حميد ڀٽو
تنهنجون يادون، مٺڙا ماڻهو، بادل جئين برسن، هاءِ اڃايل منهنجون اکريون بوندن لئه ترسن..! جهڙيون خوبصورت سٽون سرجيندڙ سرجڻهار سائين قمر شهباز اڄوڪي ڏينهن تي 4 سال اڳ اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو. قمر شهباز جيڪو يارن جو يار، ڌرتي جو وفادار حلالي پٽ هو ته سنڌ جي ادب، ثقافتي ٻولي تهذيب، تمدن ۽ فن جو رکوالو هو جنهن پنهنجي ڏاهپ وسيلي هميشه سنڌ جي نالي بچائڻ ۽ ڌرتي جي تقدس رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن سرڪاري نوڪرين ۾ اعليٰ عهدن تي رهڻ باوجود سنڌ جي مسئلن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي هئي. هن سنڌ جي وڏي ليکڪ، دانشور، ڪالم نگار، ڊراما نگار، صداڪار، ڪمپيئر، هدايتڪار، سماج سڌارڪ ۽ شاعر قمر شهباز 13 اپريل 1938ع تي محمد مقبول ٻگهيو جي گهر نواب شاهه ۾ جنم ورتو. بنيادي ۽ ثانوي تعليم بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگلش ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ مختلف ڪاليجن ۾ بحيثيت ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر پڙهائيندو رهيو. ايس ايم ڪاليج ڪراچي مان سندس مقرري ڪنڌڪوٽ ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال طور ٿي، جنهن دوران ملازمت جي حوالي سان سندس مصروفيتون فن ادب ثقافت کي هٿي ڏيڻ هو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ئي اسٽيج ناٽڪ پيش ڪيائين جنهن ۾ پاڻ ناٽڪ لکيا ۽ اداڪاري پڻ ڪيائين. هو ڪميشن جو امتحان پاس ڪري وفاقي سرڪار جو ملازم ٿيو ۽ نوڪرين جي حوالي سان مختلف ترقيون ڪندو ڊائريڪٽر پاپوليشن ڊويزن اسلام آباد، ڊائريڪٽر ايڪسپورٽ ائنڊ انٽرنيشنل افيئرس، ڊائريڪٽر آءِ ٽي سي، جنرل مئنيجر ايڪسپورٽ ائنڊ ٽريڊ فيبرڪس، اٺن سالن تائين ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گهي ڪارپوريشن آف پاڪستان، ڊائريڪٽر ٽريڊ ڪارپوريشن، چيئرمئن ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۽ سن 1998 ۾ انهيءَ عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪري پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ مڪمل وقت ڏيڻ لڳو. نوڪريءَ دوران هن مختلف ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيا، جن ۾برطانيا، جرمني، آمريڪا، فرانس، سئٽزرلئنڊ، عرب امارات، بيلجيم، يوگوسلاويا، سعودي عرب، ملائيشيا، سريلنڪا، سنگاپور، ڪويت، رومانيا، ٿائيلئنڊ، مصر، هالينڊ، چين، انڊيا ۽ هانگ ڪانگ وغيره شامل آهن. قمر شهباز لکڻ جي شروعات 1954 ۾ ڪئي جنهن دوران اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ريڊيو ڊراما، فلمون، افسانا، شعر، مضمون، ڪالم لکيا، سندس ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي ناٽڪن کي تمام گهڻي عوامي مقبوليت ملي ۽ پاڻ ڪيترن ئي ريڊيو جي ناٽڪن ۾ صداڪاري پڻ ڪئي. قمر شهباز ٽيليويزن جي، مختلف پروگرامن ۾ ڪمپيئر طور پاڻ مڃرايو. قمر شهباز مختلف سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۽ ادارن سان پڻ واڳيل رهيو جن ۾ ايڊيوڪيشن سوسائٽي، ميمبر ائڊوائيزري ڪاميٽي براڊ ڪاسٽنگ، ميمبر سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر، ميمبر بورڊ آف گورنرس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سچل چيئر ۽ ميمبر شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، وائيس پريزيڊنٽ پيس ڪاميٽي ڪراچي، سرپرست آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن ۽ مارئي فورم، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي جو سرپرست ۽ مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. سنڌي اسپيڪنگ يونين جو صدر سميت ٻين سماجي ثقافتي ادارن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنائين. قمر شهباز جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”اٺون گهر“، ”ضمير جو موت“ (ڪالم ڪهاڻين جو مجموعو)، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ (شعري مجموعو)، ”قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون“ ۽ ”واچوڙن ۾ لاٽ“ (ڊراما) شامل آهن، جڏهن ته سوين ڪهاڻيون، ڊراما، شاعري ۽ اسڪرپٽس وغيره لکڻ کان علاوه هن ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ٻرندڙ مسئلن تي مسلسل ڪالم پڻ لکيا.
ڪنهن سونهن ڏني ڪنهن ساهه ڏنو
ڪنهن دردن جو درياهه ڏنو
ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو آيا
ڪهڙا جيءُ جياريا وڇڙيا.
جهڙيون خوبصورت سٽون لکندڙ قمر شهباز خوبصورت شاعري لکي جنهن ۾ ڌرتي جو درد سمايل هو. ڌرتيءَ جي درد لاءِ لکي ٿو ته….
سنڌو ديس دليرن جو-شهميرن جو شهزورن جو
هت ڌرتي سونا سنگ ڪري-هت سانوڻ سئو سئو رنگ ڪري
هت چانڊوڪي ڄڻ چاندي آ-هت محبت سڀ جي باندي آ
هت مهمانن کي مان ملي-هت درد وندن کي دان ملي
هت دولهه درياهه خان هو-شتي شهبازين جو شان هو
هن ديسن جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان-هن ديس ۾ ڪيئي لال مڻيا.
هو هميشه سچ ڳالهائيندو هو جنهن سبب مٿس ڪيترائي اديب ۽ ڪامورا ڏمريل هوندا هئا.سندس مختلف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم “ڄڃ پرائي” ۾ کريون ۽ سچيون ڳالهيون ڪندو هو. قمر شهباز جو گيت چنڊ رهين ٿو دور، تون ڌرتي جو درد نه ڄاڻين، هت هر آشا باندي آهي، بيوس مجبور چنڊ رهين ٿو دور. جڏهن اهو گيت بيدل مسرور سميت مختلف فنڪارن ڳايو ته ان کي اڄ تائين تمام وڏي مڃتا ملي ٿي. قمر شهباز جي شاعري سوين فنڪارن ڳائي آهي ۽ قمر شهباز جي شاعري ۾ ولگر شاعري نه لکي هميشه تهذيب ۽ تمدن جي مطابق شاعري ڪئي آهي ۽ قمر شهباز طنز مزاح لکڻ جو بادشاهه ليکڪ هو هن پنج کن سنڌي فلمن جو ڪهاڻيون پڻ لکيون ۽ تن فلمن جا نغما پڻ لکيا. پاڻ جواني ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي تي صداڪاري ۽ اداڪاري پڻ ڪندو هو، هن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڪمپيئرن پڻ ڪئي. کيس تقرير ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ هوندو هو، کيس وڏي ليڊر واريون صلاحيتون موجود هيون ۽ ڪنهن انسان کي پرکڻو هجي ته ان سان گڏجي ڪو ڊگهو سفر ڪجي يا ڏيتي ليتي ڪجي ته ان انسان جي سڌي سڃاڻپ ٿي ويندي آهي. اتفاق سان سال 2002 کان ڪيترا ڀيرا مختلف ملڪن ۾ گڏجي سفر ڪرڻ جو مونکي پڻ اتفاق ٿيو ۽ هميشه پرڏيهي سفرن ۾ پنهنجي اولاد وانگر خيال ڪندو رهيو ۽ سندس انسانيت واريون لکين خوبيون سامهون آيون. هو هڪ مڪمل انسان هو. ۽ سرڪاري نوڪري دوران وڏي عهدي تي هجڻ باوجود ڪالاباغ ڊيم خلاف 1997ع ۾ هلندڙ مهم ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مظاهرن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي ۽ هن نوڪري جي پڻ پرواهه نه ڪئي ۽ ڌرتي جي خاطر اڳڀرو رهيو ۽ هن ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ڀوڳيو. هن دنيا جي سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌي اسپيڪنگ يونين جو عمل آندو جنهن ۾ صدر قمر شهباز ۽ ٻين عهديدارن ۾ شمشير الحيدري، حسين هارون، غلام نبي مورائي، سليم ميمڻ، ولي محمد روشن، حميد ڀٽو، رفيق ڀٽو ۽ ٻيا اديب شامل هئا. سندس جو خواب هو ته دنيا جا سنڌي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين. جڏهن ته پرائيويٽ ٽي وي چئنلز کان اڳ قمر شهباز طرفان سنڌي چئنلز شهباز کولڻ جو اعلان ڪيو ويو پر مختلف ادارن طرفان سندس اعلان کانپوءِ ترت مختلف چئنلز آندا ويا ۽ شهباز چئنلز جي ڪافي ساري تياري ۽ کڏا مارڪيٽ ۾ آفيس پڻ قائم ڪيائين جيڪو خواب سندس حياتي جي آخر تائين اڌورو رهيو.
قمر شهباز جي اولاد ۾ هڪ پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. جڏهن ته قمر شهباز 5 مئي 2009ع تي صبح جو 7 وڳي ڪراچي جي ڪالا پل ويجهو نيشنل ميڊيڪل سينٽر اسپتال ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس ڪراچي ۾ گذري واري علائقي جي قبرستان ۾ مٽيءُ حوالي ڪيو ويو ۽ قمر شهباز پنهنجي شاعري ۾ زندگي ۽ موت لاءِ هن طرح لکي ٿو”
اچو ته زهر جو پيالو پي ڇڏيون
اچو ته موت کي ڪنهن ريت پروقار ڪيون
جيئون ته اهڙي طرح جو زمانو جيئي ٿو
مرون ته موت کي هڪ ڀيرو اشڪبار ڪيون.
واقعي ئي قمر شهباز اهڙي طرح زندگي گذاري جو سندس زندگي ٻين جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻي. قمر شهباز جي سنڌ کي اڃا تمام گهڻي ضرورت هئي پر بيوقتائتي موت کيس هن جهان مان وٺي ويو. موت جي لاءِ قمر شهباز چواڻي…….موت اسان کي مات نه ڏيندو-پرت ناهي پڇتاءُ مڱڻا موٽي آءُ…