• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (KMC)

زاھد حيدر ملاح

سينيئر رڪن

2wo99jn.jpg

ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (KMC)



بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) تي موجود ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جنهن جي پيڙھ جو پٿر 4 ڊسمبر 1895ع تي بمبئي جي گورنر لارڊ ھنٽر رکيو ھو۔ ان عمارت جو آرڪيٽيڪٽ مسٽر جيمز سي وائيز ھو۔ اھا عمارت مصري ، اسلامي ۽ اسپيني فنِ تعمير جي ميلاپ جو اعليٰ نمونو آھي۔ ڳاڙھي رنگ جي پٿر سان تعمير ٿيل ھن عمارت جي ٽاور کي پري کان ئي ڏسي سگهجي ٿو۔ عمارت جي مٿاھين ڇت تي چار گنبذ (قُبا) ۽ وچ ۾ مُھاڙي ( Front ) جي طرف کان مرڪزي دروازي تي 162 فٽ اوچو ٽاور آھي جنهن جي چارئين طرف وڏا گهڙيال لڳل آھن، جيڪي اڄ تائين ھر ڪلاڪ کان پوءِ وڄي پنهنجي ھجڻ جو احساس ڏيارين ٿا۔ عمارت جي ٻئين منزل تي ھڪ وڏو ھال آھي۔ جتي شھري نمائندن جا اجلاس منعقد ٿيندا ھئا۔ ان ئي منزل تي بلدياتي کاتي جي آفيس ھوندي ھئي ۔ جوڌپور رياست جي ڳاڙھن پٿرن سان تعمير ٿيل ھن خوبصورت ۽ دلڪش عمارت جي تعميرات جي ذمه داري فيروز ڪنسٽرڪشن ڪمپني کنئي ھئي، جيڪا تقريبًا RS 1775000 روپين جي لاڳت سان جڙي راس ٿي۔ ھن عمارت جو افتتاحي پروگرام 17 جنوري 1931ع تي ڪراچي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي عمارت ۾ منعقد ڪيو ويو ھو۔
dnln29.jpg

1zgypnp.jpg

wgutew.jpg


 
Back
Top