ضلعي ٿر جو مختصر تعارف

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ امين ڀٽي طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2014۔

  1. امين ڀٽي

    امين ڀٽي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري مُلازم
    ماڳ:
    ڪراچي
    ضلعي ٿر جو مختصر تعارف

    فقير بشير احمد لغاري

    وطن پاڪ جي صوبه سنڌ جي ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي واقع هي ضلعو ٿر، هڪ طرف پنهنجي طبعي بناوٽ جي لحاظ کان منفرد ۽ تضاد جو مجموعو آهي ته ٻئي طرف عام ماڻهن لاءِ اڻ کٽ دلچسپين جو مرڪز رهندو پئي آيو آهي خصوصاََ انهن ماڻهن لاءِ اهو تاثر آهي ته هي گرم ۽ تيز ساڙيندڙ لڪن ۽ جهولن جو ريگستاني خطو آهي ۽ آهي به ائين پر جڏهن سارنگ جا ساٺ ٿين ٿا تڏهن اها ڳالهه بنهه غلط ثابت ٿيو پوي هن برپٽ بيابان ولق ودق ريگستان ۾ وسڪاري جي موسم ۾ هر طرف ساوڪ ٿي ۽ چوءَطرف گل وگلزار لڳيو وڃي ۽ واريءَ جي دڙن جو هي ديس ڪشمير ۽ واديءَ سوات جون سڪون لاهڻ ٿو لڳي. تاريخي نقطئه نظر سان هن ضلعي جي قدامت صدين تي محيط نظر ٿي اچي.

    ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ هي ضلعو وقت جي وڏن وهڪرن مان گذريو آهي ڪڏهن برساتن هتي جي زمين کي سر سبز شاداب پئي ڪيو آهي ته ڪڏهن وري ڪڏهن قدرتي آفتن جهڙوڪ: سمنڊ جي پوئتي لهي وڃڻ پر اڻن وهڪرن جو رخ تبديل ٿيڻ جي ڪري هن ضلعي جي جاگرافيائي حالتن ۾ تبديلي پئي آندي آهي مختلف وقتن ۾ هتي موجوده وٽ ۽ پارڪر واري علائقي ۾ ڪيترائي شاندار شهر ۽ بندر هئا جن ۾ تهذيب ۽ تمدن جا چراغ روشن هئا سي اڄ صرف ۽ صرف واريءَ جي عظيم الشان ڀٽن جي صورت ۾ اسان اڳيان نظر اچي رهيا آهن ٿر ضلعو اٽڪل 21000 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. آبادي اٽڪل 9لک اٿس، منجهس ٻه سب ڊويزنون مٺيءَ ۽ ڇاڇرو-چار تعلقا مٺي-ڏيپلو، ننگر پارڪر، ۽ ڇاڇرو آهن، هن ضلعي ۾ 18 سرڪل 45 تپا ۽ 166 ديهون اچي وڃن ٿيون، انگريزن جي آمد کان اڳ هي ضلعو ٽالپورن جي زير اثر هو سندن حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار مير صوبدار خان سان ملي ڀڳت ڪري جيڪا سازش جوڙي هئي، اهو سڄو ناٽڪ مير صوبدار خان اسلام ڪوٽ ۾ ٺاهيو هو جتان پوءِ اها سازش وڌي وڃي وڻ ٿي ۽ اهڙيءَ طرح ٽالپورن جي حڪومت جو خاتمو پنهنجي ۽ پراين جي گڏيل حڪمت عملي سان مڪمل ٿيو،

    برٽش حڪومت جي قبضي کان پوءِ هن علائقي جي انتظامي جوڙجڪ ٺاهڻ لاءِ مٺي ڏيپلي ننگر پار۽ ڪڇ رياست تي مشتمل ضلعو ٺاهيو ويو جنهن جو سياري جي موسم ۾ ضلعي هيڊڪوارٽر ڀڄ، ته وري برساتن ۾ مٺيءَ ۾ رهندوهو . اهڙيءَ طرح ٿرپارڪر ضلعي جو بنياد پيو هتي هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته انگريزن پهرئين پهرئين سال 1834ع ڌاري ننگرپارڪر تي قبضو ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ مان پهريون پهريون خطهِ زمين ننگرپارڪر هو، جنهن تي انگريزن سڀ کان اول قبضو ڪيو.اڳتي هلي سال 1858ع ڌاري هن ضلعي کي ڪڇ کان اڳ ڪري ضلعي حيدر آباد سان شامل ڪيو ويو.


    سال 1860ع ڌاري نون تعلقن جهڙوڪ مٺي، ڏيپلو، ننگرپارڪر ،عمر ڪوٽ، ڇاڇرو، نارو ۽ سانگھڙ تعلقن کي الڳ ڪري مٿن ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر جو نالو ڏيئي، بالا آفيسر طور پوليٽيڪل سپرنٽيڊنٽ مقرر ڪري ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر عمر ڪوٽ ۾ رکيو، اهڙيءَ طرح 1882ع ڌاري ضلعي جي سربراهه کي ڊپٽي ڪمشنر سڏيو ويو ۽ اڳتي هلي ٻه تعلقا پٿورو،۽ سنجهورو پڻ هن ضلعي سان شامل ڪيا ويا تنهن بعد پٿوري ۽ ناري تعلقن کي ٽوڙي، سامارو ۽ کپرو تعلقاٺاهيا ويا. 1896ع ۾ شهدادپور ۽ ديرومحبت (موجوده ڊگهڙي تعلقي جو ڪجهه حصو) کي ٽوڙي هن ضلعي سان ملايو ويو اهڙي طرح ميرپور خاص تعلقي 1901ع ۾ تعلقي ڪوٽ غلام محمد 1904ع ۾ 1906ع ۾ ضلعي هيڊڪواٽر عمر ڪوٽ کان مستقلا ميرپور خاص آندو ويو. 1912 ع ۾ سنجهورو تعلقو ٿرپارڪر کان الڳڪري، نئين ضلعي نواب شاهه ۾ شامل ڪيو ويو ۽ محال ڊگهڙي کي موجوده تعلقي ڊگهڙي جي شڪل ڏئي ٿرپارڪر سان ملايو ويو. تنهن بعد 1953ع ۾ کپرو ۽ سانگهڙ تعلقاهتان ڪڍي ضلعي سانگهڙ کي نئين وجود ڏنو ويو اهڙيءَ طرح اٽڪل ٻه سال ضلع ٿرپارڪرمان مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ننگر پارڪر تي مشتمل نئون ضلعو “ٿر” ٺاهيو ويو اسان جي خيال ۾ هي نالو ٿر جي بجاءِ ٿرپارڪر هئڻ گهرجي.

    طبعي طور هي ضلعو ڍاٽ ڪنٺو، کائڙ، مهراڻو، سامروٽي، ونگو، وٽ، پارڪر ۽ ديرڪ تي پکڙيل آهي.

    پراڻين روايتن مطابق ٿر هزارين سال اڳ سمنڊ جو هڪ حصو هو جتي ڪيترائي بندر هئا، هنن بندرن کان هن خطي جي رهواسين نقل مڪاني ڪري جاوا، سماترا، آفريڪا ويندي، يورپ تائين وڃي پنهنجا ماڳ ٺاهيا اهي تهذيب ۽ وڻج واپار جا آثار جيڪي اٽڪل طور ٻه هزار سال اڳ عروج تي هئا، جنهن جا ڦٽل آثار اڄ به چٽا ۽ صاف نظر اچي رهيا آهن هن علائقي ۾ امراڻو ، هميراڻو، پاري نگر، پتڻ، دنگر، وڳهه ڪوٽ ڪيرٽي نهوٽو کن ليهور، پاتال بندر، وڄوٽو، ويرا واهه ڏوتڙ، ٻلهياري، رهموڪي بازار، ڀوڏيسر، سينگاريو ۽ کڏي وغيره وغيره مشهور آهن.

    انهن سڀني آثارن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هتي مختلف وقتن ۾ مختلف قومن جهڙوڪ راءِ گهراڻي، برهمڻ، پرمار، مڪواڻن، سوڍن، راڻن، راٺوڙن، سمن، داسڙن، مهٽن، ارباب، نهڙين، ڪلهوڙن، ٽالپورن ۽ انگريزن حڪومت ڪئي آهي .هن کي خطئه سر زمين تي ڪيترائي فاتح آيا جن مان سڪندر يوناني، سلطان محمود غزنوي، سلطان محمود ٻيڳڙو۽ علاوءُ الدين خلجي جي فوج کان سواءِ نادر شاهه افشار، مدد خان پٺاڻ وغيره پنهنجا پير پائي اڳتي وڌيا اهڙي طرح هن سر زمين کي اهيو به فخر حاصل آهي ته سيد احمد شهيد ۽ مولوي سيد محمد اسماعيل شهيد جيڪي شهداءِ بالا ڪوٽ جي نالي سان مشهور آهن سي بي کنسر کان، سنڌ جي سرحدن اندر داخل ٿي مٺي پير ڳوٺ، سکر ، سبي، ڪوئٽيا،قنڌار ۽ ڪابل کان ٿيندا، پشاور پهتا هئا آخر ڪار پنهنجن جي غدارين ڪري سکن سان جنگيون ڪندي وڃي بالا ڪوٽ جي پر فضا مقام تي شهادت جو جام پي وڃي هميشه هميشه لاءِ ابدي ننڊي ستا.

    جئين ٿر جو علائقو هزارين سال اڳ سمنڊ ۾ هو مگر گردش ايام جي ڪري يا زلزلن جي ڪري سمنڊ هتان گهڻو پري هيٺ لهي ويو جنهن جو داستان هتي جون واريءَ ڀٽون اڄ به پيون ٻڌائين هتي جون ڀٽون گهڻو ڪري اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه طرف آهن، جهڙيءَ طرح سمنڊ جون لهرون ڏکڻ اوڀر طرف هلنديون آهن اهڙيءَ طرح هتي جون ڀٽون به سمند ڇڏڻ کان پوءِ سامونڊي لهرن وانگر ٺهي پيون آهن ٿر جي مشهور ڀٽن جا نالا هن طرح آهن؛

    لوڻڪي ڀٽ وسيريڙو ڀٽ، ڪاري ڀٽ، ڌنوڙي ڀٽ، ڍوڪائي ڀٽ جهرڪلي ڀٽ، سنهيار ڀٽ، ٻانهياري ڀٽ، ڪڪر ڀٽ، سونياهه ڀٽ، سونيا پهر ڀٽ، هاڏاري ڀٽ ڪسل ڪوٽ ڀٽ ڪيري ناٿ ڀٽ، سانڏهور ڀٽ، جهونڊ بٽ، سامي ڀٽ، ماري واري ڀٽ، ڪيل ڀٽ جيڪا ڀٽ ضلعي ٿر جي وڏي ۾ وڏي ڀٽ آهي جنهن جي اوچائي اٽڪل 550 فٽ ٿيندي، ڪانڪر ڀٽ، سائيٺي جي ڀٽ، ڪوهراڙي ڀٽ سوڍا چار ۽ سما چار ڀٽ گولا ڀٽ، ڪانڪهه ڀٽ ڏوهري پاتا ۽ عالم سر ڀٽ وغيره اهڙي ريت انهن ڀٽن مان ڪيترا ئي لڪ آهن، جتان جملي آمد رفت جاري رهي ٿي. انهن مان پهريون گاڏي وارو لڪ جيڪو نئون ڪوٽ مٺي روڊ تي آهي ۽ جنهن مان پڪو روڊ ڪراس ڪري ٿو، ان لڪ جي اڃان به نئين سر تعمير جي ضرورت آهي. هن لڪ مان مٽي هٽائي هن کي ڊبل روڊ جي شڪل ڏئي وڌيڪ آسان بڻائي سگهجي ٿو. جئين آمد رفت آساني سان جاري رهي سگهي.

    اونڌيو لڪ جيڪو اسلام ڪوٽ ننگر پارڪر رستي آهي جنهنجي کي به اڃان ڪافي مرمت جي ضرورت آهي.

    اهڙي طرح مور لڪ اٺ لڪ ڪاسائي لڪ ٿوهرن وارو لڪ چانگي جو ٽونڪ اساٻو لڪ موڙو لڪ ڦيلڻو لڪ، ڏيڏيو لڪ ٽهرو ئو لڪ، ڪونهيلو ڪل، پاتال لڪ لس جو لڪ چڙيل جو لڪ لاڪوڙي جو لڪ ڊاڀي جو ڪل ڀوڄا سر لڪ، ۽ سڦوران لڪ اچي وڃن ٿا، ٿر جي ڀٽن جون به ڪيتريون ئي شڪليون آهن. اهڙي طرح مٿانئن جدا جدا نالا آهن. جهڙوڪ ڀٽ، دڙو، مٿاري، تڙڪول، گوڇار، ٻڪڙ، پوڇانڊو، ٽونڪ،مڇ ، ڳارو، نوڻ، پاساڙو، ٺاڪو، مگرو، دٻو، پاج، لينجهه، ڏرڙ، ڳاٺوڙ، ۽ لانجهو وغيره. اسپين جي تباهي و بربادي وقت انهيءَ عهد جي مشهور شاعر صالح بن شهيد ندوي هڪ اثر انگيز مرثيه لکيو هو جنهنجو هڪ شير عربي ۾ هن طرح آهي.

    يمزق لدهر حتما کل سيف حّده

    ان ڪان ذي يزن والغمد غمدان

    ترجمو: زمانو هر تلوار جي لوهه کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو، چاهي اها تلوار يزن جي ڇو نه هجي ۽ ان جي مياڻ مضبوطي ۾ غمدان جي ڇو نه هجي.

    انهي جي مصداق زماني جي بيرحم هٿن ڪيترن ئي ڀريل و آباد خطن کي برباد ڪيو، آباديون ويرانين ۾ تبديل ٿي ويون، جتي ڪڏهن بهترين بندر عاليشان شهر ۽ پايه تخت هئا، اتي اڄ واري جا وڏا وڏا ڍير ۽ ريت جو لامتناهي سلسلو اکين اڳيان آهي.

    ٿر جون موجوده حدون درياهه هاڪڙو ۽ ريڻي جي درميان آهن. ڪنهن وقت هي علائقو سياحت تهذيب و تمدن واپار ۽ فوجي حيثيت جي مالڪ هجڻ سبب ڏيهان ڏيهه مشهور هو. هي زمين هزارين سال پنهنجي باغ و بهاري ڏيکارڻ بعد اهڙي ته ويران ٿي جو بهاري جي بدلي کيس ويراني نصيب ٿي. ان مان ڪي اهڙا ماڳ به هئا جي ڪي تباهه ٿيڻ بعد به نه صرف اسان جي تاريخ جي شاندار روايات کي پنهنجي دامن ۾ سانڍيو اچن، پر اسان جي قومي عظمتن ۽ مذهبي رفعتن کي به نروار ڪريو اچن. زوال جي هن سلسلي ڪري هجي تي عظمت رفته جو سڄو ڍانچو اچي پٽ پيو هتي جي تمام آب و تاب واري جي شڪل ۾ تبديل ٿي پئي. مادي و فوجي طاقت جو جيڪو رنگ هو سو سڀ آهستي آهستي هلي ويو، پاڻي جي ڪمي ۽ برساتن نه پوڻ ڪري هي علائقو آهستي آهستي هڪ وسيع ريگستان ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن جي ڪري نه اهي تجارت واپار جا شور هنگاما نه وري علم معرفت جي هنگاما پروري ۽ طبل و جنگ جا شور نه تصوف ۽ روحانيت جا ذڪر و وفڪر البته هتي جي ٿر واسين جو ڏڪار توڙي سڪار ۾ توڪل تي ترهو لکين گردشن بعد به اڃا تائين برقرار آهي ۽ اها ئي هري جي ٿر واسين جي دائمي شهرت آهي، جو هنن هن وسيع ريگزار ۾ زنداهه رهڻ لاءِ وسيع جتن ڪيا آهن. جيڪڏهن توهان کي صبر شڪر مهمان نوازي ۽ توڪل ڏسڻو آهي ته اچي هتي ٿر جي رهواسين ۾ ڏسو جتي مٿي آسمان ۽ هيٺ واري تڏهن به هر وقت توڪل بر خدا.

    هن ضلعي جون مکيه خصوصيتون هن طرح آهن.

    1. صوبه سنڌ جو هي واحد ضلعو آهي جنهن جو نالو ڪنهن شهر يا ڳوٺ جي نالي جي بدران طبعي حالتن تي آهي.

    2. ايراضي جي لحاظ سان هن ضلعي جو تعلقو ڇاڇرو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو تعلقو آهي. پر ڪيترن ضلعن جي حدن کان به گهڻو پکڙيل آهي.

    3. صوبه سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ سرحد ڀارت سان ٻه طرفي هن ضلعي جي ملي ٿي.

    4. هن ضلعي ۾ قديم آثار سنڌ جي جملي ضلعن کان وڌ ۾ وڌ آهن.

    5. سنڌ جي سابقه ٽالپر حڪمرانن جا جوڙايل قلعا هن ضلعي ۾ وڌيڪ آهن.

    6. پاڪستان جي ڪيترن ئي صوفي شاعرن هن ضلعي جي ڪيترن ئي شهر، ڳوٺن، بندرن، ڏهرن، ماڳن ۽ وٿاڻن جو گهڻي ۾ گهڻو زڪر ڪيو آهي.

    7. اٽڪل 300فٽن تائين اونها کوهه هن ضلعي ۾ آهن.

    8. چورس کوهه به هن ضلعي ۾ ملن ٿا.

    9. برصغير پاڪ و هند جو سر سبز ريگستان ٿر ضلعي کي چون ٿا.

    10.پاڪستان ۾ گهڻي ۾ گهڻيون لوڻ جو کاڻيون هن ضلعي ۾ ملن ٿيون.

    11. گاهن، ٻوٽن، ولين جا گهڻي ۾ گهڻا قسم هن ضلعي ۾ آهن.

    12. نانگن بلائن جا ڪيترائي قسم هن ضلعي ۾ آهن.

    13. ساڳين نالن واريون نسلي طور هندو، مسلم ذاتيون اڪثر هن ئي صلعي ۾ آهن ۽ اقليتن جو وڏي ۾ وڏو تعداد هن ضلعي ۾ رهي ٿو.

    14.سنڌ جا گهڻي ۾ گهڻا نيم تاريخي عشقيه داستان جهڙوڪ ڍولا، مارو، ليلان چنيسر، عمر مارئي ، مهراراڻي لاءِ لاکو، سڏونت سارنگا جو تعلق هن ضلعي سان آهي، سنڌي ادب جون گهڻي ۾ گهڻيون لوڪ ڪهاڻيون هن ضلعي سان وابسته آهن.

    15.زيورن جا گهڻي ۾ گهڻا قسم به هن ضلعي ۾ آهن.

    16. گهڻي ۾ گهڻا قدرتي تلاءُ هن ئي ضلعي ۾ آهن.

    مٿي ڏنل سڀني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اهوعرض ڪجي ٿو ته هن ضلعي جي ترقي لاءِ ترت ڪي جوڳا اپاءُ ورتا وڃن؛

    مٺيءَ کان ڏيپلي رستو ترت مڪمل ڪرايو وڃي.

    مٺيءَ کان ننگر پارڪر رستو ٺهرايو وڃي.

    مٺي ڇاڇرو روڊ ٺهرايو وڃي.

    ڇاڇرو ننگر پارڪر روڊ ٺهرايو وڃي.

    ماربل چائنا ڪلي تي ٽيڪس وغيره نافذ ڪري ضلعي جي آمدني وڌائي وڃي. لوڻ کاڻين مان لوڻ ڪڍرايو وڃ ۽ پارڪر ۾ ڊيم ٺهرايو وڃي.


    تاريخ ۽ قديم آثار

    ٿر ۾ جين ڌرم

    ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌي

    هندستان ۾ هندو ڌرم جي ردعمل ۾ ٻه تحريڪون وجود ۾ آيون اهي هيون ٻڌمت ۽ جين مت جون تحريڪون. ٻڌ ۽ جين تحريڪن اڳتي هلي ٻن جدا جدا ڌرمن جي صورت اختيار ڪئي، يعني ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وجود ۾ آيا. جين ڌرم جي تحريڪ ٻڌ ڌرم جي همعصر آهي، پر ٻڌ ڌرم جي تحريڪ کان 30 سال پوءِ شروع ٿي. ٻڌ ڌرم هندستان کان سواءِ ٻاهر ٻين ملڪن ۾ به ڦهليو. جهڙوڪ چين، جپان، ٿائيلينڊ، برما وغيره البته جين ڌرم هندستان کان ٻاهر ڪون پکڙيو، ٻڌ ڌرم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ به پهتو، ۽ سنڌ جي رهواسين جي وڏي اڪثريت ٻڌ ڌرم قبول ڪيو، ان جي ڀيٽ ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ فقط “ٿر” ۾ ملن ٿا. جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ هي ڌرم ٿر ۾ وڌيڪ اثر انداز رهيو.

    ٿر ۾ جين ڌرم جي آثارن ۽ اهڃاڻن جو احوال ڏيڻ کان اڳ ضروري آهي ته جين ڌرم جو تعارف ڏنو وڃي.

    جين ڌرم جو نيتا: جين ڌرم جي عقيدي موجب (جين) تمام پراڻو ڌرم آهي. موجوده جين ڌرم جي باني “مهاوير” کان اڳ 23 ڌرم نيتا ٿي گذريا آهن. جن مختلف زمانن ۾ جين ڌرمن جو پرچار ڪيو جين ڌرم جي روايتن موجب انهن جون عُمريون ناقابل يقين جي حد تائين ڊگهيون هيون ۽ هو انتهائي ڊگهي قد وارا هئا. انهن جا نالا هي آهن.

    1 -رشڀ ناٿ

    2 -اجيت ناٿ

    3 -سامير

    4-اڀنيون

    5 -سمي

    6 -پدم پرڀا

    7 -سپر شو

    8-چندر پرڀا

    9 -پشپ دلت

    10 -سيتل

    11-شري انشا ناٿ

    12 -واسو پوجيه

    13 -ڍمل

    14 -اننت

    15-ڌرم

    16 -شانتي

    17 -ڪنٿو

    18-ارا

    19 -رلي

    20 -مني سورت

    21-نمي

    22 -نيمي

    23 -پارسوناٿ

    هڪ روايت موجب مٿين ڌرم نيتائن مان يارهون نمبر ڌرم نيتا يا “ٿرٿئڪر” “شري انشا ناٿ” جو جنم سنڌ ۾ ٿيو. هن سنڌ ۽ هِند ۾ پنهنجي ڌرم جو پرچار ڪيو ۽ اولهه بنگال ۾ پران تِيا ڳيائين. هن جو زمانو 15سوء سال عيسوي سن کان اڳ جو آهي.

    مهاوير

    جين ڌرم جي عقيدي موجب موجوده جين ڌرم جو باني “مهاوير” آهي مهاوير جو اصل نالو “ورڌماڻ” هو سندس پي جو نالو “سرهارته” هو جيڪو “ڪندا پور” ۽ “تير ساله” جي قبيلي “جڻاٿ” جو راجا هو انهي ڪري مهاوير کي “ورڌماڻ جٿا تپترا” سڏيو ويو آهي، هو “وديها” جي گادي جي هنڌ “ويسامي” ۾ ڄائو جين ڌرم جي روايتن موجب هن جو ديهانت 545 ق_م ۾ ٿيو ٻئي اندازي موجب هو 599 ق_م ۽ 527 ق_ م جي وچ واري زماني ۾ جيئرو هو انهي زماني ۾ هندستان ۾ گوتم ٻڌ، چين ۾ ڪنفيوشس ۽ لائوزي ، ايران ۾ زرتشت، ۽ عربستان ۽ فلسطين ۾ حضرت اسماعيل ۽ حضرت اسحاق پنهنجن پنهنجن مذهبن جي تبليغ ۾ مصروف هئا.

    ورڌماڻ جئين ته وڏ گهراڻي ۾ ڄائو هو انهيءَ ڪري ابتدائي جواني جو زمانو ڏاڍي ايش، آرام سک ۽ آسودگي ۾ گذاريائين، جڏهن 30 سالن جو ٿيو ته دنيا ترڪ ڪري ٽيويهين ڌرم نيتا “پرسوناٿ” جو طريقو اختيار ڪيائين 12 سال اگهاڙو رهيو ۽ راهبانه زندگي اختيار ڪيائين، انهي زماني ۾ جهنگن ۾ گهمندو ۽ رلندو رهيو. جانورن ۽ ماڻهن جي ڌِڪن ۽ ٿاٻن جي ڪري سندس جسم کي ڪيترا ئي زخم رسيا پنهنجي جان تي ڏک ۽ سور انهيءَ ڪري سٺائين ته جيئن هن کي پنهنجي جسم ۽ نفس تي ضابطو ٿئي.

    جڏهن هن کي يقين ٿيو ته کيس پنهنجي پاڻ تي ضابطو ٿي ويو آهي تڏهن هو رياضت جي تيريهين سال سماجي زندگيءَ ڏانهن موٽي آيو ۽ ڌرم نيتا ٿي پنهنجي ڌرم جو پرچار شروع ڪيائين، هن هڪ غير معروف وستي جي “ڀاڪا گرام”(اجوپا لگا درياءَ جي ڪناري تي آباد هئي ) ۾ اچي ديرو دمايائين ان وقت کيس حقيقي گِيان حاصل ٿي چڪو هو، جنهن کي “ڪيول جتاتا” سڏيو ويندو هو، هن نئين مذهب “نرگرنٿا” جو پرچار شروع ڪيو جنهن کي عام طرح جين ڌرم سڏيو ويو، “جين” جو مطلب آهي فاتحن جو ڌرم، جين ڌرم جي فرقي “سويتامبر” موجب هن وڪرمي سنبت کان 470 سال اڳ پرچار شروع ڪيو “ڊگمبرا” فرقي موجب هن وڪرمي سنبت کان 605 سال اڳ پرچار شروع ڪيو، هن 30 سال پنهنجي ڌرم جو پرچار ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجو پوئلڳ بڻايائين، ان سلسلي ۾ هن “انڪار ويحا” ۽ “مگڌ” جو سفر ڪيو مگڌ جي مشهور حڪمران “ميسيار” ۽ ان جي پٽ “اجاتا استرو” سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪيائين. جين توڙي ٻڌ روايتون انهن ٻنهي حڪمرانن کي پنهنجي پوئلڳن ۾ شامل ڪن ٿيون انهن کان سواءِ هو ٻين علائقن جي راجائن سان به مليو ۽ ڌرمي پرچار ۾ چئن راجائن جو سهڪار حاصل ڪيائين ڪن هنڌن تي وڏو اثر حاصل ڪيائين. اهڙي طرح هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هي ڌرم ڦهليو. مهاوير 72 سالن جي عمر ۾ ڏکڻ بِهار جي شهر “پاوا” ۾ پران تياڳيائين.

    جين ڌرم جا متا

    ان زماني ۾ “نرواڻ” جو مسئلو مشهور هو “مهاوير” “نرواڻ” جا ٻه طريقا بيان ڪيا اهي هئا، “سلبي” ۽ “ايجابي” “سلبي” ذريعو هي آهي ته پنهنجي دل مان هر قسم جون خواهشون ۽ تمنائون ڪڍي ڇڏڻ. ڇاڪاڻ جو خواهشون ۽ تمنائون ڏک ۽ غم جو باعث بڻجن ٿيون، مهاوير جي سکيا موجب نرواڻ جو ايجابي طريقو هي آهي ته انسان جا عقيدا عمل ۽ علم صحيح هجن هن عملن جي درستگي جو بنياد هيٺين پنهنج ڳالهين تي رکيو آهي .

    1 -اهمسيا (آزادي) يعني ڪنهن به ساهه واري کي نه مارجي ۽ نه تڪليف ڏجي

    2 -ستيام يا سڌو رستو : سڌي رستي تي هلجي ڪنهن کي به نه ڏُکائجي هر ڪنهن سان ميٺ محبت سان هلڻ گهرجي.

    3 -استيام: چوري ۽ پرماريت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.حِلال روزي ڪمائجي۽ ٻين جا حق هضم نه ڪجن.

    4 -برهم چاريت(پاڪ دامي): يعني پاڪائي واري زندگي گذارجي

    5 -اپري گراهه (مادي لذتون): يعني حواسن (ٻڌڻ، ڏسڻ، سنگهڻ ۽ چکڻ)کي قبضي ۾ رکڻ انهي ڪري جو مادي لذتون انسان جي گمراهي جو باعث بڻجن ٿيون.

    جين مت ڪنهن به مافوق الفطرت تخليق ڪندڙ قوت جا قائل نه آهن هنن جي عقيدي موجب خدا انسانن جي روح ۾ سمايل لياقتن ۽ صلاحتن جي جِلا تڪميل ۽ اظهار جو ٻيو نالو آهي مهاوير ويدن جي نظريه روح جو به مخالف آهي، هن اها سکيا ڏني ته انسانن کي ڪنهن انسان يا ڪنهن شئي جي پوڄا نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه هو پنهنجي خواهشن کي ضابطي ۾ رکي زندگي گذاري ڪنهن کي به ڏک نه ڏئي نه ئي ڪنهن جي پوڄا ڪري، مطلب ته هن بت پوڄا انسان يا ڪنهن ٻئي شئي جي پوڄا کان روڪيو ان هوندي به بعد ۾ سندس پوئلڳن سندس بت ٺاهي ان جي پوڄا شروع ڪئي. البته ساهه وارن کي مارڻ يا تڪليف نه ڏيڻ واري اصول تي جين ڌرم جا پوئلڳ اڄ تائين قائم آهن، هو ڪنهن به ساهه واري جو گوشت نه واپرائيندا آهن وات ۽ نڪ تي سنهو ڪپڙو ٻڌندا آهن ته جئين ڪو تمام ننڍڙو ساهه وارو به وات ۽ نڪ ۾ هليو نه وڃي هو پيرن اگهاڙا گمندا آهن ته متا ڪو جيت جڙو جتي جي زور تي چيڀاٽجي مري وڃي.

    جين مت جا فرقا

    “چندر گپت موريا” جي زماني، ڪپڙن پائڻ جي مسئلي تي جين ڌرم جا ٻه فرقا ٿيا هڪ فرقي جو نالو “سوتيامبر” آهي هن فرقي وارا اتر هندستان ۾ رهائش پزير آهن ۽ سفيد ڪپڙا پائيندا آهن ۽ ٻيو فرقو ڏکڻ هندستان ۾ رهي ٿو ۽ ان جو نالو “ڊگمبر” آهي هي ڪپڙا بلڪل ڪون پائيندا هئا ۽ اگهاڙا رهندا هئا، مسلمان جڏهن ڏکڻ هندستان جا علائقا فتح ڪيا ته هنن “ڊگمبر” فرقي وارن کي ڪپڙن پائڻ تي مجبور ڪيو هڪ پراڻي فوجيءَ (انگريزن جي زماني ۾ ڏکڻ هندستان ۾ ملازمت دوران رهيو هو) ان ٻڌايو ته هي ماڻهو گهر کان ٻاهر ته ڪپڙا پائي هلندا آهن ۽ ڪم ڪندا آهن پرگهر ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪپڙا صفا لاهي ڇڏيندا آهن ۽ اگهاڙا رهندا آهن پوءِ توڙي جو ڪيڏا به پڙهيل ۽ ڪيڏي به وڏي ملازمت وارا ڇونه هجن.

    “ڀدر باهه ”ڊگمبر فرقي جو وڏو پيشوا ٿي گذريو آهي، جنهن جو ديهانت 357ق -م ۾ ٿيو سن 83ع تائين هي فرقو اوج تي هو انهن ڏينهن ۾ هن فرقي جو پيشوا “سوڀرتي” هو، هن ٻن مکيه فرقن ۾ وقت پٽاندر ٻيا فرقا به ٺهندا رهيا،

    جهڙوڪ؛

    کرتر: هن جو بنياد “ورڌماڻ” جي شاگرد “جنسيور” 967ع ۾ وڌو البته ڌرم ساگر “جيندت آچاريه” کي ان فرقي جو بنياد وجهندڙ سڏي ٿو.

    آئوچل گچيڇ: هن فرقي جو بنياد 1104ع ۾ پيو جيڪو “چندر گچيڇ” فرقي جو شاخ هو.

    پرڻي يڪ پڪش: چندر پرڀا آڇاريا چتر درسيا پڪش جو جڏهن جاءِ نشين ٿيو تڏهن هن نئين فرقي “پرڻي يڪ پڪش” جو بنياد وڌو

    لمپاڪ: هن فرقي جو بنياد 1451ع ۾ پيو هن فرقي جي شاخ “وشڌو” جو بنياد 1477ع ۾ پيو: 1511ع ۾ لمپاڪ فرقي جي شاخ “ناگپوريه” جو بنياد “روپ رشيءَ” وڌو، هو “مالساڊو” ڳوٺ جو رهاڪو هو هن جي پوئلڳن پنهنجي لاءِ پنهنجو نالو “ناگپور” اختيار ڪيو، انهي ڪري ته جئين هنن کي “اندر” ڳوٺ جي روپ رشيءَ جي پوئلڳن کان الڳ حيثيت رهي.

    ڪٽڪ: هن فرقي سن 1507ع ۾ ترقي ڪئي،

    پاسچندر: هن فرقي جو بنياد 1515ع ۾ پيو.

    جين ڌرم جا ڪتاب:

    چوٿين صدي قبلِ مسيح جي آخر ۾ ڏکڻ بِهار ۾ ڏڪر پيو جنهن ڪري “ڀورڀا هُو” جي اڳواڻي ۾ جين ڌرم وارن جو وڏو انگ ميسور ۽ ان جي پسگردائي ۾ وڃي آباد ٿيو، جيڪي جيني “پاتلي پترا” ۾ رهيا انهن هڪ ڪائونسل قائم ڪئي ته جيئن مقدس ڪتابن کي نئين سر مرتب ڪيو وڃي، هن ڪائونسل 12انگس ڪتاب تيار ڪيا سوتيامبر فرقي جي روايتن موجب ڪائونسل جو تيار ڪيل انگس جو مجموعو “ڀدرباهُه” جي پيشوائي جي ڏينهن ۾ مرتب ٿيو، سن 139ع ۾ جين ڌرم وارن پنهنجون ڌرمي ڳالهيون لکت ۾ آڻيون هنن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته اصل ۾ اهي ڳالهيون 545 ق م ۾ لکيون ويو هيون، جيڪي وري نئين سر لکيون ويو آهن 453ع ۾ ڌرمي ڪتابن تي آخري نظر ثاني ڪئي وئي، ان مقصد لاءِ ولي ڀائي گجرات ۾ ڪائونسل قائم ڪئي، انهي ڪائونسل جي “دور ڌيگڻن” ۽ “ڪشما سرمڻ” جين مت جا سمورا متا گڏ ڪري انهن کي ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪيو.

    آساڌر پٽ سڪلشن، “سپا دلڪش” جو رهاڪو هو،1235ع ۾ ايتلتمش جي ڏينهن ۾ جڏهن اهو علائقو مسلمانن فتح ڪيو ته هو مالوا ۾ اچي رهيو اتي جين ڌرم جا متا سکيا ۽ جين مت جي سکيا بابت “ترشش ٽسمڙتي” نالي ڪتاب لکيو.

    مطلب ته جين ڌرم جي لکتين کي “انگس” سڏيو ويندو آهي، جنهن جي معني! آهي قائدا يا هدايتون انهن کي سڌانت به چيو ويندو آهي جنهن جي معني! آهي خزانه ، پهرين انگا کي “ايارانيا سوتر” سڏيو ويندو آهي اصل ۾ انگس (جسمن) جو تعداد 12 هو، پر انهن مان 11 ملن ٿيون ٻارهين گم ٿيل آهي ٻئي انگا جو نالو “سوتر ڪرتر تڻگا” آهي ٽين مکي “انگا اتراڌياڻ سوتر” آهي. مستند انگس جي تعداد بابت جين ڌرم جي فرقن ۾ اختلاف آهي. “سٿنڪواسي” فرقي موجب فقط 33 انگس مقدس آهن ۽ مستند آهن سوتيامبر فرقي موجب مقدس انگس جو تعداد 45 آهي، باقي ٻيا فرقا 84 انگس کي مقدس ۽ معتبر ليکين ٿا، انگس ان علائقي جي پراڪرت (پالي)۾ لکيل آهن، ۽ انهن جي شرح سنسڪرت ٻولي ۾ لکيل آهي هتي ڪن انگس جو ترجمو ڏجي ٿو.

    “جيڪو ماڻهو ساهه وارن کي ايذائي ٿو ان ڌرم جي حقيقت کي نه سمجهيو ۽ ڏوهه جا ڪم نه ڇڏيائين جيڪو ماڻهون ساهه وارن کي تڪليف نه ٿو ڏئي ان ڌرم جي اصولن کي سمجهيو ۽ ڏوهه گناهه ڄڻ ڇڏي ڏنيائين.

    ڄاڻي ٻجهي سياڻي ماڻهو کي ساهه وارن کي ڏکوئڻ نه گهرجي نه فقط ايترو پر هن کي ٻين لاءِ به اهڙن ڏوهن ڪرڻ جو سبب پيدا ڪرڻ نه گهرجي ۽ ٻين کي اهڙين خطائن ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي جيڪو ماڻهو ساهه وارن کي ايذائڻ وارن ڏوهن جا سبب ڄاڻي ٿو اهو نرواڻ وارو آهي.

    چونڊ؛ ڪتاب (ٿر)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي ڄاڻ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو