• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏينهن جو مصري رات جو

جاويد نواز

سينيئر رڪن
ڏينهن جو مصري رات جو ڳُڙ
توبھ زاري زال جو لُڙ

مونکي ٽائم ڀي ڏيندو ڪر
مون لئي ڀي تون سوچيندو ڪر
روز هوندي ٿس هي بُڙ بُڙ
توبھ زاري زال جو لُڙ

ڪڏهن طبيعت ۾ ٿس نرمي
ڪڏهن طبيعت جون جي گرمي
ڪڏهن ڊسمبر وارو جهُڙ
توبھ زاري زال جو لُڙ

مس ڪالون آ چيڪ ڪندي
ايس ايم ايس آ سڀ پڙهندي
چوندي آ حرڪت کان تون مُڙ
توبھ زاري زال جو لُڙ

جاويد نواز
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top