ڍول گھراڻو جي ڏنل شاعري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ khadimghirano
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

khadimghirano

سينيئر رڪن
گيت ڍول گھراڻو

هي دنيا سڏي قومن جو مون کي ٿي پيغمبر

پر يار منهنجي سورن جو آهي وڏو دفتر .

پورو پگھار ڪونهي پيٽ جي لئه ته پيارا

گذرن ٿا ڏڪندي سڙندي ڪئي سيءَ ۽ اونهارا

بس حال بڻيا هيڻا مسڪين ٿيس ماستر .

قرضن ۾ جيءُ جلڙيل جيون سڄو اوڌارو

ٻيو اک جي اڙيءَ جو ناتو لڳو نيارو

سورن سٽي ته من کي موئن جو ڪيو کنڊر .

بس ٺاهه جي ٺڳيءَ ۾ ٺهندا هلون پيا ٽلندا

جھريل جند جوڙي جڳ سان جيون پيا جڙندا

مرڪن جا ثمر ارپي ڏکن سان ڀري اندر .

سوچن کي مان سمحاري همت کي ٿو اٿاريان

تڪليف سمجھي تقدير تدبير سان سنواريان

قسمت جي ڪارسازيءَ جو آهيان مان تونگر .

منهنجي به دل ٿي ڏڙڪي ڪنهنجي ساهه ۾ سموئجي

ٺول روح جي ٻسيلي ڪو رمز تي به ريجھي

من جي مساڻ ڌرتي محبت سان بنجي مندر .
 
Back
Top