آئي ايس او اميج دراصل آپٽيڪل ڊسڪ لاءِ مختلف فائلز جو هڪ بنڊل فائيل ٿيندي آهي.. هي فائيل انٽرنيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري ان فائيل جي اهڙي سي ڊي يا ڊي وي ڊي بڻائي سگهجي ٿي.. جنهن ۾ فائيلز خودڪار طريقي سان ايڪسٽريڪٽ ٿيندا.. ساڳي طرح آئي ايس او فائيل کي مشهور ون رار سافٽويئر ذريعي ڪمپوٽر جي هارڊ ڊسڪ ۾ به ايڪسٽريڪٽ ڪري سگهجي ٿو.. آئي ايس او فائيل کي سڀ کان پهريان ڪا بلينڪ سي ڊي سي ڊي روم ۾ لڳايو.. (ياد رهي ته سي ڊي رائيٽر صرف سي ڊي رائيٽ ڪري سگهندو جڏهن ته ڊي وي ڊي رائيٽر سي ڊي ۽ ڊي وي ڊي رائيٽ ڪري سگهندو آهي)
پوءِ ماءِ ڪمپيوٽر کولي آئي ايس او اميج واري لوڪيشن تي اچو...
جتي آئي ايس او فائيل تي ڊبل ڪلڪ ڪريو...

توهان اڳيان ونڊوز 7 جو بلٽ ان ڊسڪ اميج برنر کلي ايندو... جتان ڊسڪ برنر اڳيان پنهنجي ڊي وي ڊي يا سي ڊي رائيٽر جي لوڪيشن ڏيو... (اهو تڏهن چونڊڻ ضروري هوندو آهي جڏهن توهان وٽ هڪ کان وڌيڪ سي ڊي رائيٽر يا ڊي وي ڊي رائيٽر سسٽم ۾ لڳل هجن...)

هاڻي چاهيو ته Verify disc after burning آپشن کي چونڊيو ته جئين تيار ڪيل ڊي وي ڊي يا سي ڊي چيڪ ڪري سگهجي...
جنهن کان پوءِ برن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...
جيڪڏهن توهان ونڊوز جي بلٽ ان اميج برنر سافٽويئر کان مطمئن ناهيو ته ڪنهن به برننگ سافٽوئير کي آزمايو جهڙوڪ
اميج برنرڊاٽ ڪام
جنهن کي انسٽال ڪرڻ کان پوءِ write image file to disc آپشن سليڪٽ ڪريو...

هاڻي آئي ايس او فائيل جي لوڪيشن ڏيو...
۽ رائيٽ آئڪان تي ڪلڪ ڪريو...