• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ نظريا سگهارا ڇو نٿا ٿين؟

رسول بخش جوڻيجو

سينيئر رڪن
سنڌ ۾ نظريا سگهارا ڇو نٿا ٿين؟ سنڌ جون قومپرست ۽ کاٻي ڌر جون پارٽييون سگهاريون ڇو نٿيون ٿين؟ اهڙي قسم جا ٻيا به سوال هر سنڌ دوست ۽ باشعور ماڻهوّ جي ذهن ۾ اڀرن ٿا.
ڪالهه ڀٽائي آرٽس ڪائونسل طرفان سائين عالم شاهه جي سالگرهه جي ڪوٺايل تقريب ۾ اياز لطيف پليجي صاحب ڏاڍي لاجواب تقرير ڪئي. انهن ڳالهين جو هر جواب به اياز لطيف جي تقرير ۾ هو..ته ” جنهن به فڪر سان ، جنهن به نظريي سان جڙيل آهيون ، انهي فڪر سان هميشه جڙيل رهو. اگر سائين جي ايم سيد جي فڪر سان لاڳاپيل آهيو ته انهي فڪر سان سدائين جڙيل رهي، پليجو صاحب جي فڪر سان آهيوتهُ انهي فڪر سان جڙيل ئي رهو، اگر پ پ سان به واڳيل آهيو ته ان سان به جڙيل رهو ائين نه ٿئي بينظير شهيد جو خون لڙهي وڃي، ۽ پ پ ۾ وري لوٽن جو قبضو ٿي وڃو.“
اياز لطيف جي اها ڳاله ڪنهن حد تائين بهتر آهي. ڪنهن به فڪر سان هميشه جڙيل رهڻ ئي انهن نظرين ۽ فڪرن کي وڌيڪ سگهارو بنائي سگهجي ٿو..
 
فڪر سان واڳيل رهڻ ... ڪهڙي ڪم جو؟

اصل ڳالهه آهي ته اوهان فڪر کي عملي جامو پهريايو. جيڪڏهن اوهان وٽ عملي طور سچ ناهي ته پوء فڪر ڪهڙي ڪم جو؟
 
نظريا سگهارا ان ڪري ن ٿا ٿين جو انهن نظرين جا رکوالاپاڻ نظرين سان سچا ناهن،هو فقط نالي ماتر انهن نظرين سان اهن باقي سندن مفاد ٻيا آهن، جڏهن فڪر ڏيندر پاڻ سچا ن هوندات سندن فڪر ڪهڙي ڪم جو.
 
Back
Top