ڇا هاڻ آرام سان تڙ به نٿو ڪري سگهان ؟

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪو شخص پنهنجي جهڳڙالو زال کان تنگ اچي گهر ڇڏي هزارين ڪوهه پري هڪ ٻئي شهر ۾ اچي رهڻ لڳو. هو ان نئين شهر ۾ پنهنجو نالو بدلائي رهڻ لڳو، پنهنجي ڏاڙهي به وڌائي ڇڏي هُئائين ته مٿي جي وارن کي ڊاءِ به ته جيئن حليو بدليل ڏسجيس ۽ کيس ڪو سڃاڻي نه سگهي.
    پر جهڳڙالو زال به ڪا تراڙ هُئي ڪٿي ٿي پيڇو ڇڏيس ! گهمندي پُڇندي آخر پنڌرهن ڏينهن اندر کيس تلاشڪري اچي نئين گهر ۾ پُهتيس ! زال کي داخل ٿيندو ڏسي همراه جا چپ ئي خشڪ ٿي ويا ۽ هوش وڃائي ويٺو ۽ همراه ڊپ کان وڃي وهنجڻ جاءِ ۾ پناهه ورتي. زال به نه ڪئي ڪا هم نه تم ! وهنجڻ جاءِ جو دروازو ٽوڙي ويلڻ کڻي اندر داخل ٿي مڙس جو گريبان پڪڙي ٻاهر ڇڪي ڪڍڻ لڳي ته مڙس عاجزي ڪري چوڻ لڳو
    مڙس : اها وري ڪهڙي حرامپائي آهي بيگم ! ڀلا هاڻ ڇا چين سان تڙ به نٿو ڪري سگهان !
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو