عبدالغني لوهار
سينيئر رڪن
فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“
تارڪ الدنيا علامہ محمد هدايت علي صاحب ”تارڪ“ علوي رحمت الله عليہ، فقير روشن ضمير، هفت زبان شاعر و اديب نظم و نثر جي ننڍن وڏن 200 ڪتابن جو مصنف ۽ مترجم هو.
صاحب موصوف صوبهءِ سنڌ جي انهن باڪمال و برگزيد مشهور هستين... مان هو، جن تي سر زمينِ سنڌ کي تاقيامت بجا طور فخر و ناز رهندو.
تارڪ صاحب يڪ وقت عاشق، صادق، صوفي، فقير، مولوي، حافظ، قاري، خطيب، خوش نويس، عابد، زاهد، شب خيز، صوم و صلواة جو پابند، علمِ نجوم، علمِ جفر، علمِ رمل، علم قيافه، علم طب جو ماهر هو. خوشرو، خوش مک، خوش خو، خوش فڪر، خوش خوراڪ، خوش پوشاڪ، زنده دل ۽ حاضر جواب هو. ڪشف القلب ۽ ڪشف القبور تي به عبور حاصل هوس. هن جو پاڻ تي، پنهنجي نفس اماره تي پورو قبضو هو.
ترڪ ڪر ”تارڪ“ تعلق دنيوي،
ٿي مجرد، ڪر قلندر وار رقص.
ابتدا ۾ ”نجفي“ تخلص سان شعر چوندو هو، سنه 1917ع سائين صفي الله صاحب نقشبندي سجاده نشين درگاهه نوشهروفيروز ۾ جي دستِ حق تي بعيت ڪري، وحدت جي واٽ ورتائين. سنه 1918ع ۾ جناب سلطان علي صاحب ”سالڪ“ علوي ڏانهن رجوع ٿي، نجفي مان تارڪ بڻجي، علمِ عروض تي عبور حاصل ڪيائين. پاڻ امير گهراڻي جو صالح ۽ باڪمال فرد هو، مگر تارڪ تخلص هن جي طبيعت تي گهرو اثر ڪيو، جو هو آرائش ۽ زيبائش سان تعلق ختم ڪري، راحت و آرام ڦٽائي، دنيوي لذتن کي لت هڻي، دنيا ۽ دنيا جي مسرتن کان منهن موڙي، اهلِ دنيا سان ناتا ۽ رشتا ڇني، ڀريو تريو گهر ڇڏي، اباڻي ۽ اميراڻي ترڪي کي ترڪ ڏئي سراپا تارڪ بڻجي ويو:
ترڪ دنيا، ترڪ عقبيٰ، ترڪ موليٰ، ترڪ، ترڪ،
عشق آديسين کي عالم ۾ رسايو هي بلاغ.
ڪنهن وقت تي اهڙي محويت ۽ اهڙو استغراق جو عالم هوندو هوس، جو نه پنهنجي خبر، نه وري آئي وئي جو پتو. مستي جي عالم ۾ وار اُڀا ٿي ويندا هئس، سچل ثاني الائي ڪهڙا ڪهڙا مخفي راز ۽ پوشيده اسرار آشڪار ڪندو هو، جن جي ٻڌڻ سان اهلِ دانش دنگ رهجي ويندا هئا:
من خدا جـي ماهـيت معلوم ٿي دل جان کي،
هاڻ مان ڪهڙو ڪريان اقرار عبديت سندو؟
تارڪ صاحب قادرالڪلام ۽ زودگو شاعر هو، الفاظ هن جي اشاره جا محتاج ۽ منتظر هوندا هئا. هي وحدت الوجود جو حامي، همه اوست جو قائل ۽ حامل هو. هن جي ڪلام و بلاغت نظام تي تصوف جو رنگ غالب، هر شعر مان معرفت جي موتين جي جهلڪ ۽ جوت نظر ايندي. صوفيا ڪرام ۾ هي پهريون ۽ پويون شاعر آهي، جنهن علمِ عروض تي پنهنجي شاعري ۽ فڪر جو بنياد رکيو آهي.
هن شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، مادهء تاريخ ڪڍڻ ۾ خاص ملڪو حاصل هوندو هوس، صنائع و بدايع تي ڪافي کان زياده ڪلام چيو اٿس، انهيءَ سلسلي ۾ ڪوبه سنڌي زبان جو شاعر هن جي مدِ مقابل نٿو اچي سگهي.
هن عشق جي اوتار شاعري جي معرفت، دنيا کي معرفت ۽ حقيقت، شريعت ۽ طريقت، امن ۽ آتشي، صلح ۽ مساوات محمدي، انسانيت ۽ اخوت، اخلاق ۽ ادب جو پيغام پهچايو آهي، هن کي پنهنجي فڪر ۽ فن، ملفوظات ۽ ارشادات تي ڏڍ ۽ ناز هو. تڏهن ته شاهه صاحب وانگر سِر منبر شاعرانه تعلي ڪندي فرمائي ٿو:
پيغمبري جو ختم زمانو ٿيو آهي،
نه ته مون مٿي نازل ٿيو فرقان سخن جو.
فيس بوڪ تان ورتل

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: