شيرين
سينيئر رڪن
خود تي ئي ويساه رکين ٿي.
ڪيڏو خود سان چاه رکين ٿي
واسينگن جان وار تون پنهنجا
کولي بي پرواه رکين ٿي..
توڏي ڏسندي ڏات ملي آ
اهڙو ڪو اتساه رکين ٿي..
مومل وارا ماڻا تو ۾
ڪاڪ جي اوکي راه رکين ٿي
مان تنهن ۾ پيو روز ٻڏان جو
اکڙين ۾ درياه رکين ٿي..
توتي هي منصور مري ٿو
ٺاهيو ڪهڙا ٺاه رکين ٿي..
علي بخش منصور