حيدرآباد (پ.ر) سنڌ ۾ خراب حالتن جا ذميوار ڌاريا ۽ ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهو آهن پنجاب پوليو کي جواز بڻائي ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهن کي پوليو ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ کان بغير پنجاب داخلا تي پابندي لڳائي سگهي ٿو ته سنڌ حڪومت به امن امان ۽ روزگار واري صورتحال کي ڏسي ٻين صوبن جي ماڻهن تي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ۽ ڪم لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ورڪ پرمينٽ ڏئي سنڌ اچڻ ڏنو وڃي. اهڙو اظهار سنڌ نيشنل پارٽي چيئرمين امير ڀنڀرو ، مرڪزي اڳواڻن اشرف نوناري، دلشاد ڀٽو، ڊاڪٽر عظميٰ جوکيو ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ ڪيو. هنن چيو ته پنجاب حڪومت طرفان پوليو ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ کان بغير ٻين صوبن جي ماڻهن کي پنجاب اچڻ تي پابندي لڳائڻ سان ظاهر ٿي ويو آهي ته پنجاب ننڍن صوبن جي عوام کي ڪجهه به نٿو سمجهي . پنجاب قيامِ پاڪستان کان وٺي مظلوم قومن مٿان مسلط آهي ۽ پنجاب جي بالادستي ملڪ کي ورهائي ڇڏيندي. هنن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڌاري آبادڪاري جو آهي. ڌارين جي يلغار سبب سنڌ بين الاقوامي يتيم خانو بڻجي چڪو آهي. سنڌ ۾ هن وقت هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڌاريا غيرقانوني طور تي رهن پيا. جنهن جي ڪري سنڌ ۾ بد امني منشيات ۽ هٿيارن جي ڪاروبار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي . ڌارين جي وڌندڙ آبادڪاري سبب سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. سنڌ حڪومت فوري طور تي سنڌ ۾ امن امان جي بحالي ۽ سنڌ جي وسيلن مٿان سنڌين جي مالڪي خاطر سنڌ ۾ رهندڙ بهارين، بنگالين، افغانين، برمين سميت ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي. ۽ روزگار جي نيت سان ايندڙ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ورڪ پرمينٽ جاري ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وڃي . جنهن سان نه صرف سنڌ ۾ امن امان بحال ٿيندو. بلڪه سنڌ خوشحال به ٿيندي. پريس ترجمان 7-5-2014