تعجب آ توهان کي ٻڌايو ته هوم

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ملوڪ پنهنجي ماءُ سان نيويارڪ امريڪا ۾ رهندو هو پيڊي ملوڪ جي ماءُ جو پاليل ڪُتو هو جنهن کي روڊ تي ڪا ڪار ان وقت چيڀاٽي وئي جڏنهن ملوڪ پيڊي کي وٺي سير ڪرڻ ويو هو . گهر اچي ملوڪ همٿ کان ڪم ورتو ۽ پنهنجي ماءُ کي ٻُڌائڻ لڳو جيڪا ڪچن ۾ ماني ڪُنو ڪري رهي هُئي
    ملوڪ : ساري ممي ! پيڊيءَ کي ڪار چيڀاڙي وئي !
    ماءُ ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪرڻ بجاءِ اڻ ٻُڌو ڪري ٻوڙ جو ديڳڙو گئس چُلهه تان لاهڻ لڳي پوءِ ٻنهين ماءُ پُٽن گڏجي ماني کاڌي. ماني کائڻ کان پوءِ ماءُ ڀر ۾ رهندندڙ ڪنهن پاڪستاني ساهڙيءَ جي گهر هلي وئي جڏنهن واپس آئي ۽ گهر ۾ پيڊيءَ کي ڪونه ڏٺائين ته کيس اهو ڪتو ياد آيو!
    ماءُ : ملوڪَ ! او ابا ملوڪ َ ! ٻچا پيڊيِ کي وٺي آ ! ڪُجهه کائي وٺي !
    ملوڪ : (اچي) ممي ! مون توهنکي لنچ مهل ٻُڌايو ته هو ته پيڊيءَ کي ڪار چيڀاڙي هلي وئي !
    ماءُ اهو ٻُڌي اچي رُئڻ ۾ لڳي ۽ هچڪيون بيهنس ئي نه ملوڪ کيس تسلي ڏيڻ لڳو، جڏنهن هچڪيون گهٽ ٿيس ته ملوڪ چيس
    ملوڪ : تعجب آ ممي ! جڏنهن ٻنپهرن جو مون توهانکي پيڊيءَ جي ايڪسيڊنٽ جو ذڪر ڪيو ته توهان تي اثر ئي ڪونه ٿيو هو!
    ماءُ : مون سمجهيو ڪون هو ٻچا ! مون سمجهيو تون چين پيو ته ! ممي ! ڊيڊيءَ کي ڪار چيڀاڙي وئي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو