همدردي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ آدرش ڪليري طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2014۔

  1. آدرش ڪليري

    آدرش ڪليري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ايمپلائي
    ماڳ:
    سائيٽ ايريا ڪلاچي ، سنڌ
    ادا، ٿوري جاءِ ته ڏجو، مان به بيهان.
    25 سالن جي ٺاهوڪي نوجوان آهستي چرندڙ بس جي در تي بيٺل ٻن نوجوانن مان هڪ کي چيو.
    ڪاٿي ويندين؟ ٻنهي مان هڪ پڇيو.
    او هن اڳين موڙ تي لهندس. هن آهستي آهستي ڊڪندي چيو، ڇو ته بس ڪجھ تيز ٿي هئي.
    اهو موڙ ته ويجھو آهي ۽ بس ۾ جاءِ به ڪانهي. ڪاٿي بيهندين؟
    جڏهن ته بس ۾ ڪافي جاءِ هئي. نوجوان جي منهن تي مايوسي جو تهه چڙهڻ لڳو، جو هينئر بس ڪافي تيز ٿي چڪي هئي ۽ هو بس کي نه ٿي پهچي سگھيو.
    ڏسو ته ڪيڏي نه سستي ۽ ڪاهلي اسان جي قوم ۾ گھر ڪري وئي آهي.“ ٻنهي مان اڳيان بيٺل چيو، ڇا، اڌ فرلانگ کن پنڌ جو به نه ٿيندو ۽ اهو به بس ۾ سفر ٿو ڪجي!
    اهڙي بي همتي به اسان نه ڏٺي، ۽ نه ٻڌي.“ پٺيان بيٺل جوان ها ۾ ها ملائيندي چيو.
    ڪهڙو نه ڳڀرو جوان هو، هي سٽ کن پنڌ جيڪر ٻن منٽن ۾ ڪري وڃي،“ پهرين چوڻ شروع ڪيو، اها ئي آهي سستي، جا اسان جي وڏي ۾ وڏي دشمن آهي. هاڻي انهن حالن تي اسان ڪيئن ترقي ڪري سگھنداسون؟
    پنهنجي قوم جي پٺتي هجڻ جو ڏاڍو خيال هوس، شايد ڪاليج جي ليڊر ٽائيپ شاگردن مان هو، ڏس، هنن نوجوانن جو حال ڏس! ڇا ته پنڌ جو ٽڪرو هيو ۽ ڇا پُٽ بس تي چڙهي هلندو. اي ڪاش! هن کي اهو احساس پيدا ٿئي، ته اها سستي سمنڊ جي گھراين ۾ طوفان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ڪاش! هي بيدار ٿين، ڪاش همت کان ڪم وٺن، ڪاش محنت ڪن، ڪاش.
    گاڏي موڙ مڙڻ لڳي ۽ ٻئي ٽپو ڏئي لهي ويا.
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڪاش اسان سستي ۽ ڪاهلي مان نڪري بيدار ٿيون!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو