيا ڪريو ! جنهنتي مان ڌيان ئي ڪونه ڏيان ! ها البته توهانکي ڏسي حيرت جو شڪار ضرور ٿيان پيون!
    پوڙهي : اهو ڪيئن !
    شخص : اهو ائين ته اوهان جي ايتر عمر ۽ هي خوبصورتي ! قسم کائي چئي سگهان ٿو ۽ جُرات سانم ٻُڌائي سگهان ٿو هن محفل وارن کي ته مان شايد ئي ڪا توهان جهڙي حسين عورت ڏٺي هُجي !
    عورت پاڻ پڏجي مُسڪرائي ٿي
    پوڙهي : ها ابا ! هي دُنيا وارا به ڏاڍا ظالم، ڪوڙا ۽ سنگدل آهن ! جو ڪنهن چڱي ڀلي سچي ماڻهون کي خوامخواه بدنام ڪندا وتن ! هاڻ ته مُهنجو به ايمان آ ته درحقيقت ! ٻين کي ڪوڙا چوڻ وارا درحقيقت پاڻ ئي ڪوڙا هوندا آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو