3جي ۽ 4جي جي اوسيئڙي ۾ ويٺل ملڪ واسين لاءِ نئين خبر. پي ٽي سي ايل به LTE ٽيڪنالاجي تي مشتمل وائرليس سروس متعارف ڪرائي رهيو آهي، جنهن جي ڊائونلوڊ اسپيڊ 36 ميگابائٽ ۽ اپلوڊ 7 ميگابائٽ في سيڪنڊ هوندي. پي ٽي سي ايل جي اوچتي اعلان مان موبائل ڪمپنيون پريشان. پي ٽي سي ايل 3جي ۽ 4جي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ جلد ئي پنهنجي نئين سروس متعارف ڪرائي رهيو آهي. پي ٽي سي ايل پنهنجي Evo وائرليس سسٽم وانگر نئين يو ايس بي سروس شروع ڪندو، جنهن کي ”چارجي“ جو نالو ڏنو ويو آهي، هن سروس ۾ پي ٽي سي ايل پاڪستان ۾ 36 ميگابائٽ اسپيڊ جي وائرليس سروس شروع ڪندو ۽ اها سروس فقط ٻن هفتن جي اندر ئي دستياب ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته موبائل ڪمپنين جي 3جي ۽ 4جي سروس جا لائسنس به ٻن هفتن ۾ جاري ڪيا ويندا. شروعاتي معلومات مطابق هن سروس جي شروعاتي قيمت 3000 ماهانه ٿي سگهي ٿي. جنهن جو تعلق پيڪج سان ٿي سگهي ٿو. پي ٽي سي ايل کي مليل WLL اسپيڪٽرم مطابق هو 36 ميگابائٽ جي ڊائونلوڊ ۽ 7 ميگابائٽ جي اپلوڊ اسپيڊ پنهنجي صارفين کي ڏئي سگهي ٿو سورس