شيرين
سينيئر رڪن
ڀؤنر گُلن تي ڦيريون پائن،
سُهڻا گُلڙا جھُومي ڳائن.
وَرِ وَرِ پيا ٿا واسُ وٺن ۽،
گُلڙن لالي لبن کي لائن.
گُلڙن جا رنگ پيارا پيارا،
سُهڻا تن کي ڳلڙن پائن.
جُوءِ نه تن جِي ڪائي آهي،
باغ سڀن جِي مِصري کائن.
سُونهن سندن سُرهاڻ جيان آ،
خوشيون ٿا هر جاءِ پکيڙن.
واسُ وٺڻ لئه آهن ماندا،
ليڪن “گُلَ” شرميلا آهن.