ٽهڪن ۾ ٽانڊا مٺي خارش، ڇتي خارش ۽ ذهني خارش! ڊاڪٽر عبدالعزيز ٽالپر خارش لفظ ئي اهڙو خطرناڪ آهي، جو کيس لکندي، پڙهندي ۽ ٻُڌندي ئي بدن ۾ سيسڙاٽ ٿيو وڃن. ٺيٺ سنڌيءَ ۾ خارش کي کئي به چئبو آهي، شهري ۽ فيشني ماڻهو وري کيس امراضِ جلد چوندا آهن. خارش ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ مِٺي، ٻي ڇِتي، مِٺي خارش بيوفا محبوب وانگر ڪنهن به وقت هٿ ڪڍي ويندي آهي، جڏهن ته ڇِتي خارش وفادار زال وانگر مرڻ گهڙيءَ تائين کيس رت ڪندي آهي. جڏهن ته مرڪزي خارش جسم جي سڀني عضون کي ڪالوني بڻائي پئي ڀِينگ ڪندي آهي. خارش جو ايمرجنسي علاج کنهڻ آهي، جيڪو خارش جا مريض بغير ڪنهن رٿابنديءَ جي لاڳيتو ۽ خود بخود ڪندا رهندا آهن. کنهڻ وقت مريض جي ٻانهن ائين پئي مُسلسل هلندي آهي، جهڙو همراهه سُرندو پيو وڄائي. ٻين بيمارين جا مريض ته کٽ تي ڦانءَ ٿيو پيا هوندا آهن پر خارش جا مريض اهڙي وٺ وٺان ۾ هوندا آهن، جهڙو مُڙسن جي ٻاجهر جهار کايو ٿي وڃي. ڇِتيءَ خارش جو وري ٽائيم ٽيبل ئي اُبتو. چٻري وانگر ڏينهن جو سُتل ۽ رات جو لوڪ سُتي اچي نازل ٿيندي، پوءِ مريض جي کن کنهان شروع، جيسين وڃي وڏي فجر جو ڪُڪڙ دس هڻن. خارش پکڙجندڙ مرض آهي. ميلي منجهان همراهه کي لڳي، همراهه مان زال کي لڳي، زال مان ٻارن کي ۽ سهريجاڻي آڪهه کي لڳي ۽ اُتان کان سڄي ڳوٺ ۾ پکڙيو وڃي. خارش جي علاج جا ماهر ڊاڪٽر ته ٻارهوئي موج ۾ آهن. ان ڪري جو خارش نه ڇڏ بيماري آهي. خارش جو مريض مرڻ گهڙيءَ تائين ڊاڪٽر کي هر هفتي في ڏيو اچي، جهڙو ڊاڪٽر وٽ ويسيءَ رکي هجيس. ويسي به اهڙي، جيڪا مرڻ تائين نه کُلي. ڪجهه مريض وري چشمن تي وهنجڻ وڃن ۽ مال جي بدلي مال واري اصول تحت هڪ ٻئي جي جراثيمن جي ڏي وٺ ڪريو اچن. خارش وارو مريض، سڄي جسم تي کنهيو وقتي نجات ته حاصل ڪري ٿو پر پُٺن واري خارش خاص ڪري آرايون وڏو عذاب آهن، جو اُتي هٿ ڪونه ٿو پُڄي. پوءِ هِن هُن کي کنهڻ لاءِ منٿ جو ٺڪاءُ هوندن. ڪير ٿو کين ڏينهن ۾ ڏهه دفعا کنهي؟ پوءِ ته ڪيڏي مهل ڀت سان پٺا گسائي انجو راڳو پيا خراب ڪن، ته ڪيڏي مهل وڻ جي ٿڙ سان رهڙ رهڙان ڪن. مونکي به هڪ دفعو پٺن تي خارش ٿي، ته طوطن ماءُ کي عرض ڪيم ته ”ٻيلي وارا ڪر! پٺن تي کهن صفا مر پيا پوندا هيان “. هو وري اُتي کنهي جتي خارش هجي ئي نه، پوءِ چَوانس ”ٿولڙا هيٺ، ٿولڙا مٿي، ساڄي پاسي، ٿولڙا کاٻي پاسي“ جهڙو ڪلينر گدام مان پوئين پيرين پيو ٽرڪ ڪڍرائي. مس مس ڪلاڪ کانپوءِ خارش واري جاءِ تي پهچي، ته خارش اتان ختم ٿي وڃيو ٻئي هنڌ شروع ٿئي. وري اتي جو چوانس جهڙو بلدياتي اليڪشن کان اڳ يوسين ۽ وارڊن جون نيون تڪ بنديون پيون ٿين. نيٺ طوطن ماءُ بيزار ٿي هٿ ڪڍندي چيو: ”مئا! تيڏي طالبان وانگر ڪا هڪ ڳالهه ته ڪانهي، مين توبهن ڪِتي کنهڻ ڪون“. مون واري سالي صدوري صلاح ڏني ته: ”پُٺن تي کنهڻ لاءِ بازار مان پلاسٽڪ جو هٿ ٿو ملي سو وٺي اچ، هرو ڀرو اديءَ جو محتاج نه ٿي. ورندي ڏينهن بازار مان ڳولي ڳولي ڏيڍ سئو ۾ پلاسٽڪ جو هٿ وٺي آيس، سڄي رات پٺن تي کنهي کنهي فجر جو سُتس. صبح جو طوطن ماءُ جو سيرانديءَ کان پيل اهو هٿ ڏٺو، ته ڀانيائين ته کيس سَٽڪو ڪڍڻ لاءِ مون ڪو هٿيار آندو آهي. سو ڪاٺين سان گڏ چلهه ۾ ٻاري مانيون پچائڻ لڳي. پلاسٽڪ جي سڙڻ جي مونکي جا ڌپ آئي، ته ٽپ ڏيئي اُٿي ويٺس، ڀانيم ته پاڻيءَ وارو موٽر وري سڙي ويو، جيڪو گذريل هفتي پندرهن سئو خرچ ڪري ٺهرايو هو. منهنجي پڇڻ تي طوطن ماءُ چيو ته، ”مئا! ميڪون مارڻ لاءِ تئين جيڪا چنبا آندا هئا، سو مئين ساڙ ڇوڙيا هي، نه هوسي بانس نه وڄسي بانسري“. پوءِ ته سورپي ۽ ڏانداريءَ سان پٺا کنهڻ لڳس. چوندا آهن ساڄي هٿ ۾ خارش ٿيندي آهي ته پئسا ملندا آهن ۽ کاٻي هٿ ۾ خارش ٿيندي آهي، ته مارَ ملندي آهي. مون کي ته ڪئين خارشون هيون، سو هڪ ڏينهن وڃي طوطي واري نجوميءَ کي ساڄو هٿ ڏيکاريم. چئي : وڏو ڪئش ملڻ وارو اٿئي. وري کاٻو هٿ ڏيکاريم، چئي: ”تنهنجي نصيب ۾ بيگم جون ڪئين ڏويون ۽ ٽِڦڻيون لکيل آهن، وري ساڄو پير ڏيکاريم، تنهنجي نصيب ۾ ڀلي پار جو سفر لکيل آهي، وري کاٻو پير ڏيکاريم، چيائين: اُٿ نڀاڳا تون خارش جو مريض آهين. وڃي ڪنهن چمڙيءَ واري ڊاڪٽر کي ڏيکار! ڏاڍي جُٺ ڪري ويو ميونسپالٽيءَ جي نلڪي تان هٿ ڌوئڻ، ته متان مون واري خارش کيس چُهٽي نه وڃي، مون به ڪاوڙ ۾ اچي سندس فالن وارا ڪتاب، طوطي وارا لفافا ۽ طوطو پڃري سميت کڻي رڪشا ۾ رکيو ۽ کڻي آ.....ڪيم، سڌو فقير جي پڙ جي فوٽ پاٿ تي طوطي واريون فالون شروع ڪيم. روز ٻه ٽي هزار پيو ڪمايان، ليٽون سڀ لهي ويون. هڪ ڏينهن بازار مان طوطي لاءِ تلهاري مرچ ڪونه مليا، ڪُنريءَ وارا ڇِتا لونگي مرچ مليا. طوطو ويچارو بک ۾ اهي کائي ويو پر پوءِ کيس السر ٿي پئي ۽ مري ويو. طوطو ڇا مئو ڄڻ منهنجي سُئا مينهن مري ويئي هجي. روز ٻه ٽي هزار پئي ڪمايا، اصل روزيءَ تي لَتَ اچي ويئي. وري به ليٽون ۽ بکون، طوطن ماءُ جو ٽرڪو وري به شروع ٿي ويو. خارش هڪ ته جسماني ٿئي ۽ ٻي ذهني. هڪ ڳوٺ جي ماڻهن کي اهڙي ذهني خارش آهي جو اتي رڳو شاعريون پيون ٿين، توهان اُتي اکيون پوري پٿر اُڇلائيندئو، ته اهو به وڃي ڪنهن شاعر کي لڳندو ۽ اهو شاعر وري پٿر تي تازا ڪلام ٺاهي وٺندو. انهيءَ ڳوٺ جي ماڻهن کان متاثر ٿي اتان جي جيتن، پکين ۽ جانورن به شاعري ڪندي پنهنجا تخلص رکي ڇڏيا آهن. مثلاً ٽنڊڻ ککڙائي، کڙ کٻيتو ککڙائي، ڳيرو ککڙائي، تتر ککڙائي، وغيره وغيره. بدين وارن کي ذهني خارش ٿئي ته شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ملڪاڻي کان اسلام آباد تائين احتجاج ڪن. پنگرئي وارن کي ذهني خارش ٿئي ته ڀوري ڀيل جو لاش قبر مان ڪڍيو اڇليو ڇڏين. دنبالي وارن کي ذهني خارش ٿئي ته هندن جي هوليءَ جي رنگن اڇلڻ تي پابندي مڙهيو ڇڏين. لاڙڪاڻي، حيدرآباد، هوسڙي ۽ ڏيپلي وارن کي ذهني خارش ٿئي، ته هندن جي مندرن، ڌرم شالائن، قبرن ۽ آستانن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪيو باهيون ڏيو ڇڏين. ٽنڊي محمد خان وارن کي ذهني خارش ٿئي، ته اليڪشن ڊيوٽي ڪندڙ غريب ماسترياڻين کي اهڙي زوردار لپاٽ لڳي، جو ان جو پڙلاءُ سپريم ڪورٽ تائين پهچيو وڃي ۽ هڪ ڊي سي صاحب کي ذهني خارش ٿئي، ته چوهڙ جماليءَ جي اسڪول جي غريب ۽ مسڪين شاگردن عاشق علي چاوڙو ۽ نويد قمر چاوڙو کي اهڙيون زوردار لپاٽون لڳن، جو انهن جي منهن تي تشدد جا نشان ڇپجيو وڃن. سوچڻ لڳس ته آهي ڪو ملڪ ۾ منصف؟ جيڪو چوهڙجماليءَ جي غريب ۽ بيوس شاگردن کي انصاف ڏياري، ڊي سي صاحب ته سراج درانيءَ جي ياد تازي ڪرائي. جيئن کيس خبر پوي ته غريبن جي ٻچڙن کي غير قانوني لپاٽون هڻڻ ڪيڏو نه قهري، بي رحم ۽ سفاڪ عمل آهي. لپاٽون لڳندڙ سنڌ کي اڄ وري به ڪنهن سلطان صلاح الدين ايوبي، ڪنهن ڪمال اتا ترڪ ۽ ڪنهن هوچي منهه، ڪنهن چي گويرا ۽ راجا اندر جي اشد ضرورت آهي. سنڌ جي غريب ۽ بي وس شاگردن لاءِ لطيف سائين ڪهڙو نه عاليشان بيت چيو آهي: وٺيو وڃج واٽ، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏهين لؤڻي ڦير لپاٽ، لڳنئي نه لطيف چئي