• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ھندو جيم خانو ڪراچي، ماضي جو ھڪ يادگار

زاھد حيدر ملاح

سينيئر رڪن

1harua.jpg


ھندو جيم خانو


برنس گارڊن سان لڳ ايم آر ڪياني روڊ تي موجود ھندو جيم خانو راجستان جي شاندار محلن جي طرز تعمير جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي۔ بناوٽ جي لحاظ کان ھي بين عمارتن کان مختلف نظر اچي ٿي۔ ھندو جيم خاني جي اڏاوت ۾ اوڀر جي طرز تعمير نمايان نظر اچي ٿي۔ ڇو ته ان عمارت ۾ مغل ۽ ھندو ٻنهي قسمن جي طرز تعمير جي جهلڪ نظر اچي ٿي۔ تمام وڏي ۽ ويڪري رقبي تي قائم ٿيل ھي عمارت مشرقي تھذيب جي شاھڪار نمونن سان سرجيل، خوبصورت گنبذ ، محرابي ڏاڪڻيون، ديوارن تي چٽيل دلڪش نقش ۽ تصويرون، ننڍا ننڍا دروازا، ۽ محرابي دريون ھن عمارت جي خوبصورتي کي وڌيڪ دلڪش بڻائي ڇڏين ٿيو۔ ھن خوبصورت عمارت جو آرڪيٽيڪٽ ( ٺاھيندڙ ) انجينئر آغا احمد حُسين ھو، جنهن وڏي محنت ۽ جدوجهد کان پوءِ ھيءَ عمارت مڪمل ڪئي ھئي۔ صحيح طريقي سان سار سنڀال نه لھڻ جي ڪري ان عمارت جي سونھن گهڻي حدتائين متاثر ٿي آھي، ان جا در ، دريون ، سِرون ، ڇت تي موجود گنبذ (قُبي) جي اندروني ۽ ٻاھرين سطح ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويئي آھي۔ سنڌ جي ان عظيم ورثي جي حفاظت جي لاءِ موجوده سرڪار توڙي سنڌ جو درد رکندڙ ساڃاھ وندن، اديبن ، دانشورن، صحافين ، شاعرن، شاگردن، عالمن، اڪابرن ۽ وس وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته اڳتي اچن ۽ ان ورثي جي مالڪي ڪري ايندڙ نسلن تائين سنڌ جي عظيم ماضيءَ جا يادگار ڏيکاري سگهن۔

dr6w0g.jpg

 
سهڻي بلڊنگ ....

افسوس اهو آهي جو اهو تاريخي ورثو قبضي هيٺ آهي، ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو ايوڪيو ٽرسٽ بجاء سنڌ حڪومت ان کي تاريخي ورثو قرار ڏئي يا هندن کي هي ملڪيت واپس ڪري ....
 
Back
Top