قافلو لُٽجي ويو اسان اڃان تائين سُتا پيا آهيون.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2014۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    مون هي مضمون شروع ڪرڻ کان پهريان هن مضمون جا ڪيترائي نالا لکيا پر منهنجي سمجھ ۾ نه آيو ته هن مضمون جو نالو ڇا لکان پوءِ نالي کان بغير مضمون لکڻ شروع ڪيم. ڪالھ5 _5_2014. تي جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بريڪنگ نيوز تي اهو اعلان ٿيو ته عالمي اداره صحت پوليو جي ڪري پاڪستان تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون آهن. ته پاڪستاني قوم کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ سفر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ويزا سان گڏ پوليو جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو.
    يقينن اها ڳالھ سوچڻ جوڳي آهي. هن سال پاڪستان ۾ ست سؤ پوليو جا نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن . اسان وٽ پهريان ئي مجبوريون يا ذلالتون گهٽ هيون جو اڄ وري ان صورتحال منهن کنيو آهي. پاڪستان ۾ پهريان ئي پوليو مهم تي ڪئي آنڱريون کنيون وينديون هيون. ان جي وجه به اسان جي سماج جي غيرذميواري هئي. اهو اسٽاف جيڪو پوليو جي ويڪسين کڻڻ کان ئي واقف نه هيو اهو اسٽاف پوليو مهم ۾ ڪم ڪندو هو. مون پاڻ ڪيترا ڀيرا پنهنجي اکين سان غلط طريقي سان ويڪسين پياريندڙن کي ويڪسين کڻندي ڏٺو. پوءِ اسان وٽ وري جاهلاڻو موضوع ته سائين اهو مڙوئي ائين آهي اسان ته ٻارن کي پوليو جا ڦڙا به پيارا پر وري به اسان جي ڳوٺ ۾ ڦلاڻي جي پُٽ کي پوليو ٿي ويو، بس جيڪو رب لکيو آهي سو ئي ٿيندو.
    جڏهن ان ويڪسين کي غلط طريقي سان ڪيري ڪيو ويندو ته نتيجا ته اهي ئي نڪرندا ويڪيست پياريندڙ پالدين مطمئن ٿي ويندا ته اسان پنهنجي ٻار ڪري پوليو جا قطرا پيارا آهن. پر ان غلط طريقي سان ڪيري ٿيل ويڪسين ايڪسپائر ٿيل هوندي آهي جنهن جو ڪو فائدو نه پر نقصان اسان جي سامهون ايندو رهيو آهي.
    پهريان ئي اسان جو مشڪلاتون گهٽ نه هيون ته رهي سهي ڪسر اسامه جي قتل يا شهادت ( آءُ ٻئي اعزاز لکي رهيو آهيان ته ڪنهن دوست کي تڪليف نه ٿئي جيڪو شهيد سمجهي ٿو ان لاءِ شهادت جو ايوارڊ جيڪو قتل سمجهي ٿو اهو قتل سمجهي ان کي اهو ايوارڊ نه ڏئي پر هن موضوع کي اختلافي نه بڻايو وڃي) ۾ ڊاڪٽر آفريدي جنهن پوليو ويڪسين جي زريعي سان سي آءِ ڊي جي اسامه کي ڳولڻ ۾ مدد ڪئي هئي پوري ڪري ڇڏي.
    شيطان کي الله جڏهن هضرت آدم کي سجدو نه ڪرڻ جي ڪري پنهنجي بارگاه مان ڪڍيو ته ان الله کي چيو ته پروردگار تو مونکي ان جي ڪري پنهنجي بارگاه مان تڙيو آهي هاڻي ان جو بدلو مان هن جي اولاد کان وٺندس. هاڻي سجدو پاڻ نه ڪيائين غلطي پنهنجي. جيڪي سجدا هي پنهنجي مرضي سان ڪندو رهيو انهن کي خدا هن جي منهن تي هنيو،ان جي ڪري ته جو هن الله جي حڪم تي سجدو نه ڪرڻ جي غلطي ڪئي . هاڻي جي اسان شيطان کان سوال ڪيون ته قبلا ڀلا جي تنهنجي نظر ۾ اسان جي بابا آدم جي ڪري تو کي پروردگار پنهنجي بارگاه مان تڙيو آهي ته هاڻي تو صرف بابا سائين سان دشمني ڪر اسان تنهنجو ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي جو بابا آدم عليه السلام جي دشمني اسان سان پپيو پاڙين؟
    سو ڊاڪٽر آفريدي ته هنن جي هٿ آيو الائي نه جڏهن ته هن ملڪ جي عدالتن ان کي سزا به ڏني پر پوءِ به ان جي ڊاڪٽر جي پيشي سان اچي جو طالبان حضرات دشمني پرائي آهي يا بقول اسان جي نا اهل گورنمينٽ ته ڪو تيون هٿ ملوث آهي. ٽيون هٿ جيڪو اڄ تائين سامهون هجڻ جي باوجود اسان کي نظر نه ٿو اچي.
    جڏهن ڪنهنجي شخصيت خراب ٿي ويندي اهي ته پوءِ اهو قوم يا اهو مانهون معاشري ۾ وبا ٿي ويندو آهي. وبا کان نفرت انسان جي فطرت آهي ڪالھ تائين اسان جي شخصيت کي متنازع بڻايو ويو جڏهن اسان مڪمل متنازٿ ٿي ويا سون ته يقينن اهي بيماريون اسان وٽ ظاهر ٿيڻيون هيون اهي ظاهر ٿيون ته اڄ اسان تي اهي پابنديون لڳايون پيون وڃن ترسو هي ته اڃان شروعات آهي اڳتي اڃان هن قوم سان ڇا ڇا ٿيندو اسان کي ڪهڙي ڪهڙي ذلالت مان گذرڻو پوندو اسان جي شخصيت کي ڪٿي ڪٿي ذليل ڪيو ويندو انجو ڪو ڪاٿو ناهي. اسان ته اهو ڪافلو آهيون جيڪو لُٽجي چڪو آهي ۽ اسان کي اڃان تائين ان جي ڪا خبر ناهي ته اسان جو نقصان ڇا ٿيو آهي. جنهن شخصيت مسخ ٿيل هجي اهي ماڻهون يا قومون قابلِ نفرت ئي هونديون آهن.
    وسلام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 مئي 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ادا مٺا!!! قافلي کي پيو روئين هت ته امت مسلمه ئي لٽجي وئي آهي، هي اسامه جا مٽ مائٽ پيا چون ته پوليو وئيڪسين تي عمل ڪرڻ الله جي ڳُجهه ۾ هٿ وجهڻ برابر آهي. سو مٺڙا قافله صدين کان پيا لٽجندا اچن. پر هاڻي امت مسلمه جو فڪر ڪيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جا احساس ، اوهان جو ڳالهيون سمجهي سگهجن ٿيون ... واقعي ئي مايوسي واريون حالتون آهن پر پوء به ڪنهن کي ته ڪجهه ڪرڻو پوندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي

    سئين ان فڪر ۾ ڇا ڪريون اهو ڀلا سمجهايو
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي

    سائين ڇا ڪريون اچو ته اڄ پنهنجي پنهنجي وس ۾ موجود علائقن ۾ اهو ڪم رضاڪارانه ڪريون يا ڪا ٻي تجويز آهي ته اها ڳالھ ڪريو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو