• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين محترم شمشير الحيدريءَ لئه دعا ڪريو

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو، سنڌ جي سڄاڻ اديب، شاعر ۽ ڊرامه نويس سائين شمشير الحيدريءَ جي طبيعت ناساز آهي ۽ هن وقت هو آپريشن ٿيٽر ۾ آهي ۔۔۔ دعا ڪجو ته رب العالمين کيس پنهنجي پناهه ۾ رکي ۔۔۔ آمين

سندس هي هڪ غزل ونڊ ٿو ڪريان ۔۔۔
من ڪوئي اچي نڪري

درواز کليــــل آهي، مــــن ڪــــوئي اچـــــي نڪري،
سڀ لوڪ سمهيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري،

چنڊ رات چٽي آهي، ڪڪريون به وسي هليون،
هر بات بڻيــــل آهـــي، مـــن ڪوئي اچي نڪري۔

پن کڙڪيو هوا تي ڪو، يا، سانت ڀريو سڏڪو،
ڪو روح رليـــل آهي، مــن ڪوئي اچي نڪري۔

سڀ پيار ڪري چڪتو، پوريوسين سڀئي پوٿيون،
دل پـــــو به اڙيـــل آهي، مــن ڪوئي اچي نڪري۔

دل خـــام خيــــاليءَ ۾، اکيــــن کـــــي ڌتاري پئي،
هيءَ ان تي هريل آهي، من ڪوئي اچي نڪري۔

هـــن وقت جي پيالي ۾، مڌ پنهنجي حياتيءَ جو،
باقي ڪو بچيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري۔

هن بـــرهه جي بستـــيءَ ۾، ”شمـــشير“ جيهـــو جوڳــــي،
ڪجهه ڏينهن ٽڪيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري۔
 
جواب: سائين محترم شمشير الحيدريءَ لئه دعا ڪريو

سائين ٻاجهارو الله پنجتن پاڪ جي صدقي ۾ کين جلد شفا ڏيندو ۽ سندس هر تڪليف دور ڪندو۔۔
 
جواب: سائين محترم شمشير الحيدريءَ لئه دعا ڪريو

سائين ٻاجهارو الله پنجتن پاڪ جي صدقي ۾ کين جلد شفا ڏيندو ۽ سندس هر تڪليف دور ڪندو۔۔

اڄ ڊاڪٽرن سائينءَ جي ڪمزوريءَ کي ڏسندي، سندس آپريشن ملتوي ڪري سڀاڻي تي رکيو آهي ۔۔۔ مون سائينءَ سان فون تي ڳالهائي لطيف جو بيت ياد ڏياريو ۔۔۔

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجـــي جــــيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحب ڏيـــــج شفـــا، ميان مريضن کــي۔

سنهـــا مَ ڀانءِ سپ، ويــــاءَ واسينگــــن جـــا،
جنين جي جهپيٽ، هاٿي هنڌان ئي نه چري۔
 
جواب: سائين محترم شمشير الحيدريءَ لئه دعا ڪريو

سائين اسان جي دعا سنڌ جي هر عالم اديب لاء هر وقت رهي آهي ۽ رهندي انشاءالله۔ خاص دعا آهي جناب محترم جناب سائين شمشيرالحيدري صاحب لاء۔ ته رب پاڪ کيس جلد از جلد صحتمند بنائي۔ ۽ کيس ايتري طاقت ۽ همت ڏئي جو وري ساڳي طرح سان سنڌي علم ادب جي خدمت ڪري سگهن۔ آمين۔


ڇا کي وَڃيو ڇو، ٻيلِي ٿِئين ٻِـيَنِ جو؟
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو؛
سَؤکو ھُوندو سو، جنھن جو عِشۡقُ اَللهَ سين.
 
جواب: سائين محترم شمشير الحيدريءَ لئه دعا ڪريو

الله تعالي کان دعا آهي ته سائين جن کي صحت و عافيت سان گهر پهچائي ۽ سندن سايو اسان تي تا دير قائم رکي۔
 
Back
Top