• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موت جو رنگ

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
موت جو رنگ

هن ٽائيم ڏٺو ، رات جا ست ٿيا هئا ، هن مهل تائين ڪل ٻہ تارون آيون هيون ، ٿيلهو ڇنڊي ، هن تارون وري پڙهيون ، سندس منهن تي نہ ڏک جي ريکا هئي ، ۽ نہ وري خوشي جو تاثر . هڪ تار شادي جي ڪوٺ هئي ۽ ٻي موت جي خبر ، هن لاءِ اهڙي قسم جون تارون ڪا نئين ڳالهہ ڪونہ هئي ، اها هن جي ڊيوٽي هئي ، سندس ڪم ئي هو تارون پهچائڻ ، هو ويهن سالن جو ، قداور نوجوان هو ، نهاڳت ئي ڳنڀير ۽ حساس ، ڪجهہ سوچي ، هن ٿيلهو هڪ پاسي ڦٽو ڪيو ، ۽ ٻئي تارون لفافن ۾ بند ڪري ، خاڪي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌيون ، ٻاهر نڪري ، گيٽ وٽ بيٺل سائيڪل جي گدي ڇنڊي ، هن پيڊل تي پير رکيو ، ٻئي تارون بئريج ڪالوني جون هيون ، هو آهستي آهستي اوڏانهن وڃڻ لڳو .

هو ان ڇڪتاڻ ۾ هو ، تہ ڪهڙي تار پهرين پهچائي ، موت جي يا خوشيءَ جي ، پر گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ بہ ڪو فيصلو ڪري نہ سگهيو ، هن جو هٿ امالڪ سندس کيسي تائين ويو ۽ موت جي خبر وارو لفافو سندس هٿ ۾ هو ، بيشڪ اهو گهر دڳ ۾ پوندو ، ڄڻ فيصلو ڪري ورتائين ، تہ پهريائين موت جي خهر پڄائي ۽ پنهنجا پلئہ آجا ڪري .

در تي پهچي ، هن ڪوارٽر نمبر ڏٺو ۽ لفافو ڪڍي ، ان تي لکيل گهر نمبر ڏسي پڪ ڪيائين ، لانگ مٽائي ، سائيڪل تان لٿو ، سائيڪل بيهاري ، جئن ئي ڪڙو کڙڪائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ، تہ ڪن تي دهل جو دٻڪو پيس ۽ ان سان گڏ عورتن جو ڪورَس جي انداز ۾ گيت ڳائڻ ، هن جو ڪڙي ڏانهن وڌيل هٿ ، ڪجهہ گهڙين لاءِ هوا ۾ اٽڪي بيٺو ۽ پوءِ نِستَي لام جيان ، زور سان هٿ هيٺ لڙڪي پيو ، گهر ۾ شادي جو چهچٽو ۽ دهل دماما لڳا پيا هئا ، اهڙي ويل موت جي خبر ٻڌائڻ ! هن سوچيو ۽ ڪو بہ فيصلو ڪري نہ سگهيو ، محسوس ڪيائين ، تہ هو ماڻهو نہ ، پر موت جو فرشتو ملڪ الموت هو ، جيڪو ڏک جي احساس کان وانجهيل آهي ، جنهن جو خوشي سان ڪو بہ سٻنڌ ناهي ، جيڪو موت جو داروغو آهي ، يا مشيني پرزو ، کيس نہ خوشي جي لهر محسوس ٿئي ٿي ۽ نہ وري درد جي سٽ اُڀري ٿي ، هن وٽ لڙڪ ۽ مُرڪ لفظن جي ڪا بہ معني ڪانهي ، ڪو بہ مفهوم ڪونهي .

دل ۾ آيس تہ سائيڪل تي پير رکي ڀڄي وڃي ، ان منحوس خبر جو گهر جي خوشين تي پاڇو پوڻ نہ ڏئي ، پر هو ائين ڪري نہ سگهيو ، بت بڻيو بيٺو رهيو ، هڪ وار وري سندس هٿ ڪڙي ڏانهن وڌيو ، پر اڻڄاتل خوف کان هڪ دم پوئتي هٽي آيو .

سوچيائين ، موٽي وڃي اهي لفافا آفيسرن جي منهن تي هڻان ، تار جون مشينون ڀڃي ڀور ڪيان ، نوڪريءَ تان استعيفا ڏيان ۽ دنيا تياڳي ڇڏيان ، هن ڪلجڳ مان نجات جو اهوئي ئي هڪ طريقو آهي ، اها ئي هڪ واٽ آهي ، يا سنڌوءَ ۾ هن منحوس خبر سوڌو ٽپو ڏيان ، تہ من اهي موت جا اکر ميٽي سگهان .

هو مئٽرڪ پاس هو ، هن کي ان نوڪري کان سخت نفرت هئي ، ٻي نوڪري لاءِ گهڻي ئي ڪوشش ڪئي هئائين ، پر ناڪام رهيو ، لاچار اهائي نوڪري ڪيائين ، هن اڳ بہ موت جون خبرون پڄايون هيون ، پر اڄ جيان ، خوشي جي موقعي تي موت جي خبر ڪڏهن ڪين ڏني هئائين ، اها پهرين آزمائش ۽ پهريون تجربو هوس ، هن نٿي چاهيو . تہ گهر جون مڙئي خوشيون دهل دماما ۽ ٽهڪ درد جي هڪ ئي سڏڪي ۾ ٻڏي وڃن ، هو درکان پرڀرو ٻڏ تر ۾ بيٺو رهيو .

اندر صفي ۾ عورتون نچي رهيون هيون ، ڳائي رهيون هيون ، گهنگهرن جي ڇن ڇن جا آواز مترڪو بڻجي هن جي مغز کي لڳي رهيا هئا ، ڪنهن عورت گيت شروع ڪيو ، لونگ ڦوٽا ٿالهي ۾ آءُ کنيو پئي اچان ، منصور منهنجي اڳ ۾ ، آُ نچندي اچان ....

هن جي پيرن هيٺان ڄڻ ڌرتي کسڪي وئي ، اکين اڳيان اوندهہ اچي ويس ، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ، بت بڻيو بيٺو رهيو ، ساڳيو نالو منصور گهوٽ جنهن جي شادي هئي ، جنهن جي موت جي خبر هو ڏيڻ آيو هو ، ملڪ الموت بڻجي ، شيطان بيحيائي سان ، ٻه ڳوڙها ڳلن تان ترڪندا ، سندس کاڏيءَ وٽ ڦهلجي ويا ، ان وقت سندس دل ۾ هڪ خواهش ڪر موڙيا ، تہ ڪاش مان يوناني ڏند ڪٿا جو ديوتا اپولو هجان ها ، ۽ ان ٽرئجڊيءَ جي اڳواٽ خبر رکان ها ، جيڪڏهن مان ٽرئجڊي جو خالق هجان ها ، تہ هوند اهڙي ٽريجي ڪاميڊي ٿيڻ نہ ڏيان ها ! پر ان ڳالهہ جي احساس ، تہ هو تار وارو هو ، کيس تصور جي دنيا کان ٻاهر ڪڍي آڻي حقيقت جي ڏند ڪٿا آڏو بيهاريو .

اندر هاڻي ٻيو گيت شروع ٿيو هو ، اکڙيون منصور جون ٻرن مشالا ، ڪجل جوڙ بنايو ، ................. هن محسوس ڪيو ، هاڻ منصور جون اکيون ٿڌيون هونديون ، وساڻيل هونديون ، پر هنن عورتن ، مائرن ، ڀينرن کي ڪير سمجهائي تہ لاٽ اکيون اُجهامي چڪيون آهن ، ٿڌيون ٿي ويون آهن ، پر ڪنهن ۾ ايتري سگهہ آهي جو چئي ڏي ! ٻين کي حساس بنائڻ وارو هن تقدير جي مذاق تي چپ ڇو آهي .

وري ٽيون گيت هليو ، آءُ منصور جي ماءَ ، ڏس ميندي جو رنگ ڪهڙو عجب رنگ آ ....، هن سوچيو ، پر موت جو رنگ بہ تہ عجب رنگ آهي ، ميندي ۽ موت ڪيڏو نہ فرق ۽ تضاد آ ٻنهي رنگن ۾ ، ٻئي ڳاڙها هوندا آهن ،

هاڻ ٻيو گيت گونجي رهيو هو ، آءُ ادل لهہ لانوان ، مومل جي محلات ۾ ، کيس ڀاسيو ، سياڻن سچ چيو آهي تہ ڪڏهن ڪڏهن موت سان بہ لائون لهبيون آهن .

اوچتو درد وچان هن پاڻ کي بہ موت سان لائون لهندي ۽ سوري تي لڙڪندي محسوس ڪيو .

ڪنهن از غيبي طاقت جي زور تي هيانو تي پٿر رکي هن ڪڙو کڙڪايو هڪ ڀيرو ، ٻيون ۽ ٽيون لڳاتار ، هو سڄو ڏڪي رهيو هو ، ڪو اڻ ڄاتل خوف اندر ئي اندر کائي رهيو هوس .

هينئر اندران ٻي گيت جو پڙاڏو ٿي آيو ، لهي آءُ لاريءَ مان ، لهي آءُ موٽر مان ، هن جي اکين اڳيان اسٽيشن ۽ ٽرين جو منظر ڦري ويو ، جنهن ۾ منصور جو لاش اچي رهيو هو .

در کي وٿي ٿي ، هن جي خالي نگاهن جهاتي پاتي ،

زالون گهوٽ جي ماءُ ۽ مائيٽياڻين مٿان نوٽ گهوري رهيون هيون ، هڪ عورت تڪڙو تڪڙو در ڏانهن وڌي آئي ، ڏاڍي سرهي ٿي لڳي ، شايد گهوٽ جي ماءُ هئي .

هو هڪدم سائيڪل ڏانهن وڌيو ۽ ڊُڪي جيئن ئي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين ، تہ پٺيان سڏ ٿيس ، ابا چئہ ،

هن جا قدم ڄمي ويا .

پوئتي موٽندي چيائين ، امان خط ڏيڻو هو ، ڪوڙ ڳالهايائين ، هن مهل عورت عجيب وچان چيو ، خير منهنجي منصور جو هوندو ،

هان ! هن کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو ، ها ها ، پر خط نہ تار آهي .

منصور جي آهي نہ ! عورت اتاولي ٿي چيو ، ڇا لکيو اٿائين ، ڪڏهن ٿو اچي ، سڀاڻي سندس شادي آهي ، ٻن پوي نوڪري ۽ باهہ لڳي حيدرآباد کي ، شادي اٿس تڏهن بہ موڪل ڪو نہ ٿي مليس .

هَن تار اڳيان وڌائي ،

عورت چيو ، ابا پڙهيل آهين نہ ، تہ پڙهي ٻڌاءِ .

هن چوڻ تہ چاهيو نہ پر وات مان امالڪ ها نڪري ويس .

هن نہ چاهيندي بہ تار کولي ، سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا ، دل ۾ آيس ، تار کي ڦاڙي پرزو پرزو ڪري ، ان جو ڪو بہ منحوس اکر سلامت نه ڇڏي ، ۽ ڊوڙي وڃي ، ان مائيءَ جي اکين کان گم ٿئي ، جيڪي سندس وجود ۾ منصور ڳولي رهيون هيون .

هن ڀڻڪو ڪيو ، امڙ ، منصور کي سڀاڻي وٺي ايندا ،

وٺي ايندا ! ماءُ ٻڏل دل سان چيو ، ڇا پيو چوين !

ها ، خيبر ميل ۾ ، صبح ساڻ ،

خيبر ميل ۾ صبوح ساڻ ! عورت عجب وچان ساڳيا لفظ ورجايا ،

تون سمجهين ڇو نہ ٿي امڙ ! هن سُڏڪو روڪيندي ، ۽ منهن ٻئي پاسي ڪندي چيو ، ڇا سڀ ڪجهہ مونکي ئي ٻڌائڻو آهي !

ماءُ ذري گهٽ ڪرندي بچي ، در جي تاڪ کي بيجان هٿن سان جهليندي ۽ ٻئي تاڪ کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهي ، ڄڻ سندس جسم حرڪت ڇڏي ڏني هجي .

هُو حيدرآباد وارن جهيڙن ۾ گزاري ويو ، هو يڪساهي چوڻ لڳو هيءَ تار آفيس وارن موڪلي آهي ، کيس خيبر ميل ۾ کڻي ايندا ،

اهو چئي ، هو تار عورت جي پيرن ۾ ڦٽي ڪري ، سائيڪل ۾ هٿ وجهي ڀڄي نڪتو ، ٻي تار پهچائڻ بنا ، هو آفيس ڏانهن روانو ٿيو ، پڪو فيصلو ڪيائين ، تہ آفيس پڄڻ شرط يونيفارم لاهي ڦتو ڪندو ۽ نوڪري تان استعيفا ڏيندو ،

پٺيان هڪ لمبو سڏڪو ٻڌڻ ۾ آيس ، جيڪو دهل جي دٻڪي ۾ آهستي آهستي دٻجي ويو .

رفيق سومرو
 
Back
Top