جي توهانجو 50 لک لاٽريءَ ۾ انعام نڪري اچي ته !

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ شخص دل جو مريض هو. اتفاقن هڪ انعامي بانڊ تي سندس 50 لکن جو انعام نڪري آيو. اهو انعامي بانڊ سندس ٻارن وٽ محفوظ هُئو جيڪي اخبارن ۾ کُلڻ ڏسندا رهندا هُئا. گهر وارن ان خبر کي ان شخص کان لڪائي رکيو ته متان اها خوشخبري ٻُڌي سندس هارٽ فيل نه ٿي وڃي. بل آخر هُنن ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو ۽ ان جو سهارو ورتو جيڪو مريض جي دل جو علاج ڪندڙ هو. ڊاڪٽر راضي ٿي ويو ته هو نفسياتي حربو استعمال ڪري آهستي آهستي مريض تائين اها خوشيءَ جي خبر ٻُڌائيندو. ڊاڪٽر مريض شخص سان مُلاقات ڪئي ۽ ملاقات ڪرڻ دوران
    ڊاڪٽر : جي تُهنجي بانڊ ۾ 10 لکن جو انعام نڪري اچي ته ان انعام جي رقم کي ڇا ڪندي!
    مريض : پهرئين ته گاڏي وٺندُس جو تُهنجي ڪلنڪ ۾ آرام سان اچي وڃي سگهان !
    ڊاڪٽر : چڱو ڀلا ! جي 25 لکن جو انعام نڪري اچي ته !
    مريض : گهر جي مرمت ۽ به ڪرائيندُس!
    ڊاڪٽر : جي 35 لکن جو انعام نڪري اچي ته !
    مريض : ٻئي ڪم ڪري پوءِ حج ڪرڻ هليو ويندُس !
    ڊاڪٽر سمجهي ويو ته هاڻ هو مريض کي تيار ڪري چُڪو آهي هاڻ هن جي دل تي ڪو اثر ڪونه ٿيندو هُن پوءِ اصل ڳالهه طرف اچي
    ڊاڪٽر : ڀلا جي 50 لک انعام نڪري اچي ته !
    مريض : قسم سان ! جي اهو نڪري آيو نه ته اڌ رقم توکي تُهنجي خدمت ۽ مهربانيءَ ڪري ڏئي ڇڏيندُس
    اها خبر ٻُڌي ڊاڪٽر جو هارٽ فيل ٿي ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو